ڪرسمس

عيسائي مذھب جو تھوار

500px-Xmas tree animated.gif

عيد ولادت مسيح يا وڏي ڏڻ، کي ڪرسمس به چوندا آهن. جيڪو يسوع مسيح (اسلامي نالو: حضرت عيسا) جي ڄمڻ جي حوالي سان سُرهائي ۽ جشن جو ڏينهن آهي. ڪرسمس عام طور تي هر سال 25 ڊسمبر تي ملهائي ويندي آهي. جيتوڻيڪ تاريخ جا عالم اها ڳالهه مڃين ٿا ته اهو ڏڻ، حضرت عيسا جو اصلي ڄمڻ جو ڏينهن ناهي. اهو جش روم ۾ عيسائيت جي پکڙجڻ کان پهرين به ان ئي تاريخ تي ملهايو ويندو هيو.

ڪرسمس
ڪرسمس جو ڏڻ
عرفيتNoël, Nativity, Xmas, Yule
ملهائڻ واراعیسائي, تمام گهڻا غیر عیسائي به[1][2]
قسمعیسائي, ثقافت
اهميتمسیح جي ڄمڻ جي حوالي سان روايتن تي آڌاريل ڪاڄَ
رسمونChurch services, سوکڙيون ڏيڻ, ڪٽنب ۽ ٻيا سماجي ڪاڄَ، علامتي سينگهار
تاريخ
  • دسمبر 25 – سڀني اولهه ۽ ڪجهه اوڀر جي ديولن ۾
  • جنوري 7 (جولین دسمبر 25) – ڪجهه اوڀر جي ديولن ۾[3][4]
  • January 6 – most of آرمینیا چرچ[5]
  • جنوری 19 (جولین جنوری 6) – ڪجهه آرمينين عيسائي
دورانيو1 ڏڻ
تقررساليانو
لاڳاپيلChristmastide, Christmas Eve, Advent, Annunciation, Epiphany, Baptism of the Lord, Nativity Fast, Nativity of Christ, Yule

پاڪستان ۾ ڪرسمسسنواريو

دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪرسمس ڏاڍي سرهائي سان ملهايو وڃي ٿي. پاڪستان ۾، مسيحي برادري، هي جشن ڏاڍي عقيدت سان ملهائيندي آهي. ان ڏڻ جي حوالي سان حڪومت طرفان هر سال ڪرسمس بازار 22 کان 24 ڊسمبر تي لڳائي ويندي آهي،[6]

ميلاد مسيح مبارڪسنواريو

ڪرسمس جي سڳوري ڏڻ تي مسيحي، ميري (Merry Christmas) ڪرسمس يعني ميلاد مسيح مبارڪ (Meelaad-e-Maseeh Mubarak ) چئي ٻين کي وڌايون ڏيندا آهن ۽ خوشيون ملهائيندا آهن.[7]

حوالاسنواريو