ڪيول رام سلامت راءِ آڏواڻي

گل شڪر سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جو پهريون مجموعو آهي ، جيڪو  27 آڪٽوبر 1869ع تي اربع جي ڏينهن ڪتاب جي صورت  ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو ويو هو. ڪيول رام سلامت راءِ آڏواڻي، انگريزن جي حڪومت کان پهرين ٽالپرن وٽ ملازم هو. پوءِ جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ته انهن وٽ مختيارڪار جي عهدي تي مقرر ٿيو. ڪيول رام سن 1864ع کان هڪ سردار جي چوڻ تي سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيو گڏ ڪيون. هن ڪُل 785 سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون گڏ ڪري انهن جو سمجهاڻيون لکيون. هن گل ۽ سوکڙيءَ جي نالي سان سنڌي چوڻيون برطانوي دور جي سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي کي ڏنا. پر عملدارن جي لاپرواهي سبب اهي هٿ لکيل چوڻيون ڪٻَٽن ۾ بند رهيون، نيٺ ڪنهن سرڪاري عملدار جي نظر انهن گڏ ڪيل پهاڪن تي پئي جنهن هُن جا ٽيئي ڪتاب سن 1905ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا.

روچي رام گجومل ڪرپالاڻي به سنڌي پهاڪن جو هڪ ڪتاب انگريزي معنيٰ ۾ هم- معنا انگريزي پهاڪن سان گڏ سن 1892ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن 800 کن پهاڪا گڏ ڪيا هئا. اُن ڪتاب جو نالو هو اَيَ هينڊ بُڪ آف سنڌي پرووربز. 1843ع ۾ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پهرين به هٿ لکيل شڪل ۾ سنڌي ادب ۾ پهاڪن جو استعمال نظر اچي ٿو. مثال جي طور تي ؛ عبدالرحيم گرهوڙي (1778-1737) جي ڪلام ۾ گهڻيون ئي سنڌي چوڻيون قلمبند ٿيل ملن ٿيون. (الانا، غلام علي، سنڌي نثر جي تاريخ، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد سنڌ (ٻيو ڇاپو) 1978، صفحو 9.) ان کان سواءِ به ٽالپرن جي دؤر جي خليفي محمود نظاماڻيءَ جون هٿ لکيل لکڻين ۾ سنڌي چوڻيون ملن ٿيون. (الانا، غلام علي، سنڌي نثر جي تاريخ، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد سنڌ (ٻيو ڇاپو) 1978، صفحو 9.)


حوالا سنواريو

ٻاهريان ڳڍڻا سنواريو

[1]

  1. سنڌي پهاڪا لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس (روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-06-30