سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون فلڪيات تي آهي. ٻين استعمال جي لاءِ ڪهڪشان (سلجهائپ) ڏسو.
سنڌي اصطلاح انگريزي اصطلاح
جھرمٽ
سنگتراش
عمودي چاڙهه
افقي لاٿَ
سُرخ سيرَ
ظاهري جسامت
ظاهري پد
نوري سال
ڇلائون ڊول
گھُٻيل
ٻِه گھٻيل
کيرائين واٽ
ڏورويک
منهن ڀر
constellation
sculptor
right ascension
declination
red-shift
apparent size
apparent magnitude
light-year
ring shape
convex
bi-convex (lenticular)
milkyway
telesccope
head-on

ڦِيٿَ ڪهڪشان (جنهن کي ESO 350-40 طور پڻ سڃاتو ويندو آهي) اسان کان 50 ڪروڙ نوري سال پرتي سنگتراش نالي جھرمٽ ۾ هڪ ٻِہ-گھُٻِيَلَ ڪهڪشان آهي. ان ڪهڪشان کي 1941ع ڌاري فرز زئيڪي دريافت ڪيو. تڏڻي فرز زئيڪي سمجھيو ته اها ڪهڪشان هڪ انتهائي پيچيده جڙت آهي، جنهن جي وضاحت نجمياتي حرڪيات جي بنياد تي ڪرڻي پوندي. [4][5] ان ڪهڪشان جي ويڪر جو تخمينو هڪ لک 50 هزار نوري سال لڳايو ويو، جيڪو کيرائين واٽ جي ويڪر کان ٿورو وڌيڪ آهي.

ڦِيٿَ ڪهڪشان

ڦِيٿَ ڪهڪشان، نقلي رنگن ۾ ڏسجندي.
مشاهداتي اعداد (J2000 epoch)
جھرمٽ سنگتراش
عمودي چاڙهه 00ڪ 37م 41.1س[1]
اُفقي لاٿَ -33° 42′ 59″[1]
سُرخ سيرَ 9050 ± 3 ڪلوميٽر/سيڪنڊ[1]
فاصلو 50 ڪروڙ نوري سال[2]
قسم S pec (ڇلو)[1]
ظاهري جسامت (V) 1′.1 × 0′.9[1]
ظاهري پد (V) 15.2[1]
قابل ذڪر خصوصيتون ڇلائون ڊول
ٻي سڃاڻپ
MCG-06-02-022a,[1] PGC 2248[1]

اوسر سنواريو

هڪ ويجھڙي ڪهڪشان سان منهن ڀر ٽڪرائجڻ کان اڳ اها بہ کيرائين واٽ وانگي هڪ عام ڪهڪشان هئي. جڏهن ڦيٿَ ڪهڪشان مان ويجھڙي ڪهڪشان پار گذري، تڏهن ٽڪراءُ باعث منجھانئس هڪ جھنجھوڙي ڇڏيندڙ طاقتور لهر ڊوڙي وئي، جيئن ڪنهن پهڻ کي چيڀاٽي مٽيءَ جو ڍير ڪري ڇڏجي.

ڪهڪشان جي مرڪزي حصي جي چوگرد تيز رفتار سان هلندي، ڌماڪي جي ان لهر سموري ڌُوڙ ۽ گيس ٻهاري ڇڏي. جڏهن تہ ڪهڪشان جو مرڪزي حصو جيئن جو تيئن رهيو، جنهن سبب اهو نسبتاً چمڪيلو نظر اچي ٿو ۽ سندس چوگرد هڪ نيرو ڇلو بہ ڏسجي ٿو.

ايڪس ڪرڻڪ ذريعا سنواريو

ناسا جي هبل ڏورويک مان نڪتل ڦِيٿَ ڪهڪشان جي هن اصلي رنگ عڪس ۾ ٻن ڪهڪشائن جو حيرت انگيز منهن ڀر ٽڪر نظر اچي رهيو آهي.

خارجي ڳنڍڻا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 1.7 "NASA/IPAC Extragalactic Database". نتيجا براءِ ڦِيٿَ ڪهڪشان. حاصل ڪيل 2006-11-25. 
  2. ناسا