واديءِ مهراڻ جو مردم خيز خطو ازل کان ئي افضل رهندو آيو آهي اهڙا هيرا ۽ جواهر پيدا ڪيا اٿس جو ڪوبه انهن جو مُلھ ڪٿي نٿو سگهي . سائين منٺار فقير راڄڙ به انهن مان هڪ آهي.

راڄڙ قوم جي مختصر تاريخ

سنواريو

راڄڙ قوم سنڌ جي قديم سمان قوم جي هڪ شاخ آهي شجري موجب 14 هاشم سان 20 راڄڙ سان 29 لاکي ڦلاڻي سان(مشهور سخي ڏاتار) سمي سان ملي ٿي.

فقير صاحب جا وڏا

سنواريو

فقير صاحب جا وڏا اصل جيسلمير رياست جا رهندڙ هئا ، پاڻ ڀاڳيا مالوند ماڻهو هئا ، سندن گذر سفر مال تي هو جيئن ته جيسلمير وارياسو علائقو آهي لاڳيتن مينهن نه پوڻ ۽ خشڪ سالي جي ڪري پنهنجي مال متاع سميت اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. (اهو وقت ميرن جي صاحبي وارو هو) ۽ موجوده ڳوٺ کاڻي راڄڙ ۾ اچي آباد ٿيا. فقير صاحب جن جا وڏا اصل کانئي ، قبله حضرت مخدوم نوح رحمت الله عليه جا مريد هئا ، انهن مان ٻه فقير وڏا درويش اڳ به ٿي گذريا آهن مهراڻ فقير راڄڙ ڪنگور جيسلمير انڊيا ،۽ ٻيو سائين منٺار فقير راڄر.

انگريزن جي دور ۾

سنواريو

مهراڻ فقير راڄڙ ڳوٺ ڪنگور جو رهندڙ هو شروعات ۾ مشهور ڌاڙيل هو هڪ رات ڌاڙو هڻي موٽيو ، ڏسي ته هڪ ( لڏو) يعني مسافر فيملي پاڻي نه ملڻ ڪري اڃ جي شدت کان بيحال آهي ۽ انهن مان ٻه ماڻهوڪجھ ٺيڪ حالت ۾ هئا. پاڻ انهن کان پڇيائين ته توهين ڪير آهيو، انهن ٻڌايو ته اسين ڀيل آهيون پاڻي نه ملڻ ڪري تنگ ٿي پيا آهيون . پاڻ انهن کان سانداري ” مشق “ وٺي کين هڪ ويجهو تڙ ”کوه“سجھندو هوئن ان تان پاڻي ڀري اچي ، سڄي لڏي کي پياريئون ۽انهن کي چيائون ته مونکي دُعا ڪريو لڏي وارن چيو ته اسان جون دُعائون توساڻ آهين . پاڻ اتان روانا ٿيا ، اڳتي وڃي اهو خيال آين ته آئون هڪ لڏي کي پاڻي پياري انهن جي جان بچايم ، ۽ ٻين ڪيترن ئي بيگناهن جو مال ڪاهيو پيو وڃان . اهو خيال ڪري پوئتي موٽيا ته اڌ پنڌ تي اها واهر گڏين پاڻ سڀ مال انهن کي ڏئي انهن کان معافي ورتائين . ۽ پاڻ اتان سڌو جبل ڏي هليا جتي هڪ درويش رهندو هو ان وٽ پهتا . زمين سروي ٿي ته فقير صاحب جي وڏن کي به ڪافي زمين ملي. فقير صاحب جن جو والد وڏيرو قبول محمد پنهنجي راڄ جو چـڱون مڙس هو ، فقير صاحب جن جي ولادت باسعادت ، منٺار فقير جي ولادت کان اڳ وڏيري قبول محمد کي ٻه فرزند هئا هڪ ميان پرچي ٻيو ميان حافظ . ان کان پوءِ وڏيري قبول محمد کي ٻيو ڪوبه نرينه اولاد ڪون هو. هڪ دفع حضرت مخدوم امين محمد ” پکن ڌڻي “ رحمته الله عليه ناري جي سفر تي نڪتا ۽ کاڻي راڄڙ ۾ وڏيري قبول محمد جي دعوت تي تشريف فرما ٿيا . اُن کين چيو ته هتي ڪجهه ڪونه ٿيندو توهان پنهنجي مرشد وٽ وڃو، چيائين ته منهنجو مُرشد ڪٿي آهي ، هُن چيو اولھ طرف ڏي ، هو وڻ ڏسين ٿو اهي هالن جون نمِون اٿئي پوءِ مهراڻ فقير هالا شريف وٺي ويو ۽ فيض پرايائين.

منٺار فقير ڪنگور وارو هي مهراڻ فقير جو پوٽو هو وڏو درويش ٿي گذريو آهي جنهن جي چونڪي اڄ تائين مشهور آهي . اڃا تائين ڀاڳيا ماڻهو وڃايل يا جهنگ ۾ رهجي ويل مال جي لاءِ هيئن چوندا آهن. ته کين پنهنجو مال سلامت ملندو آهي هونئن به ماڻهو چوڪي ڏيندا آهن

فقير منٺار تنهنجي چوڪي آهي چوڌار
لوھ جو ڪڙو رُڪ جي واڙ

منٺار فقير ڪنگور واري جي وصال جو سال ۽ منٺار فقير کاڻي واري جي ولادت جو سال ساڳيو آهي ته الله سائين نيڪ ۽ صالح فرزند ڏي. سندن دُعا جواثر ٿيو ۽ پوءِ جلد ئي فقير صاحب جن تولد ٿيا ۽ سندن نالو منٺار رکيو ويو ، فقير صاحب جي ولادت جو سن متفق روايتن موجب 1865ع آهي

ٻالجتي

سنواريو

جئين ته فقير صاحب پنهنجي والدين جا ننڍا فرزند هئا تنهنڪري کيس گهر ۾ لاڏ ڪوڏ سان نپايو ويو پاڻ ننڍي هوندي کان حليم سلڇڻا ۽ هد کان وڌيڪ خوبصورت هئا، ليڪن کين ظاهري تعليم بلڪل ڪانه ملي ڇو جو ان وقت تعليم عام مروج ڪانه هئي پاڻ جڏهن ڳالهائڻ لائق ٿيا ته امومن هڪ ڏهر جا ڪجهه لفظ آلاپيندا هئا فقير صاحب جي ولادت کان ڪجهه ڏيهن پوءِ هڪڙا چار درويش دروازي تي آيا ۽ اچي صدا هنيائون ته جيجان اسان کي ڏاڏي جي زيارت ڪراءِ اهڙي طرح ٽي دفعا اها صدا هڻندا رهيا ، فقير صاحب جي والده فقير صاحب کي پينگهي مان کڻي دروازي تي آئي ، ۽ انهن مان وڏي فقير ٻارڙي کي هنج ۾ وٺي ۽ وات ۾ پڪ وجهي هئين چئي روانا ٿيا ته هي منٺار فقير ڪنگور وارو هتي آيو آهي هن جو ادب ڪجو هي دنيا ۾ مشهور ٿيندو.

جواني ديواني

سنواريو

جڏهن پاڻ سن بلوغت کي رسيا ته اڪثر گوشه نشين رهندا هئا ۽ تمام گهٽ ڳالهائيندا هئا جيڪڏهن ڪا ڳالھ چوندا هئا ته شعر ۾ چئي ويندا هئا ، سندن طاقت ۽ جواني جو اندازو هن ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيترائي ڀيرا سرحل واھ جيڪو فقير صاحب جي ڳوٺ کان هڪ ميل تي آهي پنجويھ ٽيھ فوٽ ويڪرو آهي واھ تان ٽپي ويندا هئا خوشحالي طاقت ۽ زمينداري هوندي هئي پر سندن طبيعت ۾ غرور ۽ تڪبر نه آيو هڪ دفع سندن ڀاءُ ميان پرچي کين چيو ته فلاڻي ڪڙيي تي وڃي بٽئي ڪري اچو انهي ڪڙيي جي سار سنڀار به سندن هٿ هيٺ هئي پاڻ هارين جو حصو هارين کي ڏنائون باقي سڀ غريبن ۾ ورهائي ڇڏيائون انهي واقعي مان سندن دنيا سان لاطمعي جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.

ذڪر بيعت

سنواريو

جئين ته سندن وڏا اصل کان ئي حضرت مخدوم نوح عليه رحمته جن جا مريد هئا ۽ پاڻ به حضرت پکن ڌڻي عليه رحمته جي دعا سان تولد ٿيا هئا جڏهن حضرت پکن ڌڻي رحمته الله عليه ”راهونڊ“ راهونڊ هالا شريف کان اوڀر طرف ڏيڍ ميل پنڌ تي آهي ان وقت اُتي تمام گهڻو گهاٽو جهنگ هو ، اُتي جنگهلي جانور به گهڻا رهندا هئا راهونڊ کي پکا شريف پڻ چيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته پاڻ اُتي پکا اڏي عبادت ۽ زيارت ۾ مشغول رهيا ان ڪري کين پکن ڌڻي پڻ چيو ويندو آهي . پاڻ حضرت پکن ڌڻي رحمته الله عليه جن جوڳ پچائڻ لاءِ چلا ڪشي ڪري رهيا هئا ۽ اها خبر جماعت ۾ عام ٿي ويئي هئي . حضرت پکن ڌڻي رحمته الله عليه جڏهن جوڳ پچائي واپس هالا شريف پهتا ته جماعتون هال شريف زيارت لاءِ روانيون ٿيون ، فقير صاحب جن به هال شريف روانا ٿيا اُتي کين اهو خيال آيو ته ذڪر بيعت وقت حضرت پکن ڌڻي رحمته الله عليه جي حاضري ۾ هڪ سيّد هو، پاڻ ان کي چيائون ته آئون ذڪر وٺندس ان سادات جواب ڏنو ته ذڪر بند آهي . فقير صاحب کين چيو ته مون تي مهرباني ٿئي شاھ صاحب چيو ته ڇوڪرا تون ڪير آهين پاڻ چيائون ته آئون راڄڙ آهيان ۽ ناري ۾ رهان ٿو . شاھ چيو ته آئون وڃي ٿو عرض ڪريان پوءِ کٽن تنهنجا ڀاڳ شاھ صاحب وڃي حضرت پکن ڌڻي رحمته الله عليه کي عرض ڪيو پاڻ يڪدم پڇيائون ته ڪير آهي ، شاھ صاحب وراڻيو ته راڄڙ آهي پاڻ فرمايائون ته ڪٿي جو آهي شاھ صاحب چيو ته ٿري ڇوڪرو آهي ، پاڻ چيائون ته سڏ ڪريو . شاھ صاحب يڪدم سڏ ڪيو فقير صاحب جن آيا ۽ حضرت پکن ڌڻي رحمته الله عليه نظرون ملائي کين ذڪر تحليل ڏنائون . پاڻ ذڪر تحليل وٺي واپس ٿيا ته شاھ صاحب ۽ سڄي جماعت کين مبارڪ ڏني ته ڇوڪرا تون وڏي قسمت وارو آهين ، جو سڀن کان پهرين ذڪر ورتو اٿئي ۽ پاڻ واپس ڳوٺ پهتا

سندن شادي

سنواريو

انهي سال فقير صاحب جي ڀائرن ميان پرچي ۽ ميان حافظ پنهنجي برادر مان فقير صاحب جي شادي ڪرائي . هڪ دفعي مخدوم امين محمد سائين جن ناري جي سفر تي نڪتا ۽ پاڻ راڙ ۾ صحب چانهيون جيڪو حاجي عثمان چانهين کپري واري جو ڏاڏو هو. (سندن ڀاءُ حافظ به هڪ درويش ٿي گذريو آهي) انهن جي دعوت تي پهتا ته کين واپس هالا شريف وڃڻ جو اشارو مليو پاڻ تياري ڪيائون اها خبر سڄي جماعت ۾ پکڙجي ويئي ڪافي ماڻهو رستا وٺي زيارت لاءِ بيٺا . فقير صاحب جن زيارت لاءِ نه وڃين سگهيا ڇو جو سندن وڏي ڀاءُ ميان محمد حافظ جي طبيعت ناچاڪ هوئي . پکن ڌڻي جيئن واپس هالا شريف پهتا ته جلد ئي بقا جي مُلڪ ڏي روانا ٿيا ، انهي واقعي جو فقير صاحب جن تي وڏو اثر پيو.

عشق جي چوٽ

سنواريو

فقير منٺار اڃان جواني ۾ مس رسيو ته حضرت عشق جي لپيٽ ۾ اهڙو سوگهو ٿيو جو مڙس عشق جي چنبن ۾ ڦاسي پيو. حقيقت هئين آهي ته ، ذات جا ڀيل ڳوٺ ڍيڳاري ذات لهڙيا تعلقو سودرو (جيڪو هينئر هندستان انڊيا ۾ آهي) مزدوري سانگي ڳوٺ کاڻي ۾ اچي ويٺا انهن ۾ هڪ ڇوڪري جيڪا صورت ۽ سيرت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي جنهن جي به ان ڇوڪري تي نظر تي پئي ، ته اهو پنهنجي پر ۾ مٿس ڇڪن ٿي تي پيو اُن ناز ڀري صورت تي اٽڪل ڇاونجاه ڄڻا عاشق ٿيا. فقير صاحب جو هڪ شعر آهي جنهن ۾ ڇاونجاه ڄڻن جا نالا آيل آهن پر افسوس جو پورو شعر هٿ نه اچي سگهيو صرف چند سٽون مليون .

اچي ساماڻي اوچتي ناز ڀري نينگر
جنهن تي مڙئي عاشق ٿيا ڇاونجاه ڇوڪر
مهت مليو منٺار کي جنهن ڇيهو ڪيو ڇوڪر

فقير صاحب به انهن ڇاونجاه ڄڻن مان هڪ هو گويا اها هڪ عشق جي بازي هئي کٽڻ هارائڻ ٻين جي هٿ ۾ هو. فقير صاحب جو هڪ شعر انهي حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿو، عشق بادشاھ آهي بادشاهن کي تخت ڇڏائي عاقلن کي ناچو ڪري نچايو اٿس ، فقير صاحب جي حوالي جيڪو ڪڙيو هو ان جي سموري پيدائش ڀيلن جي حوالي ٿي . آخر اهو وقت آيو جو فقير صاحب کي پهريون انجام مليو ، پاڻ اتي پهتا ۽ مائي به انجام مطابق آئي ۽ پاڻ به ڏسڻ پسڻ ۾ موهت ٿي ويا تان جو رات جا اٽڪل (3) ٽي اچي ٿيا ، اتي کين نفساتي خواهش ٿي ، ته کين اُٺن ۽ گهوڙن جي هلڻ ۽ ذڪر ڪلمي جي تنوار ٻڌڻ ۾ آئي ، جي سڌا پاڻ ڏانهن پي آيا ، ۽ اهو آواز ٻڌائون ته مخدوم امين محّمد سائين جن اچي رهيا آهن ۽ پاڻ هڪدم اٿيا ۽ مائي کي چيائون ته وري سڀهاڻي ملنداسون اڄ مهنجو مُرشد اچي رهيو آهي ۽ پاڻ واپس وريا ۽ سڄو ڏينهن انهي ڳالھ تي سوچيندا رهيا ته مرشد سائين ته دارالبقا ڏانهن ويا آهن . هي ماجرا ڇا آهي آخر وري ٻي رات ٿي ۽ وري انجام تي ويا ۽ مائي به آئي ۽ وري ساڳئي وقت تي کين نفسياتي خواهش ٿي ته وري ساڳيا اُٺ ساڳيا گهوڙا ۽ ساڳئي ذڪر ۽ ڪلمي جي تنوار .

پاڻ چيائون ته انجام واري جاءِ مٽائجي ۽ سڀهاڻ رات وري ٻي جاءِ تي ملنداسون ، ائين چئي پاڻ روانا ٿيا ۽ ٻيو ڏينهن به انهي خيالن ۾ رهيا ته هي آهي ڇا .  آخر ٽي رات به ساڳي حالت ٿي ۽ صبوح جو ڀيلن لڏو کنيو، واپس پنهنجي ملڪ روانا ٿيا ۽ فقير صاحب جن به پيڇو ڪيو ، رات ٿي لڏي ڍاٻو ڪيو ، فقير صاحب جن به ڪنهن کٻڙي هيٺان سمهي رهيا ، صبح جو لڏو ناري جو آباد علائقو ڇڏي ٿر جي وارياسي علائقي ۾ روانا ٿيا ۽ پاڻ نا اميد ٿي واپس وريا ۽ اچي جتي هينئر سندن درگاھ آهي اُتي ويهي رهيا ، پاڻ سڄي رات نفسياتي خيالن ۾ رهيا ۽ پوئين رات ساڳئين وقت تي کين ننڊ جي جهير آئي ، خواب ۾ ڇا ڏسن ته حضرت پکن ڌڻي رحمته الله عليه گهوڙي تي چڙهي اچي رهيا آهن ۽ پاڻ اُٿي گهوڙو ورتائون سائن لهي فرمايو ته گهوڙي کي ڇڏي ڏيو توهين هيڏانهن اچو ۽ پاڻ اچي جتي فقير صاحب ويٺا هئا اتي ويٺا ۽ هڪ ڪتاب ڪڍي فقير صاحب کي ڏنائون ته پڙھ پاڻ جواب ۾ عرض ڪيائون ته قبله سائين آئون پڙهيل ڪونه آهيان ، پاڻ فرمايائون ته پڙھ اسين توکي پڙهايون ٿا ۽ پاڻ ڪتاب جي هر هڪ سٽ تي اڱر رکي پڙهندا ويا ۽ فقير صاحب پٺيان پڙهندو رهيو فقير صاحب کي هي ڪلام پڙها يائون .

ٿلھ ؛ لاهي ويھ مَ لڏ هل ته پهچين هوت کي
ڪم نه ايندئي ڪيچ ري ڪا ٻي اڏاوت اڏ
ڀنڀا هن ڀنڀور جا نيئي رسائيندئي کڏ
ٻانڀڻ عشق ٻروچ جو بيٺو ڪرئي سڏ
هل ته ڪيچ قبول ٿئين هت رلاءِ مَ هڏ
متان منجھين ”منٺار “ تون ڏينهن وڃنئي ٿا ڏڏ

اهو ڪلام پڙهائڻ کان پوءِ ڪتاب ڏيئي فرمايائون ته هاڻ اسين اوهان سان گڏ آهيون ماشا الله ۽ پاڻ گهوڙي تي سوار ٿيا ۽ جتي هينئر سندن مزار آهي اتي اچي فرمايائون ته هي اوهان جو مڪان ميخانو آهي ۽ پاڻ روانا ٿيا . فقير صاحب جن گهوڙي جي واڳ وٺي اڳ ۾ ڊڪندا هليا ۽ انهي حالت ۾ سندن اک کُلي ته پاڻ کي پگهر ۾ شم ڏٺائون صبح جو اکر شناس ٿي پيا ۽ ڀٽائي صاحب جو رسالو رواني سان پڙهڻ لڳا ۽ پاڻ شعر چوڻ به شروع ڪيائون جو لکندا به پاڻ هُيا ۽ پڙهندا به هيا جيڪو به شعر هڪ دفعوزبان مان نڪرندو هو ته اهو دل تي ڇپجي ويندو هو پاڻ افاقي ۽ الهامي شاعر ٿي پيا ۽ مٿن مستي جو جذبو وارد ٿيو جو جڏهن به ننڍ جي جھير ايندي هُين ته حضرت پکن ڌڻي رحمته الله عليه جن جي زيارت ٿيندي هئي ۽ وري انهي جذب ۽ (سيرسياحت)جلال ۾ اچي ويندا هئا. فقير صاحب جن پوءِ سگهوئي دائود فقير سان گڏ سودري روانا ٿيا سودري پهچڻ کان پوءِ فقير صاحب انهن ڀيلن وٽ ويو ۽ ڀيل فقير صاحب جن جا طالب ٿيا ۽ خدمت ڪرڻ لڳا ۽ پوءِ پاڻ اتان اجمير شريف روانا ٿيا جتي خواجه غريب نواز جي زيارت کان مستفيض ٿيا .


سندن وفات

سنواريو

جئين ته فقير صاحب جن پنهنجي حياتي ۾ پنهنجو مقبرو ۽ ان جي لحد مبارڪ ٺهرايو هئائون ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه وقت اُن ۾ سمهندا به هئا ان مان ثابت آهي ته پاڻ موت کي هر وقت ياد رکندا هئا. (1)هڪ شوال سن 1353ھجري عيد الفطر نماز پڙهي عزيز اقارب ۽ سڄي جماعت کي مڪان تي وٺي آيا ۽ پنهنجي آخري آرام گاھ تي بيهي کين چيائون ته هي جاءِ اسان جي آخري جاءِ آهي ۽ پاسن ۾ به جايون ٿينديون جيڪي آئون پنهنجي ٻنهي پوٽن کي ڏيان ٿو . ڇو جو سندن فرزند سندن حياتي ۾ وفات ڪري ويو هو تنهن ڪري ، سندن وڏي ڀائٽي حاجي مير حسن کين چيو ته الله سائين توهان کي وڏي حياتي عطاڪي اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو . پاڻ فرمائيائون ته آئون هاڻي توهان وٽ صرف ڏھ ڏينهن آهيان مون گهُري محرم جي ڏهين تاريخ هئي پر هاڻ ٿي شوال جي ڏهين ، جيئين ته پاڻ پنهنجي هڪ مرثئي ۾ چيو اٿن.

ماھ محرم جي ڏهين تاريخ تي شل دم ڏيان
حُب رکي حُسنين ڏي روئندي هتان راهي ٿيان

نائين شوال تي کين معمولي بخار آيو ۽ پاڻ شام جي وقت پنهنجي سڀني عزيزن ۽ ڳوٺ وارن کي گهُرايائون ۽ کين چيائون اسان کي پنهنجي مُلڪ وڃڻ جي خوشي آهي ۽ پُٺيان روئجو متان ۽ نيڪ نصيحتون ۽ دعائون ڪيائون سومهڻي مهل سڀني کي چيائون ته هاڻي وڃي آرام ڪريو اسين به آرام ٿا ڪريون . ٻيا سڀ ويا هليا ليڪن سندن وڏو پوٽو فقير ولي بخش مرحوم کان پڇيائون ته رات ڪيتري آهي، پاڻ جواب ڏنائون ته پهر کن رات آهي پاڻ وضُو ڪيائون ۽ فقير ولي بخش مرحوم کي چيائون ته کير پياريو . ان وقت فقير ولي بخش جن کين کير آڻي ڏنو پاڻ کير پي سولا ٿي سُتا ۽ چيائون ته هاڻ اسان جي مٿان ٽپڙ وجهي ڇڏيو ۽ پاڻ ڪلمون پڙهڻ شروع ڪيائون ۽ ڪلمي پڙهندي پڙهندي سندن دم پرواز ٿي ويو ( انا الله و انا عليه راجعون)

سندن شاعري

سنواريو

منٺار فقير جو شعر آفاقي ۽ اِلهامي آهي . منٺار شعر جي ڪيترن ئي صنفن ۾ ڪلام چيو آهي جئين ته ڪافي ، بيت ، مدح مولود مناجات، مرثيو ، ڏهر ثي حرفي لولي وغيره هتي اسين هي ڳالھ فخر سان لکون ٿا ته سڄي سنڌ جي گذريل شاعرن مان ڪلام جي تعداد تي نظر وجهبي ته سچل سرمست کان پوءِ ٻيو نمبر منٺار فقير کي ڏبو ته وڌاءُ نه ٿيندو.

پاڻ چار رسالا مڪمل ڇڏيا اٿن.

  1. رسالو خدائي ڇپجي چڪو آهي . جنهن مان هي ڪجهه بيت آئون وائس آف سنڌ کي موڪلي رهيو آهيان اهي بيت رسالي خدائي جي 700صفن مان صرف 22 صفن تي مشتمل سمجھو ته سمپل طور توهان جي آڏو پيش ڪري رهو آهيان تمام مختصر بيت .
  2. رسالو مرتضائي . سوبه ٻيو دفعو ڇپجي ڪو آهي
  3. رسالو رهنمائي .اهو به ٻيو دفعو سروري پبليڪيشن طرفان ڇپيو آهي
  4. رسالو سدائي جيڪو قلمي صورت ۾ موجود آهي

سندن ڪيترو ئي ڪلام قلمبند نه ٿي سگهيو ۽ عام محفلن ۾ ٻڌ جي ٿو جنهن جي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪوشش جاري آهي. اِلهامي شاعر منٺار فقير جي شاعري مان ڪجهه بيت هيٺ ڏجن ٿا.

بيت

1
اول نام الله جو ، جو خالق خالقڻهار
قادر رب ڪريم ، سو جل جلال جبار
وصف ۽ واکاڻ کان آهي پري تنهنجو پار
ڳڻي ڳڻيندو ڪيترا ، ان جا معجزا ”منٺار“
صاحب رب ستار ، ٿيو راضي رب رسول تي

2
ٿيو راضي رب رسول تي ، محّمد لڌو مان
مَلڪن کان به مٿي ڪيئين تنهن سيّد سندو شان
پيدا سندس نور ٿيو جمع سڀ جهان
سج چنڊ تارا ڪتِيون عرش زمينون آسمان
سڀئي سوالي سيّد جا تنهن در گهرن دان
”منٺار“ به منگتو تنهن جو آهي ڀٽ ڳائيندڙ ڀان
او آخرآھ ضمان ڪريم ڏينهن قيام جي

3
واري ڳول وجود ۾ ته تو ۾ ٻولي ڪير
مجھئي تيرت تڪيو تون پري پاءِ م پير
الانسان سري واناسره جنهن منجھ ڦند نه ڦير
متان منجهين ”منٺار“ تون ڇڏ ٻولي جو ڀير
سمجھي لهج سوير ته الک تو هي کي اوڏڙو

4
الکه تو هي کي اوڏڙو تون پري پير م پاءِ
تو ۾ سر سميع جو تون دئوڙي دل سين لاءِ
ونحن اقرب اوڏڙو الکه توهي کي آھ
”منٺار“ پنهنجي من جي هئن کي هٽاءِ
غير غئين جو لاھ ته عين وڃي اثبات ٿئي

5
عين وڃي اثبات ٿئي جنهن منجھ حال حلاج
پاڻ پسڻ کان پري ٿيئي تڏهن صورت سرتاج
غير جنهن سين گم ٿئي اهو ڪر علاج
ته ڏاتر بخشئي ڏاج ، کڻي مردن جي منزل جو

6
مردن جي منزل ۾ ڇڏ لاڳاپا لاهي
تنهنجو ڪم ڪريم سين پوءِ دنيا سان ڇاهي
فاذڪروني اُذ ڪر ڪم ، وڃ قرب منجھئون ڪاهي
مٿو محبوبن کي ڏج سر سنت لاهي
اهو مرڪ آهي محبتين منٺار چئي

7
محبتي منٺار چئي انهي ريت رهن
جو پسڻ ڪارڻ پرين جي ٿا سر صدقي ڪن
باغ بهشت جا جنتون ترڪ ڏنائون تن
طالب الدنيا مخنث ڪر خلق ڦٽو کدڙن
طالب الموليٰ مذڪر ٿيءُ مرد منجھان مردن
سڃاڻج حرف حديث جو ائين چيو محبوبن
محبت ۾ ”منٺار“ تون ڏج پساه پرين
جيڪي انهيءَ اهنڃاڻ عاشق چئجي اُن کي

8
ڪر ياد پنهنجي رب کي جنهن توکي اُپايو
مٽي سنديءَ مُٺ مان توکي باري بنايو
پوءِ پاڻيءَ مان پيدا ڪري توکي هادي هلايو
هنر حرفت ڪيتري توکي صاحب سيکاريو
”منٺار“ پنهنجي من سين سو سدا ساراهيو
ڳايو وڃايو ڪج تعريفون تنهن رب جون

9
ڪر ياد پنهنجي رب کي جنهن جوڙيو سڀ جهان
سڀــــــئي عالم اُن جو هندو مسلمـــــــــــان
”منٺار“ مالڪ آهي راحم ڌڻي رحمـــــــــــــــــان
ساراهي سبحان ڪر تعريفون تنهن رب جون

10
ڪر ياد پنهنجي رب کي تون وسئون ڪيم وسار
جان جان آهين جيئرو تان تان تند تنوار
دنيا سڀ ترڪڻ تال اٿئي غفلت ۾ م گذار
مُئي سندي منٺار تون هستي مڙئي هار
ڏينهن اٿئي ٻه چار اُٿي اور الله سين

11
ڪر ياد پنهنجي رب کي اندر ساھ پساھ
بنا ياد يار جي تنهنجو ٻيو نه وسيلو واھ
اِن ويسر سندي وير ۾ لکين ٿيا گمراھ
تون تون سندي تسبي منٺار پڙھ مداھ
هو هو ڪر همراھ ته وڃين سفر ۾ سکيو ٿي

12
هت حاڪم اڳه به هزار هئا پر ڪھ ته ويا ڪاڏانهن
هرگز هت نه رهڻو تون به ويندي تاڏانهن
”منٺار“ پنهنجي من سين جن سڃاتو الله
سرهو ٿئي ساھ جڳ جڳ رهن جيئرا

13
واھ قدرت واحد سندئي چئو قبلي چوڌارا
ڪئين زمين ڪئين فلڪي سج چنڊ ڪتيون تارا
جيڪي خلقي خلقڻهارا ، سو معلوم اٿئي منٺار چئي

14
واحد وڏائي تنهنجي جا مون آهي لائي من
ته هادي تنهنجي حڪم سان اکيون ٿيون ڏسن
ته هي جي ڪن ڪپار جا سببا تو سڻن
زبان تنهنجي زور سين چپ ڏند ٿا چرن
اڱڙا تنهنجي احسان سين هٿ پير ٿا هلن
جڏهن صاحب ساھ کسيو وٺي تڏهين بازيون بسم ٿين
وڃيو مٽي گڏجي مٽي سين منجھ واري جي ورڪن
يا موليٰ ”منٺار“ چئي تون آهين قادر ڌڻي ڪُلن
ڳڻي ڇا ڳڻجن ڪئين عجب تنهنجا اهڙا

15
توريءَسرت نه سمجھ ڪا توريءَ نه ٿئي اُڪلاءُ
توريءَڪنڌي منهنجي ڪانه ڪا توريءَنه وسيلو واھ
يا موليٰ ”منٺار“ چئي تون هادي ٿيءُ همراھ
آهين تون الله ڪُل قدرت جو ڌڻي

16
ڪلمي جي ڪنجيءَ سان ڪرُف قلب جو کول
سٽون سڪ جي سور جون اندر ٻاهر ٻول
فاذ ڪروني اذڪر ڪم دل ترازيءَ تول
”منٺار“ مالڪ ملڪ جو آهي قادر تنهنجي ڪول
ڳوٺ وسيون مَ ڳول الکه تنهنجي اندر ۾

17
الکه تنهنجي اندر ۾ صاحب رب ستار
ونحن اقرب اليھ من حبل الوريد ، ڪر انهي آيت اعتبار
منٺار موڳائي ڇڏي پنهنجو هُوش ڪجان هُشيار
ته واحد تو کان وار ، پرور پري ڪين ڪي

18
پرور پري ڪين ڪي توکان رازق رب رحيم
آهي ڪک پن ۾ ڪلتار سو قادر پاڻ ڪريم
والله بڪل شيءَ محيط ٿو آگو چوي عليم
جي ” منٺار“ سڃاڻي ميم ته احد توکي عين ٿئي

19
احد توکي عين ٿئي هوند چئو قبلي چوڌار
ٿي موتو قبل انت موتو ته لهي مرڻ ميار
الاانسان سري وانا سره اِيءَ معنيٰ ڏس منٺار
ته تون پڻ تند تنوار هي هو هادي هيڪڙو

20
هي هو هادي هيڪڙو جان ڪيو مطالع مون
ڪلمون لاالله الاالله جو پڙهي پروڙيو سون
ته ريءَ خدا ٻيو ناھ ڪي جنهن کي چئجي ڏون
آءُ پڻ آهيان ڪين ڪي تون رب آهين تون
” منٺار “ پنهنجي من مان ماري ڇڏج مون
عرش آسمان ڀون ، آهي هونگ مڙيائي هيڪڙي

21
بحر بلاول جو چڙهيو دل مٿي درياھ
موج مٿاهين ٿو ڪري البيلو اوڙاھ
واقف گهرجي وير جو ميربحر ملاح
سو تڙ سرور شاھ مان ڪري ”منٺار“ کي

22
مان ڪري ”منٺار“ کي سوتڙ سرور شاھ
ڏسي ٿو ڏاتار جو اسم نام الله
افضل اٻوجهن کي آهي رند رسولي راھ
ساقي سرور شاھ آهي آب حيات جو

23
آهي آب حيات جو ساقي سرور گهوٽ
جتي واھ وحدت جو وهي چڙهندڙ چوٽان چوٽ
منگتا اور نه موٽ وڃ ته واصل تون ٿئين

24
چئو تون الله هيڪڙو سمجهي سرت ساڻ
ذڪر پڙهڻ ذات جو آهي اجرڻ جو اُهڃاڻ
ته پارس منجهان پاڻ هوند سڄوئي سون ٿئين

25
راڳه ڪجي ڪلياڻ جو ڀلو منجھ راڳن
جنهن جي سوز سڻڻ سان ٿا جوش گھڻا جاڳن
مان مُٺي ”منٺار“ چئي برھ ذرو ڀاڳن
موٽي جن ماڳن رم انهي راھ سان

26
ڪوٽ قصر قيد اچي آءٌ پياس
آءُ بندياڻي بند ۾ هتي هئين ٿياس
تن مارن کي ”منٺار “ چئي وسري آءُ وياس
ڪرم هيئن ڪياس جو ٿر مارو آءُ ماڙيئين

27
پهاڙي پريت کي ٿي سڀ دم سڌاري
تنهن جي تند تنوار تون وجود ۾ واري
”منٺار“ پنهنجي من ۾ اُداس نر تئون نهاري
جو اندر اجاري سو صيقل هڻ ته صاف ٿئي

28
پهاڙي پياس يار جيءَ منهنجو من ماري ڪيو مڃ
دلبر دل کسي ويو ڪري سرير ۾ سڃ
اَٿم يار عجيب جي اڪنڊ ۽ ٻي اُڃ
برھ لائي ڀُنڃ مون مُئي سين ”منٺار“ چئي

29
جيسي پياس پهاڙي راڳني ، تيسي پياس ميري من ڪي
لنئون صنم سون لڳه رهي تار ميري تن ڪي
صورت سجن ڪي موھ ڳئي ”منٺار“ نون

30
جيسي پياس پهاڙي راڳني
تيسي پياس ميري من پاس
لنئون صنم سون لڳه رهي تار طلب ڪي تاس
اڪ وار ملن ڪي آس مجڪون” منٺارو“ ڪهي

31
ڪونسيو ڳاءِ قلب مان پنهنجو هوش ڪري هشيار
رکج انهي راڳه تي اندر جو اعتبار
”منٺار“ پنهنجي من ۾ ڪر ويسھ جو ويچار
ته پريون پار سڪ سچائي جي رکين

32
روپ ڪري چئو راڳني قربئون ڪسوري
دلڙي ڏجان دوست کي سنت سموري
”منٺار“ تنهنجي من جي هوند پوءِ ٿئي پوري
اي مقصد منظوري مان ملئي محبوب کان

33
روپ ڪري چئو راڳني ڳاءِ تلنگ جي تان
هستي هئڻ وجود ۾ ڪاوڙ ڇڏ ڪان
پوءِ ”منٺار“ محبت جو ماسو ملئي مان
عشق ملئي احسان مل سان ملي ڪينڪي

34
بروو ڳاءِ برھ مان جو وڍيل ويچارو
من اثر وٺي ان راڳه مان من ٿئي ورھ وارو
محبت ري ”منٺار“ چئي اٿئي مڙئي مونجھارو
چل وٺي چارو ، عشق جي آڌار سان

35
چئي ڪيڏارو ڪربلا جو ياد ڪجان تون ڏينهن
علي جي اولاد تي مرغ وٺو مينهن
موليٰ جو ”منٺار“ چئي نبيھ ٿيڙن نينهن
سورهيه سيد شينهن عاشق ٿيو الله جو

36
حسينيءَ جي حال مادر ماري آهيان
وسرن ڪين وجود مان جيڪي ڪيچي ويڙا ڪالھ
ريءَ محبوبن ”منٺار“ چئي مون نه گهرجن مال
ڇپر جھاڳي شال پسان مان پنهون کي

37
ڪوهيارل ڪيا ڪامڻ جادو جيءَ ۾
وسرن ڪين وجود مان جي هتان هوت ويا
مونکي سندن ”منٺار“ پل پل پور پيا
هلنديس آءُ هِيا ويهنديس ڪين سرتين وچ ۾

38
ڪوهيارل ڪوري منهنجا جيرا جگر جدا ڪيا
لائي باھ برھ جي چت اندر چوري
مان مِلان ”منٺار“ چئي ڏونگر سڀ ڏوري
وڃان گهوٽ مٿان گهوري ، ڏيان سر سيج رڻ ۾ صدقو

39
آءُ سُتي هو هليا ڪشيو ڪيچيئڙن
اٿيس ويل عصر جي ته هاڃو ڪيو هوتن
مونکي گهڻيون ”منٺار“ چئي اوقاتون اچن
پڄاڻا پرين ڏيندس باھ ڀنڀور کي

40
آهيان تنهن جي آسري جنهن جو جوڙيو جڳه جهان
ڪاهي ڏسنديس ڪيچ کي جو موچارو مڪان
پسان مان پنهوءَ کي جو سر ڪردو سلطان
سو آرياڻي اڳواڻ ، مان مُٺي ”منٺار“ چئي

41
جبلڙا جواب ڏي آءُ ٿي پڇان ڏس
ڏونگرڙا ڏيکار مون گهوٽ پنهل جو گس
جي آءُ مليس ”منٺار“ چئي ته توکي چوندس جس
ڪريان وڃڻ سان وس ، پسان مان پنهون کي

42
سارنگ کي سنباھ ، لاءِ وسڻ ولائتن جي
پورپ ۽ پنجاب تي پلر کي پلٽاءِ
قابل ۽ ڪشمير تي ڪڪرن کي ڪڙڪاءِ
ابر عربستان تي چڳي ڀيڄ ڀڄاءِ
هاڻي هندستان جا پوٺا پٽ پُساءِ
والي مينهن وساءِ موهر تي ”منٺار“ چئي

43
سارنگ آيو سنڀري ڪئي مينهن ملاري
چئو قبله ڪئين چيز ٿيا سبز زمين ساري
کيڙن کيٽ خوشيء مان حرص ڪيو هياري
آءُ پڻ اُڃاري ريءَ محبوبن ”منٺار“ چئي

44
سارنگ ڪر سينگار سڻي سدائون منهنجون
ڏيھ ڏڪاريا گهڻو سي هنڌ ڪر سڪار
رحمت سان راڄڙ چوي ڪجان ميگھ ملهار
سرهو ٿئي سنسار، جي وسي آب ابر جو

45
سورٺ ساز سڻڻ سان ، وسري مون ويئي
سڻندي سرير ۾ اچي پرت ڳنم پيئي
مرڪائي ”منٺار“ چئي سو ڏان ڳنئي ڏيئي
مال مٿو ٻئي ملڪ تنهن جي منگتا

46
سورٺ ڪئين سوين ڪيون کي منٿون مڱڻهار
ته ڏيئين بدل ڏياج جي هيرا لعل جواهر
تڏهن منگتي ڪيو ”منٺار“ چئي اتي پڻ انڪار
ڪيس ڌڙ سسيءَ کان ڌار ، مٿو کڻي موٽيو

47
بسنت راڳ بناءِ تون سمجھي سرت ساڻ
سڀ سٽائون سڪ جون ثابت تون سڃاڻ
”منٺار“ موليٰ جي محبت ۾ پڻي ڪجانءِ پاڻ
عاشقن اهڃاڻ ، ٿيا مثل مٽيءَ خاڪ جي

48
کنڀاٽ چئي خيال سان ويهي ڪر واکاڻ
تهڙو مورهون ناهي ملڪ ۾ جهڙو پين پاڻ
قمر مهتاب ”منٺار“ چئي سڪن لاءِ سڄاڻ
سورج سنديس آڻ ، اٺئي پهر ادب ۾

49
پيلو راڳ پريت سان چڱي ڀت چئيج
روپ انهي جي راڳني ڪري لات لئيج
تنهن معنيٰ ۾”منٺار“ تون پڻي ٿئي پئيج
منجهان نياز نئيج ، عشق جي آواز کي

50
مانجھ چئي تون مهل سر روپ ڪري چئو راڳ
سڻي جي سمجھي رهيا تن لڳو عشق اجھاڳ
موليٰ ريءَ ”منٺار“ چئي ٻيو ڇڏ ملڪيت ماڳ
سندو تن سڀاڳ ، جي عاشق ٿيا الله جا

51
پوربيا پري ويا سامي سمجھائي
مادر ماري آهيان آئون سندن ڦوڙائي
الله آديسين کي من واحد ورائي
شل پير اچن پائي ، مون اڱڻ ”منٺار“ چئي

52
جوڳ جوڳي دي نال ٿيسان مئين جيجل جوڳياڻي
کھ ٻن کيڙا جهنگ سياليان کھ پيڙهي ڏاڏاڻي
ويکو ماهي ڇوڙي ”منٺار“ آکي شاهي شاهاڻي
ڪيو مين هير نماڻي ، ڪيوين رانجھن مالڪ راڄ دا
 
53
جيئن جوڳ نماڻي راڳڻي تيئن عشق نماڻي هير
ميثاقئون ”منٺار“ چئي هئي طرف سندس تقدير
جڏهن فضل ڪيو فقير،تڏهن راجهن مليو رنگپور ۾

54
جيئن جوڳ نماڻي راڳڻي تئين هير نماڻي هوءِ
ڪي مشڪل جا ڏينهن ”منٺار“ چئي هئي لاءِ جدائي جوءِ
تنهن وقت پڃاڻان پوءِ رانجھن رنگپور ۾ مليو

55
انهي ورھ مونکي ماءُ ! وڌو مامري
عشق يار عجيب جي چوري ڪيس چري
ريءَ ملڻ”منٺار“ چئي وينديس مفت مري
ان ڳڻتي منجھ ڳري ، وينديس کپي خاڪ ٿي

56
آسا ڪر الله جي جو ڏيڻ جو ڏاتار
آهي ڏيندڙ ڪُل کي ڏيھ ڌڻي هر وقت هروار
منڱا سدا ”منٺار“ تون سون سڃاڻي ستار
ته ڏسين ڪونه ڏڪار ، جي در داتا جو نه ڇڏين

57
آسا اباڻن ۾ اڃان مون آهي
ڇيهئون ڇڏينديس ڪينڪي آسرو لاهي
جو عيبن ڀريل اولاد کي مائٽ نه مارائي
تڏهين قيدون ڪڍائي ، مارو نيئندم ”منٺار“ چئي

58
آسا چئي الله کي ويهي ڪيرت ڪر
ڏهاڙي ڏاتار جي وڃ داتا جي در
متان ڇڏين ”منٺار“ تون سا پينارن جي پر
گهُر ته آڻين گهَرِ ماڻڪ موتي منگتا

59
ڳاءِ بلاول ڀان ٿي سڃاڻي سلطان
عالم جنهن جي آسري آهي جڳ جهان
تنهن محّمد کان ”منٺار“ چئي منڱتن لڌو مان
داتا وٽان دان ، پينو وٺي پُر ٿيا

60
ڀوَر کي چوء ڀيروي سنڀالي سرڪار
ڪل نفس ذائقت الموت نرتئون تون نهار
”منٺار“ معنيٰ تنهنجي وجود ۾ ويچار
هستي هئڻ هار ، رکي خوف خدا جو

62
چوء لوڙا لئولات سين جو ڦٽيل منجھ فراق
وره جا وجود ۾ چور ته چِڪِنَئي چاڪ
محبت ۾”منٺار“ چئي ڪئين مري ويا مُشتاق
خدا پرور پاڪ ، سڪندڙ سي سرها ڪري

62
چوء جھونگاري جهنگلو ڪري وجود ۾ ويچار
ته ڪک پن ۾ ڪلتار سو صاحب رب ستار
”منٺار“ پنهن جي من جون اکيون ڪر اِظهار
ته واحد توکان وار ، پرور پري ڪينڪي

63
وڻجارن جي واٽ ، نت نت ٿي نهاريان
انجي اچڻ لاءِ ، تي باسيم جاٽ
مونکي سندن ”منٺار“ چئي آهي اُڃ اُساٽ
ڳوڙهن ڀريو ڳاٽ اکيون اوڏانهين کڻان

64
ليلان لولا ٽيون ڪري ٿي داسڙا تو در
ته چنيسر ڄام چڱايون تون ڪامل مونسان ڪر
معافي ڪج ”منٺار“ چئي مون منجھ عيب اپر
آئون آهيان بي اثر ، تون ڍولا ڍولج ڪيم ڪي

66
راڻا ڪيم رسيج سوڍا سرت سڃاڻ تون
ڍڪي عيب اسان جا ترسي تون تسيج
هن محلي ۾ ”منٺار“ چئي وارث ٿي وسيج
ڪا ڏاهپ جي ڏسيج مت مومل کي مينڌرا

67
مارئي کي ميان ، عمر! عيب مَ لاءِ تون
سنگھارن جي سٿ ۾ شل وڃي ٿر ٿيان
تن مارن سان ”منٺار“ چئي وڃي پِسَ پِيان
ته جان ڪي تان جيان ، جي پنهوار ڪنم پنهن جي

68
مرڪ نه مونهنجو سومرا جو عيش ڪريان آئون
کاڄ اسا جو کنڀيون سنڱر ۽سائون
تنهن مارون سان ”منٺار“ چئي لڌيم جت لائون
اُت مونکي چتاري چيائون ته ريت مَ ڇڏج راڄ جي

69
ڌناسري جي ڌير منهنجو جيءَ جياريو
اسين اوهان جي آهيون دامن دستگير
متان ڇڏين ”منٺار“ چئي مونکي پلئه لائج پير
منجهان سختيءَ سِير ، اڪارج احسان سان

70
ڌناسري نار ، ڇڏ يو ڇنيو ڪينڪي
واري گڏج وَڳ ۾ ، سنڀاري سنگهار
منهني ڪج ”منٺار“ چئي پوئيواري پنهوار
هاڻي اچان تو آڌار ، پنهنجي وطن جي وٿاڻ ۾

71
بروو بندياڻي آئون قسمت قيد ڪياس
لکئي لوح قلم جي پياريم پاڻي
مارو ٿيندم”منٺار“ چئي سختي ۾ ساڻي
ننگڙو سڃاڻي ، وٺي ويندم ويڙھ ۾

72
چئي پرڀاتي جو پنهنجي ڪج پروڙ
اٿي اور الله سان ڇڏي ٻيا ضرور
سچ ملندئي ”منٺار“ چئي ڪم نه ايندئي ڪوڙ
آتڻ منجھ اروڙ ، سٽ صافن ڦولهيا

73
چئي صبحڙو صبح جو ذڪر دليئون زبان
فاذڪروني اذڪرڪم فرمايو فرقان
ايءَ معنيٰ پڙھ ”منٺار“ تون اهو ڪوڙ نه منجھ قرّان
وسهي ساڻ ايمان ، واحد وسارج ڪينڪي

74
چئي ڪانرو قلب سان صاحب رب سڃاڻ
ته ساري دل صفا ٿئي هوند ذڪر ذاتيء ساڻ
”منٺار“ محبت رب جي آهي اُجرڻ جو اهڃاڻ
تنهن پارس جو پرياڻ جنهن لک مڻ لوھ جا سون ڪيا

75
سڙن سدا سڪ سوز ۾ محب تنهنجا مشتاق
وڍيا جي وهلور ۾ نت چير چڪائن چاڪ
ماريا سي ”منٺار“ چوي تن جي ڦوڙائي ڦراڪ
اچين جي اوطاق ، ته سورن کان سگهي ٿيا

76
سڪندي سڪندي سڙ رهيا
ميڪون سڪندي ٿي ڳيا سال
سڻ عرض ميڏيان آزيان ڪروي ڀلائي ڀال
سڻ اسان ڏا سوال مڃ عرض”منٺار“ دا

77
جئين نوازي نوري ڪيئ ، مٿي مهاڻي
مونکي تيئن تماچي ڄام ، رنگ محفل ۾ رساڻي
پنهنجي پلئه ۾ آئون ، لائق لڄاڻي
ڏي پلئه ته پاڪ ٿئي وڃي نوري نماڻي
لائق تنهنجي لطف جو ، پرو ناھ پڄاڻي
اچي نواز ته ٿيان نئين ، نه ته پاند پُراڻي
جيڪا توکي تماچي وڻي ، آهي اُها اگهاڻي
نيئي راڻين ۾ راڻي،مونکي من ڪرين”منٺار“ چئي