ڪمپني جو منافعو يا ڊويڊنڊ:(انگريزي: dividend ), (عربي: حصة أرباح)، (فارسي: سود سھام) منافعي جو اھو حصو جيڪو ڪارپوريشن يا ڪمپني طرفان حصيدارن ۾ ورھايو ويندو آهي[1] ڪارپوريشن پنھنجي حاصل ڪيل منافعي يا زائد آمدني کي ٻيھر سيڙپ ۾ وجھندي آهي تہ ان جو ڪجهه حصو ڌار ڪري حصيدارن ۾ ورھائيندي آهي جنھن کي ڊويڊنڊ سڏيو ويندو آهي. حصيدارن کي اھو منافعو روڪ پئسن ۾ يا بينڪ اڪائونٽ ذريعي ادا ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪارپوريشن ۾ ڊويڊنڊ جي ٻيھر سيڙپڪاري جو پلان ھوندو آھي تہ انھن حصن جي ٻيھر خريداري پڻ ٿيندي آھي. ڊويڊنڊ يا منافعي تي انڪم ٽيڪس حصيدار جي ذمي ھوندي آھي. [2]ڊويڊنڊ حصيدار جي في حصي مطابق مقرر رقم مطابق ورھايو ويندو آهي. پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني نہ رڳو منافعو مقرر وقت تي ورھائيندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ان وقت کان اڳ بہ مخصوص منافعو يا اسپيشل ڊويڊنڊ بہ جاري ڪنديون آهن جيڪو مقرر شيڊول واري ڊويڊنڊ کان مختلف ھوندو آھي.لفظ ڊويڊنڊ لاطيني ٻولي جي لفظ ڊويڊنڊم مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي: شئي جيڪا ورھائي وڃي۔[3]

ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي جھاز ايسٽ انڊيا مين جي ٺھيل ھڪ ڪاپي. اھا دنيا جي ڊويڊنڊ ڏيندڙ پھرين پبلڪ ڪمپني ھئي

تاريخ سنواريو

ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني يا وي او سي (VOC) پھرين پبلڪ ڪمپني آھي جنھن ڊويڊنڊ ڏيڻ جي شروعات ڪئي ھئي. [4] [5][6] ان ڪمپني في حصي جي مقرر ڪيل رقم جو 18 سيڪڙو جي برابر رقم بطور ڊويڊنڊ حصيدارن کي 1602 کان 1800 عيسويءَ تائين 200 سال ادا ڪيو.[7]

حوالا سنواريو

  1. O'Sullivan, Arthur; Sheffrin, Steven M. (2003). Economics: Principles in Action. Upper Saddle River, New Jersey 07458: Pearson Prentice Hall. p. 273. ISBN 978-0-13-063085-8. 
  2. Meritt, Cam. "Corporate Taxation When Issuing Dividends". Houston Chronicle. https://smallbusiness.chron.com/corporate-taxation-issuing-dividends-66085.html. Retrieved 9 March 2019. 
  3. "dividend". Online Etymology Dictionary. Douglas Harper. حاصل ڪيل November 9, 2006. 
  4. Baker, H. Kent (ed.): Dividends and Dividend Policy. (Hoboken, NJ: John Wiley & Sons, 2009, ISBN 978-0470455807)
  5. Freedman, Roy S.: Introduction to Financial Technology. (Academic Press, 2006, ISBN 0123704782)
  6. DK Publishing (Dorling Kindersley): The Business Book (Big Ideas Simply Explained). (DK Publishing, 2014, ISBN 1465415858)
  7. Chambers, Clem. "Who needs stock exchanges?". MondoVisione.com. حاصل ڪيل 14 May 2017.