ڪهڪشان

فلڪياتي گهڙت
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون فلڪيات تي آهي. ٻين استعمال جي لاءِ ڪهڪشان (سلجهائپ) ڏسو.

ڪهڪشان يا گيليڪسي (Galaxy) تارن، گيس، تارن جي وچ ۾ موجود مواد (Intersteller Medium) ۽ تاريڪ مادي (Dark Matter) جي گڏيل مواد کي چئبو آهي. اهي سڀئي ڪشش ثقل (Gravity) جي زير اثر گڏيل رهندا آهن. سج به هڪ ڪهڪشان ۾ موجود هڪ تارو آهي. آسان جي ڪهڪشان کي کير ڌارا ڪهڪشان چئبو آهي. ڪائنات ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻه سئو ارب ڪهڪشان آهن. انهن مان ڪي ننڍا ته ڪي تمام وڏا آهن. ننڍن ڪهڪشانن ۾ ڪجهه ڪروڙ تارا هوندا آهن، جڏهن ته وڏن ڪهڪشانن سئو کرب تارا هوندا آهن. کير ڌارا ڪهڪشان ۾ ٻه کان ٽي کرب تارا آهن. تارا ۽ ڪهڪشان ۾ موجود ٻيو مواد ڪهڪشان جي مرڪز جي چوڌاري گردش ڪندا آهن. اڪـثر ڪهڪشانن جي مرڪز ۾ تمام وڏو بليڪ هول (Supermassive Black Hole) موجود هوندو آهي. اڪثر ڪهڪشان 3000 کان 300،000 نوري سال قطر جا هوندا آهن. هڪ نوري سال اهو فاصلو آهي جيڪو روشني هڪ سال ۾ طئه ڪندي آهي ۽ ساڍا چورانوي کرب ڪلوميٽر جي برابر هوندو آهي. کير ڌارا ڪهڪشان جو قطر لڳ ڀڳ هڪ لک کان ٻه لک نوري سال آهي.

هي هڪ اسپائرل گيليڪسي NGC 5457، جنهن کي پن ويل گيليڪسي (Pinwheel Galaxy) به چئبو آهي، جي تصوير آهي، جيڪا هبل اسپيس ٽيليسڪوپ سان ورتي وئي.