ڊپريشن

Wikipedia:سلجھائپ

سانچو:Infobox علامتون ڊپريشن--Depression: گھٽ ھجڻ واري ذھني ڪيفيت (low mood) ۽ بيزاري (aversion) واري اھڙي حالت جو نالو آهي جنھن سان ماڻھوءَ جا خيال، ورتاءُ، احساس ۽ چڱي ٿيڻ واري سمجھ متاثر ٿيندا آهن.اھو ڪنھن جسماني بيماري جو آثار يا ڪنهن دوا جو منفي اثر بہ ھوندو آھي.[1]ڊپريشن وارا ماڻهو غمگين، ڳڻتين ۾ ورتل ۽ بيڪاري محسوس ڪندڙ ھوندا آھن. اھي اڪثر ڪري مايوس، لاچار، ڌڪاريل ۽ بيڪار ھوندا آھن. انھن ۾ گنھگار ھجڻ جو احساس، بيزاري ۽ ڪاوڙ جا آثار ظاھر ٿيندا آھن.[2][3] انھن ماڻھن ۾ شرمندگي جو احساس ۽ نمايان بي آرامي ھوندي آھي.انھن جي خوشين ڏيندڙ يا وندر وارن ڪمن ۾ دلچسپي ختم ٿي ويندي آهي.انھن ۾ يا تہ بک ختم ٿي ويندي آهي يا وري تمام وڌي ويندي آهي.ان جي شڪار ماڻهن ۾ بي ڌياني ۽ يادداشت جي ڪمي جا مسئلا جنم وٺندا آهن ۽ انھن ۾ خودڪشيءَ جا خيال پڻ پيدا ٿيندا آھن، ۽ ڪي تہ خودڪشي جي ڪوشش بہ ڪندا آھن. ڊپريسڊ مزاج ۽ ميجر ڊپريسو ڊس آرڊر يا ڊپريشن واري وڏي خرابي ۾ وقت جي مدي جو فرق ھوندو آھي.ڊپريشن وارو مزاج عارضي ھوندو آھي يعني ھڪ ڏينھن کان ھڪ مھيني تائين بہ ٿي سگھي ٿو.ان جي ڀيٽ ۾ ميجر ڊپريسو ڊس آرڊر تمام وڏي عرصي جو ھوندو آھي ۽ پوري زندگيءَ جيترو به ٿي سگھي ٿو. ڊپريشن وارو مزاج طرز زندگي ۽ گفتگو جي تبديلي سان ختم ٿي سگھي ٿو پر ميجر ڊپريسو ڊس آرڊر جي خاتمي لاءِ سليڪٽو سيروٽنن ري اپٽيڪ انھبٽر-Selective Serotonin Reuptake Inhibitorيا ڊوپمن ٿراپي يا ڊگھي مدي واري نفسياتي علاج سان ممڪن آهي.[4]

حوالا سنواريو

  1. Diagnostic and Statistical Manual of Mental Disorders, Fifth Edition (DSM-5). American Psychiatric Association. 2013. 
  2. "Irritability, Anger Indicators of Complex, Severe Depression". 
  3. "Depression (major depressive disorder)". Angry outbursts, irritability or frustration, even over small matters 
  4. "Situational depression vs. clinical depression".