ڪانٽيو
ڪانٽيو:(انگريزي: Kantiyo ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي ڇاڇري تعلقي جو ھڪ شھر جيڪو ڇاڇري کان 20 ميل اولهه طرف ڪُنري ڏي ويندڙ لاري رستي تي آهي. هتي مهيشوري، مينگهواڙ، ٺڪر ۽ ٻيا رهن ٿا. واپار ۾ چڱي ترقي ڪئي اٿس. هتي جا مهيشوري شاهوڪار ۽ تعليم يافته آهن. هتي پرائمري مرادانو ۽ زانانو اسڪول، مڊل اسڪول، پوسٽ، مسافرخانو ۽ يونين آفيس آهن. ويجهي اسٽيسن ڪنري 28 ميل آهي، جتان واپار هلي ٿو[1].
ڪانٽيو Kantio | |
---|---|
شھر | |
سنڌ جي نقشي ۾ | |
جاگرافي بيهڪ: 25°10′19″N 69°58′10″E / 25.17194°N 69.96944°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ٿرپارڪر ضلعو |
حوالا
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو