قديم زماني جي هڪ سلطنت، جنهن جي گادي جو هنڌ روم ھيو. هن سلطنت جو پهريون بادشاهه آگسٽس سيزر هيو، جيڪو 27 قبل مسيح ۾ تخت تي ويٺو۔ هن کان پهرين روم هڪ جمهوريه هيو، جيڪا جوليس سيزر ۽ پومپي جي گهرو ويڙهه ۽ گائس ماريئس ۽ سولا جي تنازعن جي ڪري ڪمزور ٿي وئي هئي.

رومي سلطنت پنهنجي عروج تي، ڳاڙهو رنگ ۽ نيرو رنگ بالتريیب بعد از تقسيم جي مغربي )اولاهين( رومي سلطنت ۽ بازنطيني سلطنت کي ظاهر ڪري رهيا آهن

گهڻائي هاڻوڪا ملڪ بشمول انگلستان، اسپین، فرانس، اٽلي، يونان، ترڪي ۽ مصر هن عظيم سلطنت جو حصو هيا۔ رومي سلطنت جي ٻولي لاطيني ۽ يوناني هئي۔ اولاهين رومي سلطنت 500 سالن تائين قائم رهي، جڏهن ته اوڀارين يعني بازنطيني سلطنت، جنهن ۾ يونان ۽ ترڪي شامل هيا، هڪ هزار سالن تائين موجود رهي. اوڀارين سلطنت جي گادي جو هنڌ قسطنطنيا هيو.

مغربي )اولهنين( رومي سلطنت 4 سيپٽمبر 476ع تي جرمنن جي هٿان تباهه ٿي وئي، جڏهن ته بازنطيني سلطنت 29 مئي 1453ء ۾ عثمانين جي هٿان فتح قسطنطنيا سان گڏ ختم ڪري ڇڏي۔

پنهنجي عروج جي دور ۾ رومي سلطنت 5،900،000 چورس ڪلوميٽرن (2،300،000 چورس ميل) تي پکڙيل هئي۔ اولهندين تهذيبن جي ثقافت، قانون، طرزيات، فن، ٻولي، مذهب، طرز حڪومت، فوجون ۽ طرز تعمير ۾ اڄ به رومي سلطنت جي جھلڪ نظر ايندي آهي۔

لاڳاپيل مضمون سنواريو

تصويرون سنواريو