ڪال گرل

سيڪس ورڪرـ هڪ عورت ڪڃري جيڪا فون ذريعي ملاقاتون قبول ڪري ٿي

ڪال گرل (انگريزي: Call girl) (سنڌي: وئيشا,پاتِـرِڻِ,رنڊي، وئيشا، طوائف، ڪال گرل، بازاري عورتَ[1]) يا جنهنکي في ميل ايسڪارٽ به چيو ويندو آهي هڪ سيڪس ورڪر آهي جيڪا (گهٽي تي ويندڙ جي اُبتڙ) پنهنجي پيشي کي عام ماڻهن جي اڳيان نه ڏيکاريندي آهي، ۽ نه ئي هوءَ عام طور تي ڪنهن اداري جهڙوڪ ڪوٺيءَ تي ڪم ڪندي آهي، جڏهن ته هوءَ ڪنهن ايسڪارٽ ايجنسي طرفان ملازم ٿي سگهي ٿي.[2][3] ان زائفان سان ان جي جسماني سيوا حاصل ڪرڻ جي لاءِ گراهڪ کي هڪ اپائنٽمينٽ وٺڻ جي گهرجُ هوندي آهي، جيڪا عام طور تي هڪ ٽيليفون نمبر تي ڪال ڪري ممڪن ٿي سگهي ٿي. دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾، ڪال گرلز اڪثر ڪري رسالن ۾ ۽ انٽرنيٽ ذريعي ننڍن اشتهارن ۾ پنهنجي خدمتن جو اشتهار ڏين ٿيون، جيتوڻيڪ هڪ وچ واري اشتهار ڏيندڙ، جهڙوڪ هڪ اسڪارٽ ايجنسي، ايسڪارٽس کي فروغ ڏيڻ ۾ ملوث ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته، ورلي، انهن مان ڪجهه ايسڪارٽ کي ڀڙو سنڀاليندو آهي.[4] ڪال گرلز يا ته انڪال تي ڪم ڪري سگهن ٿيون، جتي گراهڪ وٽن اچي ٿو، يا آئوٽ ڪال، جتي اهي گراهڪ وٽ وڃن ٿيون. ڪجهه فحش اداڪارائون به ايسڪارٽ طور ڪم ڪرڻ لاءِ سڃاتيون وينديون آھن.[5]

زيويئرا هولينڊر هڪ اڳوڻي ڪال گرل، ميڊم ۽ ليکڪا آهي۔
زيويئرا هولينڊر هڪ اڳوڻي ڪال گرل، ميڊم ۽ ليکڪا آهي۔

انٽرنيٽ سنواريو

 
تيجوانا، ميڪسيڪو ۾ وئيشيا

ڪيتريون ئي ڪال گرل ايجنسيون ۽ آزاد ڪال گرلز جون پنهنجون ويب سائيٽون آهن. انٽرنيٽ هڪ مکيه ذريعو بڻجي چڪو آهي جنهن ذريعي گراهڪ پنهنجي گهربل اسڪارٽ کي ڳوليندا آهن.[6][7][8] عام طور تي، عورت جي تصوير ڏني ويندي آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن، جنسي خدمتن جو قسم هوء پيش ڪرڻ لاء تيار آهي.[9]

ڪُجھ ملڪن ۾ ان ڌنڌي لاءِ مخصوص علائقا مقرر ٿيل ھوندا آھن جن کي ريڊلائٽ ايريا، ريڊلائٽ اسٽريٽ ۽ ريڊ لائٽ ڊسٽرڪٽ جو نالو ڏنو ويو آھي، ان ڌنڌي ۾ ظاھري طور اڇااُجرا نظر ايندڙ ماڻھو (اُنھن پاٿاريدارن ۾ مرد ۽ عورتون ٻئي ٿي سگھن ٿا) ھڪ وڏي مافيا ھوندا آھن جن کي قانوني طور اجازتنامو پڻ مليل ھوندو آھي پر ڪُجھ ڳُجھ ڳوھ ۾ اھو ڌنڌو ڪندا آھن. ان ڌنڌي سان واڳيل ڪُجھ مافيا اھڙن علائقن جتي بيروزگاري گھڻي ھوندي آھي جھڙوڪ پنجاب مان پڻ ھيومن ٽريفڪنگ ذريعي ڇوڪريون ڪراچي ۾ گُھرايو وينديون آھن جتان پوءِ کين دُبئي ۽ گلف رياستن ڏانھن نيو ويندو آھي اُتان ڇوڪرين کي نوڪري ڏيارڻ جي بھاني سان گُھرائي، پوءِ ڊيڄاري ڌمڪائي مجبورن کين اھڙو ڌنڌو ڪرايو ويندو آھي، ان ڌنڌي لاءِ ميٽروپوليٽن ۽ ڪاسموپوليٽن وڏن شھرن ۾ اسپا (SPA), اسڪارٽ سروس ايجنسي مساج پارلر وسيلي ھي ڌنڌو ڪيو وڃي ٿو. جسم فروشي جي دنيا ۾ وئيشيائن جي هڪ قسم کي ”ڪال گرل“ پڻ سڏيو ويندو آهي. جڏهن ته ماڻهو هن قسم جي وئيشيائن کي ”ٽيڪسي، گشتي، ۽ ريلَ “ چوندا آهن. ڪال گرل جي اصطلاح 1920ع ۾ استعمال ٿيڻ لڳي. جڏهن جسم فروشي جي دنيا ۾ ڪم ڪندڙ وئيشيائون اڪثر پنهنجي گراهڪن کي آزاد نموني سان مقرر تاريخ، وقت جڳهه تي ٽيلي فون ذريعي گهرائڻ لڳيون يا پاڻ پهچڻ لڳيون.

سوشل ميڊيا سنواريو

سوشل ميڊيا جي اچڻ سان ڪيتريون ئي سولائيون ٿي ويون آھن ڪُجھ موبائل ايپ جِن ۾ بِگولائيو BigoLive، ٽِڪٽاڪ TikTok، لائيؤمي LiveMe وغيرھ بظاھر آن لائن ڪچھري کل ڀوڳ ۽ سوشل ميٽاَپ لاءِ جُڙيل آھن پر انھن تي بہ ماڻھو پنھنجو ذھن، سوچ ۽ ڌنڌي جي لحاظ کان فائدو ماڻي رھيا آھن، جڏھن تہ انھن ڄاڻايل ايپ تي قائدا ۽ اصول پڻ موجود ھوندي، جيڪڏھن ڪوئي اُگھاڙپ (Nudity) ۽ ان جھڙين سرگرمين ڪرڻ تي واپرائيندڙن (يوزرز) جا اڪائونٽ بندش ھيٺ اچي ويندا آھن. ڪال گرل ۽ وئيشيا ۾ بنيادي فرق اهو آهي تہ ڪال گرل پنهنجو ڪاروبار خودمختيار ٿي ڪندي آهي. ۽ مردن کي ٽيلي فون ڪال يا ٻين جديد ذريعن وسيلي پاڻ ڏانهن موهيت ڪندي آهي. ڪار گرل سرعام چڪلن تي ڪم نه ڪندي آهي. هوءَ هڪ ڳُجھي ريت وئيشيا آهي. جيڪا ظاهري طور عزتدار عورت جو روپ ڌاريندي آهي ۽ دلچسپ انداز ۾ ڳالھ ٻولھ ڪندي آهي، هشاش بشاش شخصيت جون مالڪ اهي ڳُجهيون طوائفون، ڪي ته گريجوئيٽ پاس هونديون آهن ۽ انهن کي سڃاڻڻ تمام ڏکيو ڪم هوندو آهي.

پڻ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو