عبدالغفور ميمڻ
ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ولد محمد اسماعيل ميمڻ لاڙ جي شهر دڙي ضلعي ٺٽي (هاڻوڪي ضلعي سجاول) ۾ 25 آگسٽ 1962ع ۾ جنم ورتو، پاڻ ليکڪ ۽ محقق آهن، سندن 6 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. سنڌي ادب ۾ پي_ايڇ_ڊي ڪرڻ کانپوءِ پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جا سربراھ رهيا ۽ هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ چيئرمين جي عهدي تي فائز آهن[1].
ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ | |
---|---|
ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي آفيس ۾ | |
پيدائش | عبدالغفور آگسٽ 25 1962 ڳوٺ دڙو ضلعو سجاول، سنڌ |
ڌنڌو | چيئرمئن سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو |
قوميت | پاڪستاني |
تعليم | سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي سنڌي ادب ۾ ماسٽرس پوليٽيڪل سائنس ۾ بيچلرس |
مادرِ علمي | ڪراچي يونيورسٽي |
مُکيه ڪم | سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر |
ويبسائيٽ | |
www |
تعليم
سنواريوڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي شهر مان حاصل ڪئي. پاڻ سنڌيونيورسٽيءَ مان پوليٽيڪل سائنس ۾ بيچلر ڪرڻ کانپوءِ 1992ع ۾ اُتان ئي سنڌي ادب ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائون، انکانپوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 2001ع ۾ پي ايڇ ڊي (سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر) جي ڊگري حاصل ڪيائون[2].
سرگرميون
سنواريوسنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاھ لطيف ڀٽائي چيئر جو رسرچ آفيسر 2000 ۾ مقرر ٿيو، انکانپوءِ ساڳي ئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. پروموشن ٿيڻ کانپوءِ 2014ع ۾ سنڌي شعبي جو چيئرمين مقرر ٿيو. 14 آڪٽوبر 2016ع تي وزيرِاعليٰ سنڌ کيس سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جو چيئرمين مقرر ڪيو[3].
ادبي سفر
سنواريوڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جا ست ڪتاب لکيل آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.
عنوان | صنف | ڇپجڻ جو سال |
---|---|---|
جتي نينهن اڇل | ڪهاڻيون | 1995 |
سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر[4] | تحقيق | 2002 |
گلدستو | نصابي ڪتاب | 2004 |
انسان سماج ۽ فطر | مضمون | 2005 |
شاھ لطيف جا فڪري رُخ | لطيفيات | 2015 |
جديديت پڄاڻان | تنقيدي ادب | 2016 |
سنڌي سماج نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾، | نفسيات | 2016 |
انکان علاوه ڊاڪٽر صاحب جا 30 کان مٿي ريسرچ مقالا مختلف جرنلز (جيڪي ايڇ اي سي کان منظور ٿيل آهن) ڇپجي چڪا آهن. 200 کان مٿي مختلف موضوعن تي مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن (جهڙوڪه عوامي آواز، جاڳو، سنڌايڪسپريس، رسالن ۾ ساڃاھ، سوجھرو) ۾ شايع ٿي چڪا آهن.
حوالا
سنواريو- ↑ Chairpersons, وقت 2017-10-16 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-10-09
- ↑ آرڪائيو ڪاپي (PDF), وقت 2017-08-07 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-10-09
- ↑ Sindhi Language Authority gets new chairman - Newspaper - DAWN.COM
- ↑ سنڌي ادب جو فڪري پس منظر:طارق عزيز شيخ