ڪاڄو يا کاجا (Cashew) هڪ سڪل ميوو آهي. هن کي هندي ۾ هِجلي بادام به سڏيندا آهن. هن جو وڻ شڪل توڙي قد ۾ اخروٽ جهڙو ٿو ٿئي، پر پن پورا سڌا بيٺل نه اٿس. گل سرها گلاب جي رنگ جهڙا ٿا ٿينس. دکن هندستان ۾ هي وڻ وڏو قد ڪري ٿو. ٻين به گهڻن هنڌن، جهڙوڪ برما، آفريڪا، سري لنڪا وغيره ۾ ٿئي ٿو. ميوو شڪل ۾ ننڍي زيتون جهڙو ٿو ٿئي، جنهن جي هيٺان ڪاڄو لڳل رهي ٿو. اهو ميوو به کاڄندو آهي ۽ ڪاڄو به سڪل ميوي طور استعمال تيندو آهي. شڪل توڙي قد بُڪيءَ جهڙو ٿو ٿئيس. کل ٿلهي ۽ سخت اٿس. کل ۽ مغز جي وچ ۾ تيل جهڙي سخت شيءِ رهيس ٿي. مغز باهه ۾ پوهي يا ڀڃي کائيندا آهن. بعضي ميوي جي ڳر کنڊ يا سرڪي ۾ ڪاڙهي ڪم آڻيندا آهن.

کاڄا
پڪل کاڄا
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): ايناڪارڊيم
جنس: Template:Taxonomy/ايناڪارڊيم{. آڪسيڊينٽيل
حياتياتي نالو
ايناڪارڊيم آڪسيڊينٽيل
ڪارل لينئي

برسات جي موسم ۾ هن جو ٻج پوکڻ ۾ ايندو آهي. ٽَڪرن تي نه ٿيندو آهي. ڪاڄو کي انگريزيءَ ۾ ڪاشيو نَٽ چوندا آهن. اردوءَ ۾ ان کي ڪاجو چوندا آھي.[1]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن: 1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.