ڳجهارت(انگريزي: Riddle) لفظ سنسڪرت جي لفظ “ڳھه” ارٿ مان نڪتل اھي. جنهن جي معنيٰ ڳجهو يا اونهو مطلب آهي. يعني تمام اونھي مطلب واري حقيقت، جنھن ۾ ڪو راز رکيل ھجي. ”ڳجھارت“ پروليءَ جو ھڪ ڳوڙھو نمونو اھي، جنھن کي ڀڃڻ لاءِ پختن خيالن ۽ عمدن دليلن جي ضرورت اھي. جيتوڻيڪ کجھارت جو سنگ بنياد پروليءَ تي ئي اھي، پر سٽاءَ جي لحاظ کان ٻنھي ۾ فرق اھي. پرولي ڀڃڻ لاءِ ٿورو اشارو مليل ھوندو آھي، پر ڳجھارت ۾ حافظي ۽ ڄاڻ کي وڏو دخل آهي. بي سري ڳجهارت کي سگهڙ اهميت نه ڏيندا آهن، پر سُريلي يا سُر واري ڳجهارت کي مڃيو ويندو آهي. ڳجهارت پائي سان بند سان ڀڄندي آهي. ان ۾ مذڪر ۽ مونث کي نرنان ۽ نار چئبو اھي. سگھڙ عبدالغکور منگيءَ جي ھڪ کجھارت جو مثال ڏجي ٿو: ڏيڻي: ولايت جي شھر ۾، نالي اکواڻ سان، ا جي ۾، مردن جي ڪئي! ھيءَ ڳجھارت ڇھن پاون جي اھي، جي هن ريت آهن: (1) ولايت: ترڪي، (2)شھر: استنبول، (3) نالو: نبي بخش، (4) اڳواڻ: پيش امام، (5) ا جي: مسجد، (6) مردن جي: ڪچھري. ڀڃڻي: ترڪيءَ جي شھر استنبول ۾ نبي بخش، مسجد جي پيش امام سان ڪچھري ڪئي. [1].[2] لفظ ڳجهارت جي مادي بابت عبدالڪريم سنديلو هن ريت اشتقاق ڪڍي ٿو، جيڪو سندس ئي لغت ’تحقيق لغات‘، 1955ع، ص 382 تان کڻي ٿو: ”ڳجهارت سنسڪرت گُهيه =ڳَجهو + اَرٿ = مطلب، يعني ڳجهو مطلب اڳتي لکي ٿو، ته ڳجهارت کي هنديءَ ۾ ٻَجهول يا ٻجهول چون. سنڌ جا سڄاڻ سگهڙ ڳجهارت کي ٻُجهارت به چون ٿا[3].آرچر ٽيلر مطابق ڳجھارت ھڪ آفاقي فن آھي . ھن پنھنجي تحقيق ۾ سوين مختلف سماجن جا حوالا ڏنا آهن جن ۾ فنش، ھنگيرين، آمريڪي ريڊ انڊين، چائنيز، روسي ، ڊچ، فلپينو ۽ ٻين ڪيترن ئي سماجن ۾ ڳجھارت جو ذڪر ڪيو آهي.[4]. ڪيتريون ئي ڳجھارتون ۽ ڳجھارتي موضوع پوري دنيا ۾ ملن ٿا، تنھن ھوندي بہ مغرب ۾ گذريل ڪجهه ڏھاڪن کان رواج مان نڪري ويون آهن ۽ انھن جي جاء ٻين زباني ۽ ذھني آزمائشن جھڙوڪ ڪئيز وغيره وٺي ڇڏي آهي. .[5] ڳجھارت جو سڀ کان قديم رڪارڊ بابل مان مليو آهي جيڪو ان وقت جي اسڪول جي لکت جو حصو آهي.[6] ڳجھارتن جي مقابلن جو ذڪر مھا ڀارت ۾ پڻ آيو آهي.[7] ڳجهارت پروليءَ جو ڳوڙهو نمونو آهي، جنهن کي پرکڻ پرجهڻ لاءِ پڻ ڳوڙهن خيالن ۽ ٺوس دليلن جي ضرورت پوندي آهي. تنهن لاءِ عبدالڪريم سنديلو صاحب هيئن لکي ٿو: ”ڳجهارت، پروليءَ جو هڪ ڳوڙهو نمونو آهي، جنهن کي ڀڃڻ لاءِ پختن خيالن ۽ عمدن دليلن جي ضرورت آهي. سگهڙن جي چوڻي آهي، ته پروليءَ مان پار، پَرَ ڳجهارت ۾ غار (غرق ٿي وڃڻ) آهي.“[3][8] ڳجهارت ۾ استعمال ٿيندڙ تجنيسن ۽ تلميحن بابت ”ڪلاڌر متوا“ پنهنجي ڪتاب ”ڳجهارتون“ ۾ لکي ٿو: ”تجنيس جو مطلب آهي جملي ۾ يا شعر ۾ هم شڪل يا هم آواز لفظن جو استعمال ۽ ان ۾ مقصد واري چيل ڪا ڳالهه. ٻين لفظن ۾ چئجي ته لفظي جي لباس ۾ ڍڪيل ڳالهه. تلميح معنيٰ ڪنهن واقعي يا قصي ڏانهن اشارو.“[9]

پينٽنگ جي تصوير ۾ اوڊيپس اسفنڪس جي ڳجھارت ڀڃي ٿيبز کي آزاد ڪرائيندي ڏيکاريل

ڳجھارت ۽ پرولي ۾ فرق

سنواريو

ڳجهارت در حقيقت پرولي ئي آهي. ان جو بنياد به پروليءَ تي رکيل آهي، پر سٽاءُ جي لحاظ کان ٻنهي ۾ فرق ضرور آهي. پرولي ڀڃڻ ۾ آسان ۽ ان جا اهڃاڻ نمايان ملندڙ هوندا آهن، پر ڳجهارت جي ڳولا ڪرڻ انتهائي ڏکيو هوندو آهي، جنهن جي ڳجه ڳولڻ لاءِ وڏي غور خوض جي ضرورت پوندي آهي. ڊاڪٽر بلوچ پرولي ۽ ڳجهارت بابت خاص فرق سٽاءَ جي لحاظ کان ٻڌايو آهي. سندس مطابق: ”منوي لحاظ کان جيتوڻيڪ ڳجهارت هڪ قسم جي پرولي آهي، مگر سٽاءَ جي لحاظ کان ڳجهارت ۽ پروليءَ ۾ فرق آهي. ’پرولي‘ جو بنياد تشبيه ۽ استعاري تي آهي، ۽ ’ڳجهارت‘ جو مدار تجنيس ۽ تلميح تي آهي.“[3][10] ڊاڪٽر بلوچ پرولي ۽ ڳجهارت جي وهڃائڻ لاءِ اڃا وڌيڪ جيڪي واضح، بنيادي ۽ ضروري ڳالهيون ڳڻايون آهن، انهن ۾ ذهن جي تيزي، سوچ ويچار، ڄاڻ ۽ دانائيءَ اچي وڃن ٿيون آهن. ڊاڪٽر بلوچ ان بابت لکي ٿو: . ”’پرولي‘ کي پروڙڻ لاءِ ذهن جي تيزي ڪافي آهي، مگر ڳجهارت کي ڳولڻ لاءِ ذهن جي تيزيءَ سان گڏ سوچ ۽ داناءَ جي ضرورت آهي. پروليءَ وانگر ڳجهارت جي ڏي وٺ محض هلڪي ريجه رهاڻ ۽ وندر ورونهن نه آهي، بلڪ ادب ۽ ثقافت، لغت ۽ حڪمت (دانائي) ڳوڙهي رهاڻ آهي.“ [10] لوڪ ادب جي ڄاڻن پرولي ۽ ڳجهارت بابت جيڪي مثال ڏنا آهن، انهن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا. جن مان واضح ٿيندو ته پرولي ۽ ڳجهارت هڪجهڙيون هوندي ڪيئن مختلف آهن. مثال طور :

گهر گهر ۾ لڌڙو ليٽي

— پرولي، (ٻُهاري)


[8]

هن پروليءَ ۾ ’گهر گهر ۾‘ هر عقل وارو ماڻهو لازمي سمجهندو ته ٻُهاري ئي آهي، جيڪا هر گهر ۾ صفائي ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ ايندي آهي. پروليءَ ۾ ٻيو حصو ’لُڌڙو ليٽي‘- لڌڙو هڪ جانور آهي، جيڪو ليٽندو آهي. ان تشبيهه ۾ ٻُهاري آهي، جيڪا گهر کي صاف ڪرڻ ۾ لامارا ۽ ليٽهڙو ڪري ٿي، ته هر ڪو ماڻهو جلدي پروليءَ کي ڀڃي ويندو، پر ان جي برعڪس ڳجهارت جو مثال:

”نار نالي ڪاڻ، مِٽيءَ جي ٿي پيئي.“

— ڳجھارت

مطلب:زليخا، يوسف ڪاڻ چري ٿي پيئي
[11] هتي ڳجهارت جي ڀڃڻي تمام ڏکي آهي. صرف اهو سگهڙ ڀڃي سگهندو، جنهن جو وسيع مطالعو يا تجربو هوندو ۽ سنڌ جي مروج قصن ڪهاڻين جي سرن گسن پيچرن کان مان واقفڪار هوندو. هن ۾ ڀڃڻيءَ جي ڪا به ظاهري علامت نظر نٿي اچي، بلڪل ئي ڳجهي ٿي لڳي، جنهن لاءِ عقل ۽ فهم جي تيزي گهرجي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو، ته ڳجهارت، پروليءَ جي نموني بلڪل آهي، پر منجهس ڳوڙهائيءَ وارو فرق نمايان بيٺو آهي، جنهن مان ڳجهارت الڳ ٿي بيهي ٿي.[3]

بيتن واريون ڳجهارتون

سنواريو

(Poetic Riddle) :سنڌ جي ٻهراڙين جي ڪچھرين ۾ ڳجھارتون بيتن يا ڏوھيڙن جي صورت ۾ ڏنيون وينديون اھن، ۽ انهن کي سگھڙ ڏوھيڙي جي صورت ۾ ئي ڀڃندا اھن. جيڪڏھن ھڪ ڌڪ سان ڳجھارت نه ڀڳي تھ پوءِ بيتن پٺيان بيتن جا وسڪارا لائي ڏيندا اھن. ڳجھارت ڀڃندڙ، ڳجھارت ۾ فقط ڪنھن لاڳاپي واري اسم جو نالو ورتو ته ڳجھارت ڀڄي پوندي، ۽ پوءِ ڳجھارت ڏيندڙ، ڳجھارت سڄي ڪري ٻڌائيندو آهي. مثال طور: ڳجھارت جو نمونو: ”ذات جا ڪنديس ڪپڙا، پوک جا ڪنديس ڪا نھ“ ڳجهارت ڀڃڻ وقت ڳجھارت ڀڃندڙ ويندو ذاتين ۽ پوک جا نالا کڻندو ۽ ٻيا سگھڙ به ساڻس شامل ھوندا. پوءِ اهي ڌڪن پٺيان ڌڪا ھڻندا ويندا آهن، ڳجھارت ڏيڻ وارو ڪنڌ پيو لوڏائيندو ۽ چوندو: اڃا بچي، اڃا گٿو آھين، اڃا جيئري آھي، تان جو ڪنھن سگھڙ جو پورو ڌڪ وڃي لڳندو: جواب صحيح ھوندو تھ ڏيندڙ چوندو ”ويئي“ ۽ پوءِ سگھڙ ڳجھارت ڀڃي ٻڌائيندو. جيئن ھن ڳجھارت جا اسم آهن: ذات جا = مڱڻيجا، پوک جا = ٻيجا ڀڃڻي: ”مڱڻي جا ڪنديس ڪپڙا، ٻئي جا ڪنديس ڪا نھ“ .[2] دنيا جو قديم بيتن وارين ڳجھارتن جو بچي ويل رڪارڊ سنسڪرت ٻوليءَ ۾ آھي جيڪو رگويد ۾ ڏنل آهي.[12]

بي سري ڳجهارت

سنواريو

اھا ڳجھارت جيڪا ڪنھن به سر تي ٻڌل نه ھجي، پر سگھڙ ڪا بھ ڳالھه خيال ۾ آڻي، لڪ رکي ھجي. مثال طور: ڪپڙي کي ذات کائي تھ/ ھڻجي گھوڙي جي (بند: ڪپڙو = ڪوٽ، ذات جا = ڪلر، گھوڙي جي = پستي) ڀڃڻي: ”ڪوٽ کي ڪلر کائي تھ ھڻجي پستي“ [13]

سرائتي ڳجهارت

سنواريو

(A Melodious Puzzle) اھا ڳجھارت، جيڪا ڪنھن نه ڪنهن سر جھڙوڪ مومل راڻي، سسئي پنھون، سھڻي ميھار وغيره مان ھجي، مثال طور: ليکي جو اڳئي لکيل ھو، تڏھن پاتم مرض پنھونءَ سان هيءَ ڳُجهارت سر سسئيءَ مان پڌري آهي. ان جي ڀڃڻي بند وار هن ريت ٿيندي: بند: ليکي جو = انگ، مرض = پيچ ڀڃڻي: انگ اڳيئي لکيل ھو، تڏھن پاتم پيچ پنھونءَ سان.[2].[14]

ٻول پرولي

سنواريو

(Rhyming Riddle):اھا پرولي، جنھن جي ڀڃڻي لاءِ چيو وڃي. جڏھن ڀڄي، تڏھن پروليءَ جي چيل لکظ سان قافيي ۾ ٺھڪي اچي.[2]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي.[مئل ڳنڍڻو]
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 {محمود ڏاھري جي مضمون"ديوان ڪوڙيمل چندنمل کلناڻيءَ جي ڪتاب ”سنڌي ڳجهارتون“ جو جائزو", مھراڻ رسالو سال 2018, شمارو 1۽2, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  4. Archer Taylor, English Riddles from Oral Tradition (Berkeley: University of California Press, 1951), p. 3.
  5. Annikki Kaivola-Bregenhøj, Riddles: Perspectives on the Use, Function, and Change in a Folklore Genre, Studia Fennica, Folkloristica, 10 (Helsinki: Finnish Literature Society, 2001), p. 163 سانچو:Doi.
  6. Archer Taylor, The Literary Riddle before 1600 (Berkeley, CA: University of California Press, 1948), pp. 12–13, citing M. Jaeger, "Assyrische Räthsel und Sprichwörter", Beiträge zur Assyriologie, 2 (1894), 274–305.
  7. Kaivola-Bregenhøj, Riddles: Perspectives on the Use, Function, and Change in a Folklore Genre, Studia Fennica, Folkloristica, 10 (Helsinki: Finnish Literature Society, 2001), pp. 11–12; doi:10.21435/sff.10.[مئل ڳنڍڻو]
  8. 8.0 8.1 {. سنديلو، عبدالڪري، 1986ع، ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“، ص 34، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو.}
  9. {متوا، ڪلاڌر: (2012ع) ”ڳجهارتون“، (مهاڳ)، سنڌي ساهتيه اڪادمي، گجرات، انڊيا.}
  10. 10.0 10.1 {. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: (1969) ”ڳجهارتون“، ص 1، آن لائين لائبريري، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.}
  11. {. سنديلو، عبدالڪري، 1986ع، ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“، ص 35، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو.}
  12. A. A. Seyeb-Gohrab, Courtly Riddles: Enigmatic Embellishments in Early Persian Poetry (Leiden: Leiden University Press, 2010), 14.
  13. http://dic.sindhila.edu.pk/define/%D8%A8%D9%8A%20%D8%B3%D8%B1%D9%8A%20%DA%B3%D8%AC%D9%87%DD8%A7%D8%B1%D8%AA.php[مئل ڳنڍڻو]
  14. سرائتي ڳجهارت | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون[مئل ڳنڍڻو]