ڪالي

شڪتيءَ سان لاڳاپيل ھندو ديوي

ڪالي (Sanskrit: काली)، عرف ڪاليڪا (Sanskrit: कालिका) يا شيام (Sanskrit: श्यामा) يا ڪالي ماتا، ھندو مت خاص ڪري تانترڪ پؤلڳن جي پويتر ھستي يا ديوي آھي. اڪثر ھنود ڪالي ماتا کي شيو جي ڪھاري ڳُڻن (صفتن) جو نسواني پاسو پڻ سمجھندا آھن. ڀارت جي اوڀرندي شھر ڪولڪتا (ڪولڪتہ) جو نالو ڪالي ماتا ديوي جي نالي پُٺيان ئي رکيو ويو آھي.[1] ڪالي ۽ اوردس مھاديو منجھان ھڪ آھي. مھاودياس ھڪ ديوي ديوتا کي چئبو آھي جيڪا ھندوڌرم ۽ ٻُڌڌرم ۾ ساڳئي آھي.

ڪالي
وقت جي ديوي, سرجڻھار, تباھي ۽ سگھ (شڪتي)
ڏھ مھاودياس جو/جي ڀاتي

سمھارا ڪالي پاران راجا روي ورما
اشريڪ مھاڪالي, پاروتي/درڳا, مھاودياس, شڪتي
ٺِڪاڻو (پر تفسير جي لحاظ کان مختلف شمشان), ماندوپا
ھٿيار Scimitar, تلوار, تريشولا (Trident)
ساٿي ڀادرا, مھاڪالا (شوا جي صورت)
سواري ببر شينھن
تھوار ڪالي پوڄا, نوراتري
ڪالي 1885-95 ورھيا

ڪالي جو ظاھر ٿيڻ دُشٽ شڪتين ( شيطاني طاقتن) جو انت آڻڻ لاءِ ٿيو ھيو. شڪتي جي سڀ کان وڏي سگھاري قِسم آھي. ڪالي شيو مت جي تنتر/تانرڪ شعبو جي ڪول مارگ درجي جي ھڪ اندروني ايڪو (حصو) آھي.[2]

1- باھ (اگني) جي شعلن جا ست ٻولين ۾ انکي ست ڳاڙھن (سُرخ) ڀينرن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي.

2- ھڪ ديوي جيڪا شيو جي شڪتي جو اظھار آھي، تنھنکي پاروتي، اما ۽ ڀواڻي جو نالو ڏنو ويندو آھي. سري نقطۂ نظر سان اھا حق جي اعليٰ ترين اظھار جي نمائندگي ڪندي آھي جيڪو رُتبو ۾ ھندو مت جي پريم آتما کان رتبي ۾ وڏو درجو آھي.

3-ڪالي امر (ابديت) جي نمائندو پڻ آھي، انھيءَ لحاظ کان اھا جيون دان پڻ ڏيندي آھي ۽ جيون ڪش (زندگي کسڻ) پڻ آھي. انھيءَ حيثيت ۾ ان جو مجسمو چار ٻانھُن واري ھڪ ناري (عورت) وانگر بڻيل آھي، جنھن جون ڏانداريون آھن ۽ ھي ھر شيءِ کي اڳري ويندي آھي. ھي ڦندو (ڦاھي)، تلوار ۽ کوپڙي واري لٺ کنيو بيٺل آھي. شمشان گھاٽن سان وابستگي پڻ انھيءَ ڪارڻ آھي. ڊَپ (ڊڄ، خوف) جي نوعيت سان آگاھيءَ سبب ڊڄ جي حالت ۾ ان جي پِٽَ ڏيندا آھن.

4- ڪالي جو پويتر (مقدس) مندر ڪالي گھاٽ ڪلڪتا ۾ آھي. ان مندر جي اھميت سان واڳيل مطابق مھاديو شيو) پنھنجي زال جو لاش کڻي سموري جھان (عالم) ۾ گُھمي رھيو ھيو تہ انکي تباھ ڪري ڇڏي. وشنو وچ ۾ پئجي پنھنجي چڪر کان ڪالي جي لاش کي ايڪونجاھ ڀاڱن ۾ڪَپي ڇڏيو. اھي ٽڪرا (ڀاڱا) جتي ڪِريا اھا جڳھ متبرڪ بڻجي وئي ۽ اتي مندر بڻايو ويو.

5- غير برھمڻ ڪالي جي درڳاھ جي روپ کي مڃيندا آھن، مثال طور بنگال ۾ درڳا پوڄا عام آھي. [3] سنڌ ۾ موجود مڪلي لاءِ پڻ گمان آھي تہ اھو نالو اصل ۾ ڪالي جو بگڙيل نالو آھي جيڪو ڪالي منجھان مڪلي بڻجي ويو.[حوالو گھربل]

حوالا سنواريو

  1. Sanderson, Alexis. "The Śaiva Literature."[مئل ڳنڍڻو] Journal of Indological Studies (Kyoto)، Nos. 24 & 25 (2012–2013)، 2014, pp. 80.
  2. Sanderson, Alexis. "The Śaiva Literature."[مئل ڳنڍڻو] Journal of Indological Studies (Kyoto)، Nos. 24 & 25 (2012–2013)، 2014, pp. 63–64.
  3. منو ڌرم شاشتر گلوسري (کشاف اصطلاحات) ترجمو ارشد رازي