ڪوڙھ (Leprosy) ھڪ بيماري جو نالو آهي جنهن کيھئنسن جي بيماري به چوندا آهن .اھو ھڪ پراڻو بيڪٽريا جو انفيڪشن ھوندو آھي ۽ ان بيڪٽريا کي مائڪو بيڪٽريم لپراء يا مائڪوبيڪٽريم لپرومٽوسس چوندا آهن.[3][4]شروع ۾ انفيڪشن بغير ڪنھن آثار جي موجود رھندو آھي ۽ ان حالت ۾ پنج کان ويھ سالن تائين جسم ۾ موجود رھندو آھي. [3] بيماري جا جڏھن آثار ظاهر ٿيندا آهن انھن ۾ اعصابي گرينيولومس، ساھ جي نالي، چمڙي ۽ اکيون شامل آهن.ڪوڙھ ھڪ قابل علاج بيماري آهي.ان جو علاج ٻارھن مھينن تائين ھلندو آھي جنھن ۾ رفام پسن rifampicin ، ڊيپسون dapsone ۽ ڪلوفزيمن clofazimine جون دوائون ڏنيون وينديون آهن.ان کان علاوه اينٽي بايوٽڪ دوائون ڪافي تعداد ۾ ڏنيون وينديون آهن. ڪوڙھ جو اھو علاج ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن وارو ادارو مفت ۾ فراهم ڪندو آهي. 1980 واري ڏھاڪي ۾ دنيا اندر ڪوڙھ جي مريضن جو تعداد 52 لک ھيو جيڪو 2012 ۾ گھٽجي 189000تي پھتو. [3][7][8]انسان ھزارين سالن کان وٺي ھن بيماري جو شڪار ٿيندو پيو اچي.ان بيماري جو نالو لپروسي يوناني لفظ لپرا lepra مان نڪتل آهي .ھئنسن جي بيماري جو نالو ان تي ناروي جي ھڪ ڊاڪٽر گيرھارڊ آرمئر ھئنسن جي نالي سان پيو[2]انڊيا، چين ۽ آفريقا ۾ اڄ تائين ڪوڙھ جي مريضن کي علحده ڪالوني ۾ رکڻ جو رواج جاري آهي.[9][10][11] تنھن ھوندي بہ گھڻيون ڪالونيون بند ٿي چڪيون آهن ڇوتہ ڪوڙھ گھڻي وچڙندڙ بيماري ناھي رھي . اھا کنگھڻ سان ۽ نڪ جي وھندڙ پاڻيءَ سان ڦھلجندي آھي.بيماري انھن ۾ ئي ڦھلجندي آھي جيڪي متاثر ٿيل جي بلڪل ويجھو رھندا آھن.[12] 1954 کان دنيا۾ ڪوڙھ جو ڏينهن ملھائجڻ شروع ٿيو ان لاءِ ته ماڻھن کي ان بيماري متعلق ڪوڙھيل ماڻھن کي ڄاڻ ملي سگھي.[13]

ڪوڙھ يا لپروسي
Synonyms ھئنس جي بيماري
چوويھ سالن جو ماڻهو 1886 ۾ ڪوڙھ جو شڪار ٿيل
اچار
مھارت وچڙندڙ بيماري
آثار سور جو احساس گھٽجي وڃڻn[2]
ڪارڻ مائڪو بيڪٽريم لپرومٽوسس يا مائڪو بيڪٽريم لپراء [3][4]
خطري جي گنجائش قريب رھندڙ متاثر ٿي سگهي ٿو [2][5]
علاج Multidrug therapy[3]
دوا درمل Rifampicin, dapsone, clofazimine[2]
ورجاء 514,000 (2015)[6]

ڪوڙھ جنهن کي جذام به سڏجي ٿو ۽ انگريزيءَ ۾ (Leprosy) سا به ٻين بيمارين جهڙوڪ سلهه، مدي جي بخار، ڪالرا وغيره وانگر هڪ بيماري آهي.

سبب سنواريو

ڪوڙھ جي بيماري هڪ خاص قسم جي جيوڙي مائوڪو بيڪٽريم ليپري (Mycobactrium Leprae) سبب ٿئي ٿي. هي جيوڙو ناروي جي ڊاڪٽر هينسن 1871ع ۾ ڳولي لڌو. ان لحاظ کان هن جيوڙي کي هينسن بيسليس (H. Bacillis) سڏيو ۽ هن مرض کي هينسي مرض به سڏيو ويندو آهي. هن مرض جا جيوڙا شڪل شباهت ۾ سلهہ جي جيوڙي سان ڪجهہ مشابهت رکن ٿا.

نشانيون سنواريو

ڪوڙھ جو حملو چمڙي ۽ تنتن تي ٿيندو آهي. حملي جي شروعات ۾ عام طور تي چمڙي جي رنگ کان هلڪو اڇو ۽ ڳاڙهسرو هوندو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي خارش ۽ سور نه ٿيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو شروعات ۾ مريض اهڙي داغ ڏانهن ڪو به خيال نه ڏيندو آهي، جيڪو پوءِ آهستي آهستي وڌي ويندو آهي. ان داغ واري هنڌ جي هيٺين چمڙي بي حس ٿي ويندي آهي، اهڙي طرح داغ ۾ جيڪڏهن سئي هنئي وڃي ته مريض کي ان جو احساس نه ٿيندو آهي. اهڙا داغ جسم جي ڪنهن به حصي تي ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته اهي داغ گهڻو ڪري منهن، ٻانهن ۽ ٽنگن جي مٿين حصن پٺي ۽ چتڙن تي ٿيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ٺونٺ جي ڀرسان وارين تنتن (ULner Nerves) يا گوڏي جي ڀر وارين تنتن (Politial Nerves) ۾ سخت سور ٿي پوندو آهي، اهي تنتون پنهنجي اصلي حالت کان وڌيڪ ٿلهيون ٿي وينديون آهن ۽ کين ڇهڻ سان سور جي شدت ۾ واڌارو ايندو آهي. ٽئين صورت اها به ٿي سگهي ٿي ته جسم تي بظاهر ڪو به داغ نظر نه ايندو آهي، پر مريض جي چمڙي سرخي مائل ٿلهي ٿي ويندي آهي.

قسم سنواريو

ڪوڙھ جي بيماريءَ جا ٻہ قسم آهن:

  • وچڙندڙ (Infectious): هي قسم هڪ مريض کان ٻئي مريض کي لڳي سگهي ٿو.
  • اڻ وچڙندڙ (Non-Infectious) : جيڪو هڪ مريض کان ٻئي ماڻهوءَ کي وچڙي نٿو سگهي.

وچڙندڙ ڪوڙھ جو مريض جيڪڏهن ٽن مهينن کان ڇهن مهينن تائين لڳاتار دوا استعمال ڪندو رهي ته ان جو مرض اڻ وچڙندڙ ٿي ويندو، جيڪو بيماريءَ جي قسم ۽ نوعيت جي لحاظ کان مختلف ٿي سگهي ٿو.

جڏهن ڪو ماڻهو وچڙندڙ قسم جي ڪوڙھ واري مريض سان گڏ رهندو هو تہ ان جي مرض جا جيوڙا ٻئي ماڻهن جي جسم ۾ ننڍن ڦٽن، زخمن ۽ رهڙن وسيلي سندس جسم ۾ داخل ٿي سگهن ٿا. وچڙندڙ قسم جي مريض جي کنگهڻ، نڇن ۽ ڇڪن ذريعي هن مرض جا جيوڙا صحتمند انسان جي جسم ۾ داخل ٿي بيماري پيدا ڪري سگهن ٿا. ڪوڙھ جي جيوڙن جو حملو گهڻو ڪري کل ۽ کل جي هيٺيان موجود تنتن تي هوندو آهي.[14]

عڪس سنواريو

حوالا سنواريو

  1. "Definition of leprosy". The Free Dictionary. حاصل ڪيل 2015-01-25. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 "Current status of leprosy: epidemiology, basic science and clinical perspectives.". The Journal of dermatology 39 (2): 121–9. February 2012. doi:10.1111/j.1346-8138.2011.01370.x. PMID 21973237. 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 "Leprosy Fact sheet N°101". World Health Organization. وقت 2013-12-12 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  4. 4.0 4.1 "New Leprosy Bacterium: Scientists Use Genetic Fingerprint To Nail 'Killing Organism'". ScienceDaily. وقت 2010-03-13 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2010-01-31. 
  5. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Schreuder2016
  6. GBD 2015 Disease and Injury Incidence and Prevalence, Collaborators. (8 October 2016). "Global, regional, and national incidence, prevalence, and years lived with disability for 310 diseases and injuries, 1990-2015: a systematic analysis for the Global Burden of Disease Study 2015.". Lancet 388 (10053): 1545–1602. doi:10.1016/S0140-6736(16)31678-6. PMID 27733282. 
  7. "Global leprosy situation, 2012". Wkly. Epidemiol. Rec. 87 (34): 317–28. August 2012. PMID 22919737. 
  8. Rodrigues LC; Lockwood DNj (June 2011). "Leprosy now: epidemiology, progress, challenges, and research gaps.". The Lancet Infectious Diseases 11 (6): 464–70. doi:10.1016/S1473-3099(11)70006-8. PMID 21616456. 
  9. Walsh F (2007-03-31). "The hidden suffering of India's lepers". BBC News. Archived from the original on 2007-05-29. https://web.archive.org/web/20070529003040/http://news.bbc.co.uk/2/hi/programmes/from_our_own_correspondent/6510503.stm. 
  10. Lyn TE (2006-09-13). "Ignorance breeds leper colonies in China". Independat News & Media. Archived from the original on 2010-04-08. https://web.archive.org/web/20100408075048/http://www.iol.co.za/index.php?set_id=1&click_id=117&art_id=qw1158139440409B243. Retrieved 2010-01-31. 
  11. Byrne, Joseph P. (2008). Encyclopedia of pestilence, pandemics, and plagues. Westport, Conn.[u.a.]: Greenwood Press. p. 351. ISBN 978-0-313-34102-1. https://books.google.com/books?id=5Pvi-ksuKFIC&pg=PA351. 
  12. "Leprosy". WHO. وقت 2010-02-09 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2010-01-31. 
  13. McMenamin, Dorothy (2011). Leprosy and stigma in the South Pacific : a region-by-region history with first person accounts. Jefferson, N.C.: McFarland. p. 17. ISBN 978-0-7864-6323-7. https://books.google.com/books?id=lZPvQTJ8SE0C&pg=PA17. 
  14. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011