ڪيرت ٻاٻاڻي
معلومات شخصيت
ڄم 3 جنوري 1922  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
شهيد بينظيرآباد ضلعو،سنڌ،بمبئي پريزيڊينسي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 7 مَئي 2015 (93 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
الھاس نگر ممبئي،ممبئي،ڀارت  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت ڀارت (26 جنوري 1950–)
برطانوي راڄ (–14 آگسٽ 1947)
پاڪستان (15 آگسٽ 1947–26 جنوري 1950)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
مادر علمي ڏيارام ڄيٺمل سائنس ڪاليج ڪراچي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مادر علمي (P69) وڪي ڊيٽا تي
پيشو فعاليت پسند،صحافي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي سنڌي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
اعزازات
ساهتيا اڪيڊمي ايوارڊ  (لاءِ:Dharti-A-Jo-Sad) (2006)[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو award received (P166) وڪي ڊيٽا تي

ڪيرت ٻاٻاڻي(انگريزي:Kirat Babani) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌ ۽ هند جي چند غير معمولي اديبن ۽ مفڪرن مان هڪ هو، جنهن جون قومي، ادبي ۽ سنڌي ٻولي لاءِ ڪيل خدمتون سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي تاريخ ۾ هميشه ياد رهنديون.سندس ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.

ابتدائي زندگي سنواريو

هن جو پورو نالو ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي آهي. هن جي جنم ڀومي ڳوٺ موريو لاکو، تعلقو سڪرنڊ، ضلعو نوابشاھ هاڻ شهيد بينظيرآباد ضلعو آهي، جتي هن 3 جنوري 1922ع تي جنم ورتو. هن اسڪولي تعليم مئٽرڪ تائين ”ولس اسڪول نوابشاهه“ (لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نواب شاهه جي برانچ، هاڻي گورنمينٽ ايڇ. ايم خواجه هاءِ اسڪول جي برانچ) ۾ حاصل ڪئي. هن جي تعليم بي. اي ۽ ايل. ايل. بي آهي.[2]

سياسي ۽ ادبي خدمتون سنواريو

نوابشاهه ۾ شاگرديءَ دوران استاد روچيرام ٿانواڻي جي ترتيب هيٺ قومپرستي جو صلو من ۾ انگوريس. سنڌ اندر مزدور ۽ شاگرد جدوجهد سان گڏ انگريزن کان ملڪ جي آزادي جي تحريڪ ۾ ڪانگريس جي اثر هيٺ حصو ورتائين. ان زماني ۾ ٽنڊي آدم ۽ نوابشاهه ۾ جلسن ۾ شريڪ ٿيندو هو. اسڪولي جيون ۾ پرڀات ڦيريون ڏيڻ، هٿ سان پترا لکي ورهائڻ ۽ قومي ڏينهن ملهائڻ سندس مشغوليون هيون. سنڌ اسٽوڊنٽس ڪانگريس جو سيڪريٽري رهيو. سنڌ ۾ سندس ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي، سائين جي. ايم سيد، شيخ اياز، حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد سان تعلقات رهيا. هي بنيادي طرح ترقي پسند ۽ سنڌ دوست اديب ۽ دانشور آهي. شيخ اياز، ڪيرت بابت راءِ ڏيندي لکيو آهي ته ”ڪيرت ٻاٻاڻي منهنجو پراڻو دوست آهي، ان جو شمار سنڌي قوم جي عظيم محب وطنن ۾ ڪري سگهجي ٿو. هن جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪافي وسيع آهي ۽ هن جي پنهنجي قوم سان مڪمل وفاداري (Absolute Commitment) آهي.“ ڪيرت بنيادي طرح آزادي جي هلچل جي پيدائش آهي، هو سنڌي ادبي سنگت جي اوائلي ميمبرن مان آهي ۽ هن، سنڌ ۾ رهڻ دوران جديد ترقي پسند ادب کي اي. جي. اتم، گوبند پنجابي ۽ گوبند مالهي سان گڏجي همٿايو. ’نئين دنيا‘ ڪتاب گهر ڪراچي جو ان ڏس ۾ وڏو ڪردار آهي. هن ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ڇڏڻ نه ٿي چاهي، پر پهرين سرڪار کيس باغي سرگرمين ۾ شرڪت سبب 11 مهينا قيد ۾ رکيو ۽ آزادي بعد به سي. آءِ. ڊي سندس پيڇو نه ڇڏيو. ڪجهه وقت جي. ايم. سيد ۽ حيدر بخش جتوئي وٽ لڪندي گذاريائين. جتوئي صاحب جي ”هاري حقدار“ اخبار سنڀاليائين، پر سيءَ. آءِ. ڊيءَ سندس پيڇو نه ڇڏيو ۽ نئين پاڪستاني حڪومت هڪدم ملڪ ڇڏڻ جو پروانو هٿ ۾ ڏئي، کيس سنڌ مان زوريءَ روانو ڪيو ۽ هو اکين مان لڙڪ لاڙيندو پنهنجي جنم ڀومي کي الوداع ڪري هند روانو ٿي ويو. ان ئي پسمنظر ۾ هن لکيو هو ته: ”تون پُڇين ٿو ته مان اُداس ڇو آهيان!“ سندس اهو ليک 1956ع جي ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپيو.
ڪيرت ٻاٻاڻي وطن ڇڏڻ کان پوءِ هند ۾ ڪيترن سماجي، ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن سان واڳيل رهيو. هُو ”اکل ڀارت، سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ جو 18 سالن تائين صدر رهيو. جنهن پليٽ فارم تان هن پنهنجي بزرگن ۽ ساٿين بي. ايڇ ناگراڻي، لالسنگهه اجواڻي، اي. جي. اتم، گوبند مالهي، ڪرشن راهي، موتي پرڪاش، پوپٽي هيراننداڻي، هري دلگير، ڪلا پرڪاش، موهن ڪلپنا، لڇمڻ ڪومل، سندري اتمچنداڻي، ٽيڪچند مست ۽ ٻين سان گڏجي 16 سالن جي ڊگهي جدوجهد کان پوءِ سنڌي ٻولي کي ڀارتي آئين ۾ 10 اپريل 1967ع تي سرڪاري ٻولي تسليم ڪرايو. ڪيرت ٻاٻاڻي، ساهتيه اڪيڊمي دهلي جي سنڌي ٻولي جي صلاحڪار ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو آهي. هن 1981ع ۾ روس جو دورو ڪيو، 1983ع ۾ ورلڊ پيس ڪائونسل طرفان ’چيڪو سلواڪيا‘ ويو. ان کان سواءِ انٽرنيشنل سنڌي ڪانفرنس جي سڏ تي آمريڪا ۽ انگلينڊ جا دورا ڪيائين، کيس ”سوويت لئنڊ نهرو“ امن اوارڊ (1980ع)، تعليم کاتي دهلي پاران ”اعليٰ ادبي خدمتن تي مڃتا“ اوارڊ (1986ع)، مهاراشٽر سنڌي ساهتيه اڪاڊمي پاران ادبي اوارڊ (1989ع)، ڀارتيه ڀاشا پريشد پاران ”ادبي اوارڊ“ (1992ع) ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران ”جي. ايم. سيد اوارڊ“ وغيره ملي چڪا آهن.[3][4]

ڪتاب سنواريو

ڪيرت ٻاٻاڻي جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”هوءَ“ (ڪهاڻيون 1956ع)، ”مالوا“ (مئڪسم گورڪيءَ جي ناول جو ترجمو: 1958ع)، ”ڪولي“ (ملڪ راج آنند جي ناول جو ترجمو: 1960ع)، ”جو درد دل ۾ سمائجي نه سگهيو“ (ڪهاڻيون: 1966ع)، ”سوريءَ سڏ ڪيو“ (ناٽڪ: 1972ع)، ”ادب ۾ قدرن جو سوال“ (تنقيد: 1974ع)، ”لينن دنيا جي عظيم انقلابي شخصيت“ (1980ع)، ”اوک ڊوک“ (تنقيد: 1981ع)، ”چونڊ سنڌي مضمون“ (ترتيب: 1981ع)، ”جيڪي ڏٺو هو مون“ (روس جو سفرنامو: 1982ع)، ”اٻول رڻي“ (1982ع)، ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جو جائزو“ (1986ع)، ”امن جي افق ڏانهن“ (مضمون: 1987ع)، ”پيهي منجهه پاتال“ (مضمون: 1987ع)، ”جيئي سنڌ سدا جيئي“ (ڪهاڻيون)، ”نه ليليٰ نه مجنون“ (ڪهاڻيون: 1987ع)، ”چونڊ سنڌي ڪهاڻيون“ (ترتيب: 1989ع)، ”چونڊ سنڌي مضمون“ (1991ع)، ”اوهين سڀ ننگا نڪتا آهيو“ (ڪهاڻيون: 1993ع)، ”ڪجهه ٻڌايم ڪجهه لڪايم“ (آتم ڪٿا، 4 جلد: 1997ع)، ”لڪيو لياڪا پائين“ (شاعري: 2000ع)، ”ڌرتيءَ جو سڏ“ (ناٽڪ: 2004ع)، ”سو سڏ سو پڙاڏو“ (اڌ صديءَ جا خط: 2004ع)، ”سنڌين جو سفر“ (موهن گيهاڻي ۽ هري پنڪج سان گڏ سنڌي ٻولي هلچل جو دستاويز: 2007ع)، ۽ ”مراٺي ادب جي تاريخ“ (ترجمو) شامل آهن. ان کانسواءِ ڪيرت ٻاٻاڻي 1991ع کان اڄ تائين ماهوار ”سنڌ سجاڳ“ (سنڌيءَ ۾) ۽ ”سنڌ رائيزز“ (انگريزيءَ ۾) رسالا ڪڍندو رهي ٿو. ڪيرت ٻاٻاڻي اڄ به 87 سالن جي عمر ۾ هند ۾ سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت جو جهنڊو بلند رکيو پيو اچي .[5]

ديهانت سنواريو

ڪيرت 7 مئي 2015ع ۾ ڀارت ۾ ديهانت ڪري ويو.

حوالا سنواريو