ڪويزار (quasar :(/ˈkwzɑr/)}}) جنھڻ کي QSO يا ڪويسا اسٽيلر آبجيڪٽ (quasi-stellar object) بہ چوندا آهن. اھو ھڪ بي حد روشن ۽ تابڪاري وارو ڪھڪشانئي مرڪز (active galactic nucleus) يا (AGN) ھوندو آھي. وڏين ڪھڪشائن ۾ اڪثر جي مرڪز ۾ بي حد وڏو بليڪ ھول (black hole) ھوندو آھي جن جو ڪميت (mass) ڪروڙين يا اربن سجن جي برابر هوندو آهي. ڪويزار ۽ ٻين قسمن جا AGN ۾ بليڪ ھول گئسن جي ٺھيل اڪريشن ڊسڪ سان گھيريل آھن. جيئن جيئن اڪريشن ڊسڪ مان گئسون بليڪ ھول تي ڪرنديون آهن تيئن تيئن برق مقناطيسي تابڪاري (Electromagnetic Radiation) ٻاھر نڪرندي آهي جيڪا اليڪٽرو ميگنيٽڪ اسپيڪٽرم ذريعي ريڊيائي، انفرا ريڊ، الٽرا وائيلٽ، ايڪس ري ۽ گاما لھرن جي صورت ۾ ڏسي سگھجي ٿي. ڪويزار جي روشن ٿيڻ جي طاقت تمام وڏي ھوندي آھي. سڀ کان وڌيڪ طاقتور ڪويزارن جي ليومینوسٽي يا توانائي خارج ٿيڻ جي طاقت 1041 واٽ (watt) کان وڌيڪ آھي. اھا ڪھڪشان يا ملڪي وي (Milky Way) جي توانائيءَ کان ھزارين ڀيرا وڌيڪ آھي. [2]

ھڪ فنڪار پاران ٺاھيل تصوير جنھن ۾ خارجي مادن جي گڏ ٿيڻ سان ٺھندڙ پليٽ، جنھن کي ULAS J1120+0641 جي اڪريشن ڊسڪ (accretion disk) چون ٿا ڏيکاريل آهي اھو ھڪ تمام ڏورانھون ڪئيزار آهي جنھن جو مايو(mass) سج کان ٻہ ارب دفعا وڏو آهي ۽ ان کي بليڪ ھول مان طاقت ملي ٿي.[1]

لفظ جي معني

سنواريو

لفظ ڪئيزار (quasar) اصل ۾ ڪئساء اسٽيلر quasi-stellar جي مختصر صورت آھي جنھن جي معني آھي ستاري وانگر يا تاري جھڙو(star-like) ريڊيائي ذريعو آھي. ڇو ته ڪئيزار جي سڀ کان پھرين سڃاڻپ 1950 واري ڏھاڪي ۾ ھڪ نامعلوم جسماني شئي مان ريڊيائي لھرن جي نڪرڻ واري وسيلي طور ٿي ھئي. جڏھن ظاھري لھرن ذريعي تصويرن ۾ انهن جي سڃاڻپ ٿي ته آھي ھڪ جھڪي روشني واري ستاري جي روشني وانگر لڳا. ھبل خلائي دوربيني تان ورتل ڪئيزار يا ڪئيزارن جي تصويرن اھا ڳالھ ظاھر ڪئي تہ ڪئيزار ڪھڪشائن جي وچ ۾ موجود ھوندا آھن[3]