وجد يا وجدان، ”وجد“ عربي لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي ”جذبو“ يا ”بيخوديءَ جي حالت“. جڏهن ڪو صوفي بزرگ يا الله جو نيڪ ٻانهو، خدا جي بندگيءَ ۽ ذڪر ۾ مشغول هوندوآهي، تڏهن اُن ۾ اهڙو تہ غرق ٿي ويندو آهي؛ جو کيس دنيا جي ڪنھن بہ شيءَ جي ڄاڻ نہ رهندي آهي. اُنهي مستيءَ جي حالت ۾ اچي هو جهولڻ ۽ جهومڻ لڳندو آهي. اُن وقت کيس رب جي ذات کان سواءِ ٻي ڪابه شيءَ ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي. انهيءَ حالت ۾ سندس زبان مان رڳو ”تون ئي تون“ ۽ ”الله! الله!“ جو آواز ئي اُڌما کائي پيو ٻاهر نڪرندو آهي. اهڙي حالت کي ”وجد“ چئبو آهي ۽ وجدان، رباني اثر هيٺ شاعريءَ ڪندڙ شاعرن لاءِ ڪم ايندو آهي. وجدان وارو شعر تصوف جي اثر سان ڀرپور هوندو آهي ۽ شاعر مستيءَ ۾ اچي وجد جو شعلو ڀڙڪائيندو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.