ڪاھو جو دڙو

قدیم آثار

ڪاھو جو دڙو: (انگريزي: Kahu Jo Daro ) پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ ميرپورخاص ضلعي جي شهر ميرپورخاص ۾ واقع ھڪ ڦٽل ۽ قديم شھر جيڪو ٻڌمت مذهب جي تھذيب جو مرڪز ھيو.

ڪاھو جي دڙي جي اسٽوپا مان مليل ٻڌ جو بت

تفصيل سنواريو

 
ڪاھو جو دڙو

ڪاهو جو دڙو وڏي ايراضيءَ تي مشتمل آهي. اھو دڙو پھريون دفعو سر جان جيڪب جي ڌيان ۾ آيو جنھن بعد ان جي تحقيق جو آغاز ٿيو. ان جي کوٽائي سان ان مان خوبصورت گلدان ۽ ٻيا برتن برآمد ٿيا جيڪي جي ميوزيم ۾ رکيا ويا.بهرحال، اڄ مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويل ۽ بي ڌياني جي ور چڙهيل ڪاهو جو دڙو سنڌ جو قديم تاريخي ۽ تهذيبي ورثو آهي. لڳ ڀڳ 2 هزار سال قديم ماڳ آهي. ڪاهو جو دڙو ٻڌ ڌرم وارن جو اٽڪل 30 ايڪڙ ايراضي تي پکڙيل مرڪزي شهر هو جيڪو 1900ع صدي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي جنرل ۽ تڏهوڪي سنڌ جي ڪمشنر جان جيڪب ۽ قديم آثارن جي ماهر ڀنڊرڪار دريافت ڪيو هو. هتي ٻڌ ڌرم جو اسٽوپا به هو جيڪو هاڻ ميسارجي ويو آهي. جتان جان جيڪب ۽ ڀنڊرڪارکي ٻڌ جون مورتيون به مليون هيون، ته ٻڌ ڌرم جون لکتون به مليون هيون. 1929ع ۾ هينري ڪزنس سنڌ ۾ گپتا دور ۾ ٺهيل هندو ديوتا برهما جو پتل جو مجسمو دريافت ڪيو هو، جيڪو پنجين يا ڇهين صدي عيسوي جو آهي. قديم آثارن جي مشهور ماهراين. جي. مجمدار به 1930ع ڌاري هتي کوٽائي ڪئي هئي. انهن ماهرن ڪاهو جي دڙي منجهان ٻيا به ڪيترائي قديم آثار دريافت ڪيا.[1][2]

حوالا سنواريو

  1. "نڌڻڪو بڻيل قديم ڪاهو جو دڙو.........عزيز ڪنگراڻي -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-09-29. 
  2. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-09-29.