چيلهار:(انگريزي: Chelhar ) هيءُ شهر ڇاڇري تعلقي ۾ چيلي نالي چارڻ جو ٻڌايل آهي. هتي برهمڻ، مهيشوري، مينگهواڙ، مالهي، مسلمان بجير ۽ حجم رهن ٿا. هتي ٽالپرن قلعو ٺهرائي ڳوٺ تي ”علي ڳڙهه“ نالو رکيو هو. قلعو هاڻي ڊهي ويو آهي، جنهن جي سِرن مان شهر جون ڪيتريونئي جهونيون جايون جُڙيل آهن. اهي سِرون ننڍيون ۽ سنهيون آهن، پر مضبوط آهن. ڳوٺ ۾ ٺالپرن جي زماني جون توبون اڃا پيون آهن. ٽالپرن جا کوٽايل ڪيترا کوهه به آهن، جن مان ڪي چالو آهن. واپار چڱو هلي ٿو. ڀرسان ترايون سٺيون ۽ گهڻيون آهن، هتي جو ”راڻا سر“ تلاءُ مشهور آهي، جنهن ۾ ڪافي وقت پاڻي رهي ٿو. کوهن جو پڻي وڻندڙ ۽ هاضميدار آهي. ماڻهو گهڻي قدر تعليم يافته آهن، خاص ڪري پرائمري ماستر هن ڳوٺ جا گهڻي ۾ گهڻا آهن. هتي پرائمري مردانو ۽ زنانو اسڪول، هاءِ اسڪول، ديرو، ٿاڻو، ڍڪ، ٻيلي کاتي جي آفيس، يونين ڪائونسل ۽ پوسٽ آفيس آهن. ويجهيون ريلوي اسٽيشنون، ڪنري 30 ميل، نبي سر روڊ 30 ميل ۽ نئون ڪوٽ 33 ميل آهن. نئين ڪوٽ سان لاري سروس هئڻ ڪري واپار ۽ آمدرفت ججهي آهي[1].

چيلھار
چيلھار is located in سنڌ
چيلھار
چيلھار
جاگرافي بيهڪ: 24°58′27″N 69°55′9″E / 24.97417°N 69.91917°E / 24.97417; 69.91917مڪانيت: 24°58′27″N 69°55′9″E / 24.97417°N 69.91917°E / 24.97417; 69.91917
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
آبادي
 • ڪل 33,000

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو