ڇاپاڪو يوريشيائي
ڇاپاڪو يوريشيائي جنهن کي انگريزيءَ ۾ (Eurasian Nightjar / Caprimulgus europaeus) سڏيندا آهن اهو پکي سڄي يوريشيا، چين ۽ آفريڪا ۾ ملي ٿو.
شڪل شبيه
سنواريوهن جي پرن جي پکيڙ 57 سينٽي ميٽرن کان 64 سينٽي ميٽرن تائين هوندي آهي. جڏهن ته پڇ 12.5 کان 14.4 سينٽي ميٽرن تائين هوندو اٿس. هن جي بت جي ڊيگهه 28 سينٽي ميٽر ٿئي ٿي. رنگ سرمائي ناسي ٿئي ٿو. اک جي مٿان هلڪو اڇو پٽو ۽ ڇاتيءَ تي سرمائي ڪاريون ليڪون ٿينديون آهن. پرن جي انهيءَ پکيڙ سبب ديسي ڇاپاڪي کان ڪجهه مٿڀرو ۽ اڏامڻ ۾ تيز هوندو آهي. هي پکي سنڌ جي ٿر واري علائقي ۽ ڪراچيءَ جي ساحلي علائقي ۾ ڏٺو ويو آهي. سندس ڄنگهون گهڻيون ڪمزور هونديون آهن، جيڪي اڏامڻ مهل پوئين پاسي ڪري جسم کي اڏامڻ مهل متوازن بـه رکـنـدو آهـي. ديـسـي ڇـاپـاڪـي کان رنگ ۾ مختـلـف ٿـئي ٿو. هن جو رنگ پيلو سرمائي ٿئي. نَرَ کي اڇا چٽا ٿين ٿا. ماديءَ ۾ چٽا اڇن جي بجاءِ پيلي رنگ ڏانهن مائل هوندا آهن. هي پکي چترال ۽ گلگت واري پاسي گهڻو ڏٺو وڃي ٿو. سنڌ ۾ هي پکي کيرٿر جبل سان، خاص طور تي لڪيءَ وارن جبلن ۾ ڏٺو ويو آهي.
گذران
سنواريوهن جو گذرسفر جيتن جڻين تي آهي. ڏينهن جو ٻوڙن ۽ وڻن جي اجهي ۾ رهي ٿو. رات جو شڪار لاءِ نڪري ٿو. سندس اڏام ٻن ميٽرن کان 300 ميٽرن تائين ٿئي ٿي. ان کان وڌيڪ اڏامي ڪو نه سگهندو آهي. هن کي مرگلا جي لاهاندين، باراڻ ڊئم لڳ بنون، خيبرپختونخواه خضر گنجي پارڪ لڳ ڪوئٽا ۾ به ڏٺو ويو آهي.
سنڌ ۾
سنواريوهي پکي سنڌ ۾ قبرستانن، ڪورنگي کري ۽ رهڙي ڳوٺ ۾ واريءَ تي آنا لاهيندي ڏٺو ويو آهي. ان کان سواءِ مئي، جون جا مهينا هن جي لڳ جا مهينا آهن ۽ جولاءِ ۾ آنا لاهيندو آهي ۽ آگسٽ ۾ آنا ڦوڙيندو آهي. هيءُ 2 کان 3 آنا ڏيئي ٿو. آنن تي مادي آرو ڪندي آهي، جيڪو 17، 18 ڏينهن تائين هلندو آهي. سج لٿي مهل هن پکيءَ جو آواز ’چُوئي! چُوئي!‘ ٻڌبو آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012