ڌرتي لال ڪنوار (فلم), هڪ سنڌي فلم هئي.[1] جيڪا 1975 ۾ جاري ٿي هُئي.[1] ان فلم جو هدايتڪار اي. ايم صديقي ۽ پروڊيوسر خليل بچاڻي هو[1]. هن فلم جي موسيقي غلام نبي ۽ عبدالطيف ڏني.[1] هن فلم ۾ محبوب عالم ميان، مصطفيٰ قريشي، عشرت چوڌري، اي. آر. بلوچ، ملڪ انوکو ۽ مشتاق جسڪاڻي اداڪاري ڪئي.[1] هيءَ فلم تاج محل سئنيما ڪراچي، شهباز سئنيما ٽنڊي الهيار، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۽ رائل سئنيما لاڙڪاڻي ۾ پردي تي ڏيکاري وئي.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 "ڌرتي لال ڪنوار : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-03-19.