ڪوٽ ڏيجي قلعو
ڪوٽ ڏيجيءَ جو قلعو(انگريزي: Kot Digi Fort) . رياست خيرپور جي پهرين حڪمران مير سهراب خان پنهنجي رياست جي حدن جي حفاظت خاطر ڪجهه قلعا تعمير ڪرايا، جن مان ٿر جي علائقي ۾ ”امام ڳڙهه“، جوڌپور جيسلمير جي دنگ تي ”شاهه ڳڙهه“ ۽ ”قلعه احمدآباد“ نالي ڪوٽڏجي ۾ ٺهرايائين.
ڪوٽ ڏيجي قلعو | |
---|---|
ڪوٽ ڏيجي جو قلعو جيڪو ڪوٽ ڏيجي شھر جي لڳ واقع آهي | |
مقام | خيرپور ضلعو |
ويجھو شھر | ڪوٽ ڏيجي، سنڌ، پاڪستان |
جاگرافيائي بيھڪ | 27°20′42″N 68°42′23″E / 27.3450794°N 68.7062835°E |
باني | مير سھراب خان ٽالپر |
ٺھيو | 1795 C.E. |
ٺاھڻ جو مقصد | دفاع |
”ڪوٽڏيجيءَ جو قلعو“ خيرپرو ميرس شهر کان 20 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف قومي شاهراهه يعني پشاور ڪراچي روڊ لڳ هڪ ننڍڙي ٽڪري تي جُڙيل آهي. هي قلعو، جنهن جي ڊيگهه… 5 فوٽ، ويڪر… 3 فوٽ ۽ اوچائي زمين کان 70 فوٽ آهي، سو سنهين پڪين سِرُن سان 1797ع ۾ مير سهراب خان جي وزير تعميرات سرائي محمد صالح زهري بلوچ جي نگراني هيٺ ٺهيو.[1] سنڌ جو هڪ دفاعي قلعو هو. هن قلعي کي اهڙي نموني اَڏيو ويو هو ته جيڪڏهن ڪو دشمن لشڪر هن قلعي تي حملو ڪري، فتح به ڪرڻ گهري ته ان کي اهڙي ڪوشش ڪرڻ تي ڏاڍين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي. ڪوٽ ڏجي قلعي جي مُکيه دروازي تي لڳل تختيءَ تي ان جي اڏجڻ جو سال 1795ع لکيل آهي، پر ڪجهه ڪتابن ۾ هن قلعي جي اڏجڻ جو سال 1797ع به لکيل آهي. پر هن قلعي جي اڏجڻ جي شروعات 1785ع ۾ ٿي هئي.[2] هالاڻيءَ جي جنگ کان پوءِ ڪلهوڙا گهراڻي جي حڪومت جو خاتمو ٿيو. ان جنگ ۾ مير سهراب خان ٽالپر (Mir Suhrab Khan Talpur) ڏاڍو اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ جنگ ۾ فاتح تي اڀريو. پر مير سهراب خان ڪنهن جي ماتحت رهڻ جي بدرآن پنهنجو تخت خيرپور ۾ اڏائڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن کي مير فتح علي خان 1793ع ۾ خودمختيار حڪومت طور مڃيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پرنسلي رياست خيرپور 1954ع ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿي[2].
قلعي ٺاهڻ جو مقصد
سنواريوهي قلعو خالص فوجي، دفاعي ۽ انتظامي مقصدن لاءِ مخصوص ڪيو ويو. هڪ ”نواب“ جي نگراني هيٺ 500 سپاهين جو دستو 100 توپن سميت تعينات ڪيو ويو ۽ اهو سلسلو گهاٽي واڌي سان سن 1843ع تائين جاري رهيو. رياست خيرپور جو انگريزن جو طفيلي بنجڻ بعد مير علي مراد خان هن قلعي کي ”جيل خاني“ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن قلعي جي اهميت ۽ حيثيت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سرچارلس نيپئر ۽ مير علي مراد خان جو قلعي ۾ اندر داخل ٿيڻ تي وڏو تڪرار هليو ۽ قلعي جي ٻاهران ”فيص باغ“ جي نالي سان هڪ سهڻو باغيچو رکرايو ويو هو، جنهن ۾ ئي مير صاحب ٻاهران آيل مهمانن سان ملاقات ڪندو هو ۽ قلعه اندر کين وٺي ئي ڪونه ويندا هئا[1].
بناوٽ
سنواريوقلعي ۾ داخل ٿيڻ واري شاهي دروازي ۾ وڏيون وڏيون چنهبدار ڪليون لڳل آهن ته جيڪڏهن ڪو حملو ڪندڙ ڪاهه ڪري اچي ته انهن ڪلين سان ٽڪرائجي زخمي ٿي پوي ۽ ان لاءِ اڳتي وڌڻ ڏکيو ٿي پوي. هن قلعي ۾ شاهي در کان سواءِ ٻه ٻيا به دروازا آهن[2]. جيئن جيئن اوهان هن قلعي ۾ اڳيان وڌندا ويندا، تيئن تيئن هن قلعي جي اوچائي وڌڻ لڳي ٿي ۽ مختلف ڏاڪڻون، جيل جون ڪال ڪوٺڙيون، حوض، حرم، تخت ۽ ٻيا هنڌ آڏو ايندا وڃن ٿا. هن قلعي ۾ هڪ کوهه به آهي. قلعي ۾ ڪل پنجاهه بُرج آهن[2]. قلعي ۾ هڪ وڏو حوض پڻ آهي. حوض جي اونهائي 12 فوٽ ۽ ڊيگهه 37 فوٽ ۽ ويڪر 22 فوٽ آهي. شاهي خاندان مٿيئن حصي ۾ رهندو هو. ان کان سواءِ بارود خانو ۽ لشڪرين جي رهڻ جو بندوبست به مٿيئن حصو ۾ هو[2] هن قلعي جون ڀتيون بچاءُ جي حڪمت عمليءَ تحت ٺهيل آهن. ظاهري طور تي هڪ ڀت نظر ايندڙ اصل ۾ ٻه ڀتيون آهن. هڪ ڀت قلعي جي ٻاهرين ڀت آهي ته ٻي ڀت وري وچم خالي جڳهه ڇڏي ٺاهيل آهي ته جيئن بچاءُ مضبوط کان مضبوط هجي. قلعي جي هڙني برجن تي توبون لڳل هيون، جيڪي ڪنهن به حملي ڪندڙ کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکنديون هيون، ان کان سواءِ انهن مورچن ذريعي سپاهي نگراني پڻ ڪندا هئا[2] ڪوٽ ڏيجيءَ جي قلعي جي برجن تي رکيل توبن مان اڄ اُتي ڪا هڪ توب به موجود ڪونهي. ڇو جو جڏهن ثقافت کاتو وفاق جي هيٺ هو، تڏهن اهي سڀ جو سڀ توبون ٻيون تاريخي شيون، پنجاب ڏانهن موڪلي ڇڏيون ويون. جڏهن ته قديم آثارن مان ملڻ وارين شين کي ان علائقي ۾ رکڻ ضروري هوندو آهي[2].
1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن برطانوي فوج ڪجهه وقت لاءِ هن قلعي ۾ پنهنجي ڇانوڻي ٺاهي هئي.[2][3] قلعي جي رهائشي علائقي تائين پهچڻ لاءِ ٽن وڏن دروازن کان گذري اچڻو پوي ٿو. اِهي ٽئي دروازا نهايت مضبوط ڪاٺ جا ٺهيل آهن، جن کي هاٿين جي حملي کان بچاءَ لاءِ ٿلها نوڪدار لوها ڪِلَ پڻ لڳل آهن. پهريون ۽ مکيه دروازو 15 فوٽ 9 انچ ڊگهو ۽ 10 فوٽ وڪيرو آهي، منجهس 234 لوها ڪل لڳل آهن ۽ دروازي مٿان چڙهڻ لاءِ پاسي کان هڪ ڏاڪڻ ٺاهي وئي آهي، جنهن کي 39 ڏاڪا آهن. ان بعد هڪ وڏي چاڙهي چڙهي موڙ ڪاٽي مٿي اچبو ته ٻيو وڏو دروازو آهي. هن کي 208 لوها ڪل لڳل آهن ۽ سندس اوچائي 13 فوٽ آهي. پاسي واري ڏاڪڻ کي 30 ڏاڪا اٿس. اهو دروازو پار ڪري ٿورو اڳڀرو هلبو ته قلعي جو ٽيون ۽ آخري دروازو آهي. هن کي 177 لوها ڪل لڳل آهن. دروازي ٻاهران ساڄي پاسي توپن جي گولن رکڻ جون جايون ٺهيل آهن، جن کي سنهيون لوهيون ڄاريون ڏنل آهن. توپ گولن جو هڪ چڱو خاصو تعداد اتي موجود هو، مگر ”سچل سيمينار“ (1982ع) جي موقعي تي گولا ٻاهر ڪڍيا ويا ته وري واپس ڪونه آندائون. هن دروازي مٿان انگريزيءَ ۾ هيءُ اکر لکيل آهن[1]:
"Abondon hope, all ye who enter here".
(يعني: ”جيڪو اندر داخل ٿئي، سو سڀ لاڳاپا لاهي.“)
هي آخري دروازو اڪري اچڻ بعد جڏهن سامهون ميدان ۾ پهچبو ته هڪ ڪمري نما جاءِ تي نظر پوندي، جنهن کي ڇت نه آهي. ديوار ۾ 150 جارا رکيل آهن. اها جاءِ ڪنهن وقت (Lamp Godown) يعني ڏيئن رکڻ جي جاءِ هئي. بتيون ۽ ڏيئا صاف ڪري تيل ۽ وٽيون وجهي فوجي بيرڪن ۽ رهائشگاهن تي اتان ئي پهچايا ويندا هئا[1]. بتي گودام وٽ بيهي کاٻي نهار ڪبي ته اڇو هڪ حوض ڏسڻ ۾ ايندو. هن حوض جي اونهائي 12 فوٽ، ڊيگهه 37 فوٽ ۽ ويڪر 22 فوٽ آهي. کيس ڍڪڻ لاءِ ڇت يا ڇپرو به ڪنهن وقت هوندو هو، مگر اڄ ان جا نشان فقط ٻه ٺُلهه اندر موجود آهن. هي حوض قلعي اندر رهندڙ ماڻهن کي پاڻي پهچائڻ يا ذخيرو ڪرڻ لاءِ جوڙايو ويو هو. ٻاهران ڪا نهر يا نئن قلعي اندر ڪانه ٿي پهچي، تنهن ڪري چئي سگهبو ته قلعي ۾ موجود کوهه يا ڀرپاسي وارن کوهن مان مشڪن ذريعي پاڻي ڀريو ويندو هو. حوض ۾ هيٺ لهڻ لاءِ هڪ ڏاڪڻ به آهي، جنهن جا 13 ڏاڪا آهن. هن جي صفائي يا گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ اندرئون اندر ڪابه نالي ڪانه ٿي نڪري، شايد فالتو پاڻي ڪنهن ٿانو ذريعي نيڪال ڪيو ويندو هو. قلعي جي چوڌاري توپن رکڻ يا محافظن بيهارڻ لاءِ برج رکيا ويا آهن، جن جي ويڪر 11 فوٽ 2 انچ آهي. اهڙيءَ طرح حوض کان اولهه پاسي جيڪي به برج آهن، تن تي پنهنجي وقت جون مشهور ميراڻيون توپون ”صفاً صفا“ ۽ ”ملڪ ميدان“ رکيل هيون[1]. حوض جي اوڀر ۾ هڪ برج اندر ڏاڪڻ ذريعي چڙهي وڃبو ته منجهس نهايت خوبصورت رنگين گلڪاريءَ جو ڪم ٿيل نظر ايندو. مٿي پهچبو ته کليل صحن آهي ۽ ڀر ۾ رهائشي ڪمري جا بچيل آثار. هي هنڌ نواب يا سپهه سالار جي رهڻ جو هو ۽ اهو برج ”فتح برج“ (Victory Bastion) هو، يعني قلعي جي فتح جي حالت ۾ فاتح فوج پنهنجو جهنڊو انهيءَ تي چاڙهي ها. موجوده وقت ۾ هن هنڌ بيهي ڀرپاسي جي باغات ۽ سرسبز شاداب ميدانن جو من موهيندڙ نظارو ڪرڻ ۾ اچي ٿو[1]. ٽئين مکيه دروازي جي ساڄي يا اتر پاسي ٿورو اڳڀرو هلبو ته مير صاحبن جي قديم رهائشگاهه يا حرم آهي. هن حرم جون ٻاهريون ديواريون ۽ بورچيخاني وارو حصو ڪچو ٺهيل آهي، باقي رهائشگاهه مغليه طرز تي ڪاٺ جي ڪم ۽ در و ديوار تي دلڪش گلڪاري ٿيل آهي. هن کي تاڪن وارا دروازا ڪونه آهن، بلڪ ونگن يا ڪمانن تي دروازا آهن، جيڪي قيمتي ريشمي پردن يا چکن سان بند ڪيا ويندا هئا. هن رهائشگاهه جي ڊيگهه 40 فوٽ، ويڪر 20 فوٽ آهي. ڪن زباني روايتن موجب رياست جو خزانو پڻ هتي ئي رکيو ويندو هو. حرم جي ٻاهران کليل ميدان آهي، جنهن جي وچ تي هڪ ٿلهو ٺهيل آهي. هي ٿلهو ڪچهري، سماع جي محفلن ۽ ڪن روايتن موجب سلاميءَ جي چبوتري طور ڪتب ايندو هو. حرم کان اڳڀرو اتر پاسي قلعي جي آخري ڇيڙي تي واليء رياست جو پٿر مان ٺهيل خوبصورت تخت گاهه آهي. مير صاحب عيد برات، ڪنهن وڏي ڏينهن يا خوشيءَ جي موقعي تي رعيت کي شرف ديدار بخشيندو هو يا اهم پاليسي فيصلن جو اعلان اتي ويهي ڪندو هو. هن تخت گاهه جي ڀرسان يعني اولهه ــ اتر جي ڪنڊ تي مشهور ۽ هن قلعي جي وڏي ۾ وڏي توپ ”مريم“ رکيل هئي. (هاڻي قومي شاهراهه تي خيرپور پوليس لائين آڏو رکيل آهي) ۽ اولهه پاسي ”شيدياڻي“ توپ رکيل هئي[1]. ميرن جي حرم جي سامهون وارو حصو جنم ٽيپ يا عمر قيد جي سزا وارن قيدين لاءِ ”جيل خاني“ ۾ تبديل ڪيو ويو. هيءَ بيرڪ، جنهن جي ڊيگهه 138 فوٽ ۽ ويڪر 9 فوٽ آهي، سا نهايت اونداهي آهي. مٿان هڪ سوراخ اٿس. قيدين کي کاڌو پيتو اُتان ئي اڇلائي ڏنو ويندو هو. هي جيل خانو پنهنجي دور جو سخت ترين بندي خانو شمار ٿيندو هو، جتي ڏيهين کان علاوه ٻين رياستن جا پرڏيهي پر خطرناڪ قيدي پڻ رکيا ويا. زمين کان 70 فوٽ اوچائي، توپن ۽ محافظن جي موجودگي، ٽن دروازن جي هجڻ سبب قيدي جيئري ئي موت سان سمجهوتو ڪري ڇڏيندا هئا.. تنهن هوندي به سن 1882ع ۾ جنم ٽيپ وارن قيدين قلعي اندر بغاوت ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. پنهنجون ڪڙيون ڪڍي توپن تي قبضو ڪري گولا وسايا، جنهن سبب گهڻو جاني نقصان ٿيو آخر وڏي ڪوشش بعد اها بغاوت ناڪام بڻائي وئي[1]. جيستائين قلعي جي طرز تعمير ۽ فني مهارت جو تعلق آهي ته هن قلعي جي تعمير ۾ ڪروڙن جي تعداد ۾ سرون صرف ٿيون آهن. جنهن ٽڪريءَ تي هيءُ ٺاهيو ويو آهي، سا سڌائيءَ تي آهي، جنهن تي لهڻ يا چڙهڻ نهايت مشڪل آهي. دروازا وراڻن ۾ رکيا ويا آهن ته جيئن هاٿين يا حملي آورن جو زور سنئون سڌو نه لڳي سگهي. برسات جي پاڻيءَ جي نيڪال جو جوڳو بندوبست رکيو ويو آهي. چوڌاري بيرڪن کي ٿڌي رکڻ لاءِ هوادانن جو انتظام آهي. پنجاهه فوٽ جي مٿاهينءَ تي سولائي سان پهچائڻ لاءِ سر جو وزن ۽ ماپ مناسب رکيا ويا آهن. يعني ساڍا ڏهه انچ ڊگهي ۽ ست انچ ويڪري ۽ هڪ انچ ٿُلهي. قلعي جي سونهن سوڀا ۾ اضافي لاءِ ڪونگرا ۽ سِرُن جي سٽاءَ سان سهڻيون ڊزائنون ڀتين تي رکيون ويون آهن[1].
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 1.7 1.8 مضمون:ڪوٽ ڏجيءَ جو قلعو؛ ليکڪ: الطاف ”اثيم“؛ رسالي جو نالو ؛ مهراڻ 1986ع ايڊيٽر؛ نفيس احمد ناشاد جلد؛ 35 نمبر 3- 1986ع ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
- ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 2.7 قلعہ کوٹ ڈجی: جو ناقابل تسخیر تھا - Opinions - Dawn News
- ↑ Kot Diji - Wikipedia