ڇيد (انگريزي: Analysis of Sentence)، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ڀڃڻ، ٽوڙڻ، جدا جدا ڪرڻ. ڇيد اصلوڪو سنڌي ٻوليءَ جو لفظ آهي، ۽ تفريق عربي زبان جي لفظ فرق مان جڙيو آهي، جنهن جي پڻ لغوي معنيٰ ساڳي آھي.

ڇيد يا تفريق جملي جو ٿيندو آهي، جو ٻن يا وڌيڪ لفظن جو مجموعو ٿئي ٿو ۽ منجهانئس پورو مطلب نڪري ٿو. جملي ۾ اڪثر ٽي شيون هونديون آهن؛ مون ماني کاڌي. مٿئين مثال ۾ مون (فاعل)، ماني (مفعول) ۽ کاڌي (فعل) آهي. ”فاعل“ جي معنيٰ آهي ”ڪم جو ڪندڙ؛“ . سنڌي جملن ۾ ”فاعل“ جملي جي شروعات ۾ ايندو آهي. ”مفعول جي معنيٰ آهي ”جنهن تي ڪم ٿئي“.مفعول“ جملي جي وچ ۾ هوندو آهي. ۽ ”فعل“ جو مطلب آهي ”جيڪو ڪم ڪيو وڃي“.”فعل“ جملي جي پڇاڙيءِ ۾ ٿيندو آهي. تمام مختصر جملا رڳو ٻن شين (فاعل ۽ فعل) تي مشتمل هوندا آهن. انهن مختصر جملن جو ڇيد ڪرڻ وقت، هر هڪ جملي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو آهي، جنهن مان پهرئين حصي کي ”مبتدا“ ۽ ٻئي حصي کي ”خبر“ چئبو آهي. ”مبتدا“ جي معنيٰ آهي ”ڪنهن ڪم جي ابتدا يا شروعات ڪندڙ“. جملي ۾ ڪم جي ابتدا ڪندڙ کي ”فاعل“ چئبو آهي، جو ڇيد ڪرڻ وقت مبتدا واري خاني ۾ رکبو آهي. ڇيد جو ٻيو حصو آهي ”خبر“. فاعل جيڪو ڪم ڪري ٿو، ان جي وضاحت ڪندڙ لفظ انهيءَ ”خبر“ واري خاني ۾ رکبا آهن. اهي لفظ فعل جي صورت ۾ هوندا آهن.ڪنهن به جملي جي ڇيد ڪرڻ وقت پهريائين ان جو فاعل معلوم ڪبو آهي، جنهن لاءِ ان جملي ۾ پيل فعل کان ”ڪير“ يا ”ڪنهن“ جو سوال پڇبو آهي؛ ۽ مفعول معلوم ڪرڻ لاءِ وري انهيءَ فعل کان ”ڇا“ جو سوال ڪبو آهي. اهڙي نموني سان جملي ۾ آيل ”فاعل“، ”مفعول“ ۽ ”فعل“ چڱيءَ طرح سان معلوم ڪري سگهبا آهن.[1]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي