ڇنڇر
ڇنڇر هفتي ڇهون ڏينهن آهي. آچر ۽ جمع جي ڏينهن جي وچ وارو ڏينهن آهي.
لفظ ڇنڇر
سنواريوڇنڇر = هن کي ڪٿي ڇنڇار به چوندا آهن. هي لفظ آهي سنڌي پر هن جو بنياد پڻ سنسڪرت لفظ شنيھ مان ملي ٿو. شنيھُ هندن جو ديوتا آهي. جيڪوانصاف جو ديوتا آهي، ۽ بُرن اعمالن تي دنيا ۾ سزائون ڏيندو آهي. علم نجوم جي حساب هن جو گرھ زحل آهي. جيڪو نحوست جو ڪارڻ سمجهيو وڃي ٿو. هندي ۾ پڻ ساڳي نسبت سان شنيھ وار مان تبديل ٿيندي شني وار موجود آهي
جامع سنڌي لغت مطابق؛
سنواريوڇنڇر
ذ. [سن. شَنِهه] هفتي جي ستن ڏينهن مان هڪ ڏينهن جو نالو. هڪ گرهه جو نالو. زُحل (جو عام طرح نَحسُ سمجهيو ويندو آهي). نُحُوسَت ، نڀاڳ ، ڪمبختي.
ان لاء سنڌي چوڻيون پڻ هن ڳالھ نسبت ڪن ٿيون ؛
سنواريوڇنڇر پيرن ۾ هُئڻ
سنواريوهڪ هنڌ ٽِڪاءُ نه هئڻ ، نَحُوست جو اثر هئڻ ، چڪرن ۾ هئڻ.
ڇنڇرِي
سنواريوث. ڇنڇر گِرههَ جي نُحُوسَت. نِڀاڳُ ، بَدبَختي. (اسم خاص). ٻانڀڻن جو هڪ گروهه (جي ڇنڇر گرهه جي نحوست لاهين).
ڇنڇرِي لاهِڻ
سنواريونحوست لاهڻ. نڀاڳ ڪڍڻ. سخت سزا ڏيڻ (اهو خيال آهي ته ڇنڇر گرهه جو اثر پيل ماڻهو بَد مزاج ٿيندو آهي). ڏاڍي مارَ ڏيئي سڌو ڪرڻ. مغرور جي دماغ مان غرور ڪڍڻ.
انگريزي Saturday
سنواريورومن ديوتا Saturn جي نالي سان منسوب آهي. ۽ انگريزي ۾ زحل گرھ کي به Saturn چئبو آهي. جيڪو مال، زراعت، آزاديء ۽ وقت جو ديوتا آهي.
گيلري
سنواريو.
-
زحل گرھ
-
شنهي ديو جي تصوير
-
شني ديو جي مورتي
-
سيٽرن ديوتا (رومن ديوتا)
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |