ڇاپاڪو پکي
- ڇاپاڪو سان مُنجهڻ نه کپي
ڇاپاڪو چمڙي جي بيماري آهي. پر هي مضمون ساڳئي نالي واري هڪ پکيءَ بابت آهي |
ڇاپاڪو ديسي يا ڇاپاڪو پکي: جنهن کي انگريزيءَ ۾ نائيٽ جار (Nightjar) سڏيو ويندو آهي. اهو پکين جي اهڙي ڪُٽنب سان تعلق رکي ٿو، جيڪي عام پکين، خاص طور جهرڪين ۽ ٻيون ٻوليون ٻوليندڙ پکين، وانگر ڪنهن ٽاريءَ يا تار وغيره تي ويهي نہ سگهندا آهن.
ڇاپاڪو پکي | |
---|---|
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | ڪيپريملگس |
جنس: | Template:Taxonomy/ڪيپريملگس{. مھراٽينسس |
حياتياتي نالو | |
ڪيپريملگس مھراٽينسس وليم ھينري سائڪيز, 1832 |
نمبر شمار | سنڌي نالو | انگريزي نالو | سائنسي نالو |
---|---|---|---|
1 |
سنڌي يا ديسي ڇاپاڪو | سائڪيزس نائيٽ جار يا سنڌ نائيٽ جار | ڪيپريملگس مھراٽينسس |
2 | يورپي ڇاپاڪو | يورپين نائيٽ جار | ڪيپريملگس يورپيئس |
ڇاپاڪي ديسي جي جِسامت
سنواريوهي ايشيائي ڇاپاڪي کـان ڪـي قــدر وڏو ۽ يوريشيائي ڇاپاڪي جيترو قَدبُت رکي ٿو. هيءَ پکي بـُت ۾ 2.3 سـينٽـي ميـٽر هوندو آهي. سندس پَرن جي پکيڙ 15.7 سينٽي ميٽرن کان 17.3 سينٽي ميٽر ۽ پُڇ جي ڊيگھہ 10.5 سينٽي ميٽرن کان 10.4 سينٽي ميٽرن تائين ٿئي ٿي. هونئن يوريشيائي ڇاپاڪي جهڙو ئي نظر ايندو آهي، پر هن جو آواز مختلف آهي. سندس رنگ پيلاڻ مائل سُرمائي هوندو آهي. مٿي تي ڪارا پَٽا اَٿس. هن جون ٽنگون بنا کَنڀن جي، ڳاڙهسريون ناسي ٿين ٿيون. نَرَ جي پَرن تي مٿان کان هيٺ پهرين ٽن پَرن ۾ اَڇا دڙڳ ٿين. ساڳيا اڇا دڙڳ يا چِٽا مادي تي بہ ٿين ٿا، پر اِهي ايترا صاف نہ هوندا آهن. اهي دڙڳ گهڻو ڪري ڀُوري يا پيلي رنگ جا ٿين ٿا. سڄيءَ نِڙيءَ تي ڪارا ڪارا چِٽا ٿيندا اَٿس.
ديسي ڇاپاڪي جي کاڌ خوراڪ
سنواريوهن جي مُکيہ خوراڪ جيت آهن. هن جو وات تمام ويڪرو هوندو آهي. اُنهي ڪري پرواز دواران جيت سولائيءَ سان جَھٽي کائيندو آهي.
مند ۽ علائقا
سنواريوسنڌ ۾ هيءُ پکي سياري جو وڌيڪ نظر ايندو آهي. رات جو روڊن رستن جي پاسن توڙي وچ تي ويٺل، ڪنهن ماڻهوءَ جي اچڻ تي اوچتو ڀڙڪو کائي اڏرڻ ۽ ڪن حالتن ۾ گاڏين سان ٽڪرائڻ سبب مريو به پوي. هي پکي سنڌ ۾ خاص ڪري ٿر ۾ ٿئي ٿو. ان کان سواءِ بلوچستان جي سبي علائقي ۾ به ڏٺو ويندو آهي. لسٻيلي جي ٽاڪرو علائقي ۾ جام ٿئي ٿو. هي پکي ڏينهن جو اکيون بند رکندو آهي، تنهنڪري ڏينهن جو پنهنجو آکيرو ڪونه ڇڏي، جو خبردار هوندو آهي. هن جو گذران گهڻو ڪري رات جي اڏامندڙ جيتن تي هوندو آهي. هي زمين جي مٿاڇري کان گهڻو مٿي ڪو نه اڏامي، اتي ئي پيو ڦرندو ۽ بولاٽيون کائيندو آهي.
لڳ ۽ نسل
سنواريوهن جي لڳ جي مند اپريل مهيني جي وچ عرصي واري موسم هوندي آهي. هيءُ وڻ تي آکيرو ڪونه ٺاهي، بلڪ واريءَ جي دڙن کي کوٽي، اتي آنا لاهي. مادي 17 کان 18 ڏينهن آرو ڪري. سندس ٻچا سرمائي يا ڪاري رنگ جا ٿيندا آهن. سندن آواز ’چُڪ چُڪ‘ جهڙو هوندو آهي. هن جي نر توڙي ماديءَ جو آواز ڏيڏر جي ڏاڪ جهڙو ٿيندو آهي. هيءُ رات جو اڏامندڙ پکي آهي، جنهن جا پر ۽ پڇ ڊگها ۽ وات تمام ويڪرو هوندو آهي. شايد انڪري ئي اڏام دوران جيت سولائيءَ سان جهٽي کائيندو آهي. ديسي ڇاپاڪو پٿريلي سرمائي رنگ جو ٿئي ٿو. [2]
زمرو:dmy تاريخون استعمال Dmy تاريخون استعمال
يورپي ڇاپاڪو | |
---|---|
نر يورپي ڇاپاڪي جي لات | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | Caprimulgus |
جنس: | Template:Taxonomy/Caprimulgus{. europaeus |
حياتياتي نالو | |
Caprimulgus europaeus Linnaeus, 1758 | |
Breeding summer visitor Distributions are very approximate. Most birds winter in the eastern African range.
Winter visitor |
يورپي ڇاپاڪو
سنواريويورپي ڇاپاڪي جي جسامت
هن ڇاپاڪي جي جسامي 24 کان 28 سينٽي ميٽر ٿيندي آهي. پن جي پکيڙ ملائجي ته 52 کان 59 سينٽي ميٽر ٿيندي آهي. نر جو وزن 51 کان 100 گرامن جي وچ ۾ ۽ مادي جو وزن 67 کان 95 گرامن جو ٿيندو آهي. هن جو رنگ سرماني ناسي ٿيندو آهي، اک جي مٿان هلڪو اڇو پٽو ۽ ڇاتيءَ تي سرماني ليڪون اٿس. نر کي پرن تي باهرين وڏن کنڀن مٿان گول اڇا ٽڪا هوندا آهن.
کاڌ خوراڪ
دنيا جي سمورن ڇاپاڪن وانگر هنن مُک خوارڪ جيت آهن. جن ۾ ٽنڊڻ، ڀنڀوريون، ڪيڙا ۽ ٻيا جيت کائيندا آهن. ڇاپاڪو سڄو ڏينهن آرام ڪندو آهي. رات جي وقت جيتن جو شڪار شروع ڪري ٿو.
رهائش
سنواريوهي مُک طور تي پاڪستان، وچ ايشيا، عربن ملڪن ۽ پوري يورپ ۾ملي ٿو ان سان گڏ آفريڪا جي ڪجهه حصن ۾ پڻ ملي ٿو. هي پنهنجو آکيرو وڻن جي زمين ۽ وڻ يا ٻوڙن جي ويجھو ٺاهيندو آهي. جيئن ڏينهن جو آرام ڪندو آهي. انڪري تمام گھٽ ڏسبو آهي، ڏينهن جو جنهن مهل ڪير آکيري جي ويجھو ايندو آهي ته ڀڙڪو ڏي اڏامندو آهي ته ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
نسل جي واڌوجھ
سنواريوهي سڄي دنيا ۾ مئي کان آگسٽ جي وچ ۾ ميلاپ ڪندا آهن. پر پاڪستان ۽ اتر اولھ آفريڪا ۾ اپريل کان مئي ۾ ميلاپ ڪن ٿا. مادي هڪ کان ٻه اڇا چٽڪمرا آنا ڏيندي آهي، جنهن جو وزن 8.4 گرام هوندو آهي. 17 کان 21 ڏينهن جو آرو ڪندا آهن. 32 ڏينهن کان پوءَ ٻچو بالغ الڳ رهائش اختيار ڪندو آهي.
حوالا
سنواريو- ↑ بقرة
- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012
- ↑ بقرة