فعل (Verb) گرامر جو اھو لفظ آھي، جيڪو جملي ۾ ھئڻ، ڪرڻ، سھڻ، ٿيڻ ۽ پوڻ جي يعني ڪم جي معنيٰ ڏيکاري. هئڻ، ڪرڻ، ٿيڻ، سمھڻ وغيره اهڙا مصدر آهن، جن مان مختلف فعل جنم وٺن ٿا، جيڪي مختلف زمانن ۾ مختلف حالتن تحت روپ بدلائيندا رهن ٿا ۽ جملي ۾ ان ڪم کي ظاهر ڪن ٿا، جيڪو ڪو فاعل ڪري. فعل جا ٽي نمونا يا قسم ٿين ٿا. فعل لازمي، فعل متعدي ۽ فعل مددي. فعل متعدي جا ٻہ قسم ٿين. هڪ فعل متعدي معروف ۽ ٻيو فعل متعدي مجَهُول.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.