ڏيئو
ڏيئو (انگريزي:Diya/Ddiyo) ھڪ قسم جو مٽي مان جڙيل ٺڪر جو ٿانءُ آهي جيڪو قديم رماني کان سنڌ توڙي پاڪستان يا دنيا ۾ بتيءَ طور روشني لاءِ ڪم ايندو آهي. ڏيئي ۾ سرنهن يا ڄانڀو جو تيل پوندو آهي. ان ۾ ڪپھ جي وٽ پوندي آهي جيڪا تيل ۾ ٻُڏل هوندي آهي ۽ هڪ ڇيڙو ڏيئي جي ڪنار سان رکبو آهي. اتان کيس باھ ڏيئي ٻاربو آهي. ڏيئي جي روشني ڌيمي هوندي آهي.[1]
سويئز محقق ايرک وان ڊينيڪن پنھنجي ڪتاب خدائن جون بگيون (Chariots of the Gods) ۾ لکيو تہ اوائلي دورن ۾ انسان خدائن کي روشني ڏيندڙ (ائين جيئن مٽيءَ مان ٺھيل ڏيئو ھجي) ان سان تشبيھ ڏيندي اھو ڀائيندا ھئا تہ خدا اونداھين مان ڪڍي روشني ڏيندڙ آھي. روشني، جيڪا اميد ھوندي آھي، اھا اميد ئي ھئي جيڪا يونانين پنھنجي وڏي خدا زيوس سان لاڳاپي ۾ ڏئي نالو رکيائونس تہ اھو زيوس آھي. زيوس يعني روشني ڏيندڙ. اھو ساڳيو زيوس ٻول يونان وارو وري عربي ٻوليءَ ۾ ”ضيا“ جي شڪل ۾ ملي ٿو يعني روشني. ڪنھن ٿي ڄاتو تہ اسان جي اوائلي سنڌي آواز ”ڏ“ جيڪو نرم ٿي ”د“ جي شڪل وٺندو اھو يونان سميت عبراني يا عربيءَ ۾ ”ز يا ض“ جي شڪل وٺندو. ۽ اھو مٿيون يوناني زيوس ھجي يا عربي ضيا ٻول اصل ۾ ٺيٺ سنڌي ٻول ”ڏيئو“ جي ئي شڪل آھن. ڏيئو جيڪو روشني ڏئي ٿو.
اسان وٽ ان ڏيئي سان لاڳاپيل انيڪ ٻيا ڳڻ بہ ٿين، جيئن ڏياري (ڏيئن واري)، ڏيوالو يعني ڏيئن وارو، ڏيالو، يعني ڏيندڙ وغيرہ.
سنڌي ٻول ”ڏيئي“ جي سفر يا ٻولين جي ڌات ٻولن بابت اھا تحقيق اولھ جي ٻولين جي ڌات ٻولن تي ڪم ڪندڙ ”ھارپر ڊگلس“ (Harper Douglas) وارن پاران ڪرائي وئي آھي. ان مان اندازو لڳايو تہ ڪيئن ڪڙيءَ سان ڪڙي ملي رھي آھي. [2]
حوالا
سنواريو- ↑ "ڏيئو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-25.
- ↑ ٻولين جا ڌات ٻولَ، تحقيق ھارپر ڊگلس