مسئلو ڪشمير، پاڪستان، ھندوستان ۽ ڪشمیري حریت پسندن جي وچ ۾ قبضي ھيٺ (مقبوضہ) ڪشمير جي مالڪي جو تنازعو آھي۔ ھي تڪرار ھندستان جي ورھاست کان ھلي رھيو آھي. ڪشمير معاملي تي ھندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٽي جنگيون ٿي چڪيون آھن. پھرئين جنگ 1947ع، ٻئي 1967ع، ۽ ٽئين 1999ع سياچن ۾ وڙھي وئي. ان کانسواءِ ڪڏھن ڪڏھن ڄمون ڪشمير ۽ پاڪستان جي سرحد جنھن کي لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) چئيو ويندو آھي اتي پڻ گولاباري جي ڏي وٺ ٿيندي آھي. جنھن ۾ ٻنھين ملڪن جي شھري آبادي نشانو بڻجندي آھي۔
انڊيا واري پاسي کي ڄمون ڪشمير يا انڊيا جي قبضي ھيٺ ڪشمير (انڊئن آڪيوپائڊ ڪشمير) سڏبو آھي ۽ پاڪستان واري پاسي آزاد ڪشمير کي پاڪسان جي قبضي ھيٺ ڪشمير (پاڪستان آڪئيوپائڊ ڪشمير) سڏبو آھي. ڄمون ڪشمير جي حريت پسند گروپن ۾ ڪجهه گروپ ڪشمير کي مڪمل آزادي جا حامي آھن تہ ڪجهه ان کي پاڪستان جو حصو بڻقئڻ چاھين ٿا مقبوضہ کشمیر کے حریت پسند ھندستان پوري ڄمون ۽ ڪشميت تي ملڪيت جي دعويدار آھي. 2010ع ۾ ھندوستان جو ڪنٽرول 43 سيڪڙو حصي تي ھيو جنھن ۾ مقبوضہ ڪشمير، ڄمون، لداخ ۽ سياچن گليشئيت شامل آھن، جڏھن تہ پاڪستان جي قبضي ھيٺ 37 سيڪڙو حصو آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي علائقي تي شامل آھي.