سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون the means of transportation تي آهي. ٻين استعمالن جي لاءِ گاڏي (سلجھائپ) ڏسو.

گاڏي (Vehical) هڪ مشين آهي[1] جيڪا پاڻ کي هلائڻ لاءِ، عام طور تي ماڻهن، سامان يا ٻئي کي ٽرانسپورٽ ڪرڻ لاء، ٺاهي وئي آهي. اصطلاح "گاڏيون" عام طور تي زميني گاڏين ڏانهن اشارو ڪري ٿي جهڙوڪ انساني طاقت سان هلندڙ گاڏيون (مثال طور سائيڪلون، ٽرائي سائيڪلون، ويلو موبائيل)، جانورن سان هلندڙ ٽرانسپورٽ (مثال طور گهوڙا گاڏيون يا ويگنون، ڏاند گاڏيون، برفاني سليڊز جنهن کي ڪتا ڇڪندا آهن، موٽر گاڏيون (مثال طور موٽر سائيڪلون، ڪارون، ٽرڪون، بسون، اسڪوٽر) ۽ پٽڙي تي هلندڙ گاڏيون (ٽرين، ٽرامون ۽ مونوريل)، پر وڌيڪ وسيع طور تي ڪيبل ٽرانسپورٽ (ڪيبل ڪارون ۽ لفٽون)، واٽر ڪرافٽ (جهاز، ٻيڙيون ۽ پاڻيءَ جي اندر هلڻ واريون گاڏيون)، ايمفيبيس گاڏيون (مثال طور اسڪرو پروپيل گاڏيون، هوور ڪرافٽ، سامونڊي جهاز)، جهاز (هوائي جهاز هيلي ڪاپٽر، گلائڊرز ۽ ايرو اسٽيٽس) ۽ خلائي گاڏيون (خلائي جهاز، خلائي شٽل ۽ لانچ گاڏيون).[2]

ڪارون، موٽر سائيڪلون ۽ هڪ بس، ٿيمز، انگلينڊ ۾ نمائش لاء.
ٻاڦ واري انجڻ سان هلندڙ هڪ ٽرين ڊارٽ ندي، انگلينڊ ۾ ڪشتين جي هڪ گروپ مٿان نڪرندي

هي آرٽيڪل بنيادي طور تي وڌيڪ وسيع زميني گاڏين سان تعلق رکي ٿو، جن کي وسيع طور تي درجه بندي ڪري سگهجي ٿو زمين سان رابطي واري انٽرفيس جي قسم: ڦيٿي، ٽريڪ، ريل يا اسڪي ۽ گڏوگڏ غير رابطي واري ٽيڪنالاجيون جهڙوڪ ميگلو (Maglev). ISO 3833، سال 1977ع روڊ گاڏين جي قسمن، اصطلاحن ۽ وصفن لاءِ بين الاقوامي معيار آھي.[3]

واري کي ماڻھو، جانور ۽ مشينون ھلائيندا آھن.

  1. "vehicle". آڪسفورڊ انگلش ڊڪشنري. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس.  Unknown parameter |url-access= ignored (مدد) (Subscription or participating institution membership required.)
  2. Halsey, William D., ed (1979). Macmillan Contemporary Dictionary. New York; London: Macmillan Publishing; Collier Macmillan Publishers. p. 1106. ISBN 0-02-080780-5. http://archive.org/details/macmillancontemp00macm. 
  3. ISO 3833:1977 Road vehicles – Types – Terms and definitions Webstore.anis.org