مک مينيو کوليو

پاروتي
WLA lacma Hindu Goddess Parvati Orissa.jpg 

معلومات شخصيت
مڙس شِو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو spouse (P26) وڪي ڊيٽا تي

پاروتيءَ (Paarwati) جو شمار هندن جي ٽن اهم ديوين ۾ ٿيندو آهي. هن کي پيار ۽ قربانيءَ جي ديوي به چيو وڃي ٿو. هيءَ شِوَ جي پتني (زال) آهي، جڏهن ته ڪي وري هن کي وشنو جي ڀيڻ سمجهندا آهن.

فهرست

لغوي معناسنواريو

پاروتي سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’جبل‘. هيءَ ٻين ڪيترن ئي نالن سان سڃاتي وڃي ٿي. هندن جي ڌرمي پستڪ وراهه پراڻ (Virah) ۾ سندس پيدائش بابت لکيل آهي ته: ”هڪ ڏينهن برهما، وشنو کان آسمان بي ڪنٺ تي وڃي صلاح ڪئي ته انڌڪ (Andhaka) نالي راڪشش، اشور سان ڪيئن مقابلو ڪجي، انڌڪ، ڪسيپ رشي جو پٽ هيو ۽ هن جي ديتي (Diti) نالي زال مان پيدا ٿيو هو. انڌڪ کي هڪ هزار هٿ ۽ سر، ٻه هزار اکيون ۽ پير هيا. هن جو نالو انڌڪ (اونداهي) ان ڪري هو، جو هو انڌو هئڻ جو بهانو ڪندو هو.انڌڪ ڪيترائي ڏوهه ڪيا هئا. هڪ وڏو ڏوهه اهو هيو جو هن اندر ديوتا جي آسمان سورگ مان پَرجِت (Parijata) نالي وڻ هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

ظهورسنواريو

برهما ۽ وشنو ديوتا، شِوَ کي به ڪنٺ ۾ سڏايو. ٽئي ڄڻا ڪجهه دير ويهي پاڻ ۾ صلاح ڪندا رهيا. ان دوران هڪ ٻي کي تڪڻ لڳا. جڏهن نظرون مليون ته ٽنهي جي روشن نگاهن مان هڪ ملڪوتي حسين دوشيزه وجود ۾ آئي. جنهن جو رنگ نيري ڪنول جي پتين جهڙو لاجوردي هيو. ان عورتاڻي وجود جا ٽي رنگ اڇو، ڪارو ۽ ڳاڙهو هئا. برهما، وشنو ۽ شِوَ ٽئي ان خوبصورت ۽ دل آويز ديويءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا. برهما جي چوڻ تي ان ديوي پاڻ کي اڇي، ڳاڙهي ۽ ڪاري روپ ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو. اهي ٽئي عورتاڻان روپ ماضي، حال ۽ مستقل جي نمائندگي ڪندا آهن. هي ٽئي ديويون هيون. اڇي خوبصورت ۽ متناسب شڪل واري سرسوتي آهي. جيڪا ڪائنات جي تخليق جي عمل ۾ برهما ديوتا سان شريڪ آهي. ڳاڙهي رنگ واري، وشنو جي محبوب زال لڪشمي آهي، جيڪا وشنو سان ملي ڪائنات جي حفاظت ڪري ٿي. ڪاري رنگ واري پاروتي ديوي آهي، جيڪا شِوَ ديوتا جي شڪتي (قوت) آهي. جنهن جون ڪيتريون صفتون ۽ خاصيتون آهن. هن جي پوڄا جي شروعات هماليه جبل کان شروع ٿي ۽ اڄڪلهه سڄي دنيا ۾ رهندڙ هندن ۾ پوڄي وڃي ٿي. هندن جو هڪ خيال آهي ته جڏهن برهما، وشنو ۽ شِوَ ٽنهي ديوتائن جي گڏيل قوت ۽ قدرت، ايشور (Ishwara) جي صورت ۾ گڏجي ويندي آهي. تڏهن هي ديوي، ڀڳوتيءَ (Bhagavati) جي صورت اختيار ڪري ڇڏيندي آهي. دراصل ڌرتيءَ ماتا، فطرت جي عناصر، مقامي ديوين جي پوڄا، ڊگهي عرصي تائين دنيا جي مختلف حصن ۾ ٿيندي رهي آهي. ڌرتي ماتا جي پوڄا اصل ۾ زرخيزي ۽ شادابي جي پوڄا هئي. دنيا جي قديم ڪتابن ۾ مادر ارض (ماتا ديوي، عظيم يا مهاديوي، زرخيزي ۽ شادابيءَ جي ديوي) جو ذڪر ۽ تصور ملي ٿو.

سنڌ ۾ تصورسنواريو

هزارين سال اڳ سنڌ ۾ پوکي ڪندڙ ماڻهن وٽ به زرخيزي ۽ شادابيءَجي ان عظيم ديويءَ جو واضح ۽ پڪو پختو تصور ۽ عقيدو موجود هو. سنڌ جا اوائلي پوکي ڪندڙ، پنهنجي رسمن مطابق ديوي ماتا کي وڏي عقيدت سان پوڄيندا هئا. هڙپا ۽ موهين جي دڙي وغيره مان گول گهڙيل پٿر (يوني) ۽ پڪيل مٽي جون زنانيون مورتيون مليون آهن. انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هتي ڪافي عرصي کان زرخيزي ۽ شادابيءَ جي ديوي جي پوڄا مورتين وغيره جي شڪل ۾ لڳاتار ٿيندي رهي آهي. حقيقت ۾ سنڌ جا ماڻهو اوائلي زراعت جي ديوي (مهاديوي) جي پوڄا شڪتي يعني ديوتائن جي عورتاڻي قوت ۽ توانائيءَ جي حيثيت ۾ ڪندا هئا.

خوبيونسنواريو

شِوَ ديوتا جي زال جي حيثيت ۾ هيءَ ديوي پنهنجي مڙس وانگر ڪيترن ئي خوبين ۽ خاصيتن جي مالڪ آهي. انهي جا مختلف ڪردار آهن. ان مختلف ڪردارن ڪري هن جا نالا به مختلف آهن. مثال: ستي، پاروتي، درگا، ڪالي ۽ اُما وغيره. ستي، پاروتي ۽ اُما جو ڪردار ملائم ۽ نرم آهي. پر درگا ۽ ڪالي ماتا جو ڪردار جنگجو ۽ تشدد وارو آهي. دنيا جي قديم زرعي معاشرن ۾ مذهبي رسمن جو هڪ جزو انساني قرباني به هئي. جيئن ته صدين کان پوءِ هندستان ۾ هڪ وقت اهڙو به آيو هو، جڏهن ديوي جي هڪ صورت ڪالي ديويءَ لاءِ انسان کي قربان ڪري ان جو رت هن کي پيش ڪيو ويندو هو.

نالاسنواريو

هندن جي ڪتاب مهاڀارت ۾ هن جا ڪيترائي نالا ملن ٿا، جيڪي هن ديويءَ جي خاصيتن کي بيان ڪن ٿا، جڏهن ته پراڻن ۾ هن ديويءَ جي مختلف صورتن ۾ واضح فرق ڏيکاريو ويو آهي. انهن کي شِوَ ديوتا جون شڪتيون قرار ڏنو ويو آهي. ان کان سواءِ ديوي کي شِوَ ديوتا جي زال جي حيثيت ۾ وڏو مقام ڏنو ويو آهي. هيءَ ديوي پنهنجي شفقت، رحمدل ۽ حليم ڪردار جي حيثيت سان ستي، اُما (نُور، حسن)، پاروتي (جابلو)، گوري (پيلي، روشن)، هيم وتي (هيماوتي، هماليه جي ڌيءُ)، جگن ماتا (دنيا جي ماءُ) ۽ ڀواني سڏي وڃي ٿي. هي ديوي درگا، ڪالي، شياما، چنڊي، چنڊيڪا، ڀيروي جي نالن سان خونخوار صورت اختيار ڪندي آهي ۽ ڀدر ڪالي، ڀيم ديوي، چامنڍا، مهاڪالي، مها ماري، مهاسوري، ماتنگي، رجسي، رڪت دنتي، ڪرالي، ڪال ڀدر، مُول درگا، شيل پُتري ۽ ڪال راتڙي وغيره جي نالن سان خونخوار صورتن ۾ ظاهر ٿئي ٿي. هن ديويءَ جا ٻيا به ڪيترائي نالا آهن.

مندرسنواريو

جڏهن شِوَ جي پهرين زال سَتِي مري وئي، ته سندس جسم کي پوري هندستان ۾ ٽڪرا ٽڪري ڪري ورهايو ويو. جتي جتي سندس جسم پهتو، اتي شڪتي پنٿ قائم ٿيا ۽ هاڻي انهن هنڌن تي ديويءَ جا مندر قائم آهن. سَتِيءَ جي مرڻ کان پوءِ شِو ويڳاڻو ٿي ويو ۽ شڪتي نه رهڻ ڪري هن دُنيا کان مُنهن موڙي، جبلن جي اونداهين غارن ۾ رهڻ شروع ڪيو. پوءِ پاروتيءَ جي روپ ۾ کيس ٻيهر شڪتي ملي ته هن دنيا ڏانهن واپس رُخ ڪيو. اها ستي ئي هئي، جنهن پاروتيءَ جو روپ ۾ ٻيو جنم ورتو هو، ان ڪري هندن وٽ پاروتي اڄ به شڪتيءَ جي علامت بڻيل ديوي آهي. تامل ناڊو، ڪيرالا، اتر پرديش، گجرات، راجسٿان ۽ سنڌ جي شهرن ۾ سندس وڏا مندر موجود آهن. هنگلاج مندر ۽ ڪالي مندر اروڙ ان جا مثال آهن. [1]

حوالاسنواريو

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011