ڪئنال يا ھٿرادو واھ، انسانن پاران ٺاھيل پاڻيءَ جا رستا آهن، جيڪي ٻوڏ جي ڪنٽرول ۽ آبپاشي لاءِ يا پاڻيءَ جي ٽرانسپورٽ گاڏين (جھڙوڪ پاڻيءَ جون ٽيڪسين) کي هلائڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن. اهي عام طور تي فطري دريائن وانگر وهندڙ، پر آزاد ۽ سست رفتار پاڻيءَ سان هوندا آهن.

عام طور تي، هڪ ڪئنال ۾ ڊيم ۽ لاڪ جو سلسلو هوندو آهي، جيڪي هلڪي رفتار سان پاڻيءَ جي وهڪري لاءِ تلاءُ (slack water levels) ٺاهيندا آهن. اهڙا تلاء اڪثر صرف ليولز سڏيا ويندا آهن. جڏهن ڪو ڪئنال قدرتي درياءَ سان گڏوگڏ هلندو ۽ ان جي وسيلن کي استعمال ڪندي ڊيم ۽ لاڪ تعمير ڪري تلاء جي ليولز کي وڌائيندو آهي، تہ ان کي نيويگيشن ڪئنال سڏيو ويندو آهي.

ڪئنال هڪ جابلو ٽڪريءَ جي وچ مان ڪٽجي سگهي ٿو، جتي پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ مٿين سطح تي خارجي ذريعن جي ضرورت پوندي آهي. اهڙي قسم جو سڀ کان مشھور مثال پاناما ڪئنال آهي.

ڪيترائي ڪئنال واديءَ ۽ ٻين پاڻيءَ جي رستن کان مٿاهين سطح تي تعمير ڪيا ويا آهن. جيڪي پاڻيءَ جي مٿانھين سطح مان پاڻي کڻي شھرن يا ٻين ضرورتن واري جڳھن تائين پھچائي سگهن ٿا. رومن سلطنت جا آبي نالا (aqueducts) بہ اهڙي قسم جا پاڻيءَ جي فراهميءَ وارا ڪئنال هئا.

اهو اصطلاح هڪ وقت مريخ جي سطح تي نظر ايندڙ لڪيرن لاءِ بہ استعمال ٿيندو هو، جن کي مارشن ڪئنالز سڏيو ويندو هو، پر اهي هڪ بصري ڌوڪو (optical illusion) هئا.