چنگھائي صوبو

چِنگھَائِي(انگريزي: Qinghai )About this sound 青海; پھرين Tsinghai ۽ Ch'inghai طور رومانيو ويندو ھو پر ھاڻي رومن ۾ Qinghai لکيو وڃي ٿو[5]. ھن صوبي کي ڪوڪونور(انگريزي: Kokonur ) پڻ سڏين ٿا. اھو اتر اولھ چين ۾ واقع عوامي جمهوريه چين جو ھڪ صوبو آهي. پکيڙ ۾ چين جو چوٿون وڏو صوبو آھي. ھن صوبي جي گادي جو هنڌ شيننگ آهي. ھن صوبي جي اتر اوڀر ۾ گينسو، اتر اولھ ۾ سنڪيانگ واري خودمختيار ريجن، ڏکڻ اوڀر ۾ سيچوان ۽ ڏکڻ اولھ ۾ تبت واقع آهن. ھن صوبي جو قيام 1928ع ۾ جمھوريه چين ۾ واقع ٿيو. ان کان اڳ ھن صوبي تي ھئي نسل جي مسلمان جنگي سردارن جي حڪومت ھئي جن کي ما قليچ سڏيو ويندو هو. چيني لفظ چنگھائي اصل ۾ ھڪ ڍنڍ جي نالو آهي جنھن تان ھن علائقي تي پئجي ويو.

چِنگھَائِي
Qinghai
چيني صوبو
ھوھ شل وارو خطو عالمي ورثو قرار ڏنل آهي
ھوھ شل وارو خطو عالمي ورثو قرار ڏنل آهي
Map showing the location of Qinghai Province
نقشي ۾ چنگھائي صوبو نمايان ڏيکاريل
متناسقات: 35°N 96°E / 35°N 96°E / 35; 96مڪانيت: 35°N 96°E / 35°N 96°E / 35; 96
ملڪ عوامي جمهوريه چين
نالو پيو اھو نالو چنگھائي ڍنڍ جي نالي مان نڪتل آهي جنھن جي معنيَ آهي نيري/ سائي ڍنڍ
گادي جو هنڌ
(۽ سڀ کان وڏو شھر)
شيننگ
انتظامي ورهاست 8 پريفيڪچر، 43 ڪائونٽيون، 429 ٽائون شپ
حڪومت
 • قسم صوبائي حڪومت
 • مجلس چنگھائي صوبائي پيپلز ڪانگريس
 • چيني ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري وانگ جيئانجن
 • صوبائي پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين وانگ جيئانجن
 • گورنر شن چانگشنگ
 • پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين ڊارجي رابٽين
پکيڙ[1]
 • ڪل ٧٢٠٬٠٠٠ ڪ.م٢ (٢٨٠٬٠٠٠ ميل٢)
پکيڙ ۾ درجو چوٿون وڏو صوبو
بلند ترین  پیمائش (بوڪادابان فينگ) ٦٬٨٦٠ ميل (٢٢٬٥١٠ ft)
آبادي (2010)[2]
 • ڪل ٥,٦٢٦,٧٢٢
 •  ڪاٿو

  2019

٦,٠٨٠,٠٠٠
چنگھائي صوبو
Qinghai (Chinese characters).svg
"چنگھائي" چيني ٻولي ۾
چیني نالو
چیني 青海
لغوي معنیٰ "چنگھائي ڍنڍ"
تبتي نالو
تبتي མཚོ་སྔོན་
منگولیائی نام
منگولیائی نص سانچو:MongolUnicode
مانچو نالو
مانچو ᡥᡠᡥᡠ
ᠨᠣᠣᡵ
Oirat نام
Oirat Kokonur
چنگھائي ڍنڍ جو منظر

چنگھائي ڍنڍ چين جي سڀ کان وڏي ڍنڍ آهي. ھن صوبي جي آبادي 56 لک آھي جيڪا 37 کان مٿي نسلي گروهن جي ماڻھن تي مشتمل آهي.

تاريخسنواريو

ھي علائقو 1640ع کان 1724ع تائين ھي علائقو منگول کوشوت جي اختيار ھيٺ رھيو ۽ 1724ع ۾ چين جي چنگ گھراڻي ان کي فتح ڪري پنھجي راڄ ۾ شامل ڪري ڇڏيو[6] موجوده گادي شيننگ اصل ۾ تبت جي سرحدي ضلعي گينسو جو حصو ھيو جنھن کي چنگھائي جو انتظامي مرڪز بڻايو ويو[7][8]. چنگ گھراڻي جي راڄ ۾ گورنر چنگ شھنشاھ جو وائسراءِ (نائب) ھوندو ھو پر مقامي نسلي گروهن کي ڪافي خوداختياري حاصل ھئي ۽ قبائلي سردارن جو مقامي انتظاميا تي وڏو اثر رسوخ ھيو[9] 1862ع جي کان 1877ع تائين ٿيل دونگان واري انقلاب دوران مسلمانن جي ھئي نسل واري آبادي بغاوت ڪرڻ ڪري شئانڪسي ۾ تباھ ٿي چڪي ھئي ۽ ھجرت ڪري گينسو ۽ چنگھائي منتقل ٿي. دونگان واري ٻئين انقلاب (1895-1896) ۾ چنگھائي جي مسلمانن چنگ گھراڻي جي ايمپائر خلاف بغاوت ڪئي ھئي. 1911 ۾ شينھائي انقلاب ذريعي چنگ گھراڻي جي ايمپائر جي خاتمي سان چنگھائي چيني مسلمانن جي سردار ما چي جي اختيار ھيٺ اچي ويو پر بعد ۾ 1928ع ۾ جمھوريه چين اھو علائقو اتر واري فوجي مھم دوران پنھنجي اختيار ۾ آڻي ان کي جمھوريه چين ۾ ضم ڪري ڇڏيو. جولاءِ-آگسٽ 1912ع ۾ جنرل ما فوشيانگ ڪوڪونور (چنگھائي) جو ڊي فيڪٽو قائم مقام چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر يا گورنر مقرر ٿيو[10]. 1928ع ۾ چنگھائي صوبو قائم ڪيو ويو جنھن جو مسلمان سردار ما چي فوجي گورنر مقرر ٿيو جنھن بعد ان جو ڀاء ما لن ان عھدي تي مقرر ٿيو ۽ پوءِ ما چي جو پٽ ما بوفانگ جي مقرري ٿي. 1932ع ۾ تبت چنگھائي تي حملو ڪيو ۽ ان جي ڏاکڻي حصي تي قبضي جي ڪوشش ڪئي. بوفانگ جي فوج تبتي فوج کي شڪست ڏني. بوفانگ لاء چيو وڃي ٿو ته سوشلسٽ خيالن جو ھو[11] [12]. چين جاپان جنگ ۾ چين وڏو حصو تباھ ٿي چڪو ھو پر چنگھائي محفوظ رھيو. ما بوفانگ فوج م ھئي ۽ سالار نسلن جي مسلمانن جي ڀرتي ڪري انھن جو چنگھائي ۾ اھميت کي وڌائي ڇڏيو[13]. جنرل ما اتي رياستي صنعتڪاري وارا منصوبا شروع ڪيا. ان کان سواءِ تعليمي، طبي، زرعي ۽ شھري صفائي وارن منصوبن کي پڻ رياستي بنياد تي ھلايو. ھن کاڌي لاء پئسا ۽ اسرڪاري ۽ نجي سڪول ۾ يونيفارم مھيا ڪيا. روڊ ۽ ٿيئٽر تعمير ڪرايا. پريس کي ڪنٽرول ۾ آڻي صحافتي آزادي کي ختم ڪيو[14]. 1949ع واري سوشلسٽ انقلاب جڏھن چنگھائي تائين پھتو ما بوفانگ پنھنجو عھدو ڇڏي ھانگ ڪانگ ڀڄي ويو. پوء پرڏيھ ھليو ويو ۽ چين وري نہ موٽيو. چين م شامل ٿيڻ بعد پھرين جنوري 1950ع تي چنگھائي صوبي ۾ صوبائي پيپلز حڪومت جو اعلان ڪيو ويو. صوبي جي جاگرافي ۾ معمولي تبديلي سان ان جي پراڻي جاگرافيائي حيثيت کي برقرار رکيو ويو[15]. ھئي نسل جي مسلمانن ڪومنتانگ طرفان ڪميونسٽ راڄ جي خلاف مزاحمت 1958ع تائين جاري رکي. ھئي ماڻھو چنگھائي جي آبادي جو 15.6 سيڪڙو ھيا ۽ ننگشيا کان پوءِ چنگھائي ۾ وڏي تعداد ۾ رھندڙ اقليت ھيا

حوالاسنواريو

  1. "Qinghai Province". Qinghai Province Department of Commerce. وقت 4 March 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 August 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "Communiqué of the National Bureau of Statistics of People's Republic of China on Major Figures of the 2010 Population Census [1] (No. 2)". National Bureau of Statistics of China. وقت July 27, 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 August 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. (ٻولي ۾ Chinese). Statistical Bureau of Qinghai Province http://www.qh.gov.cn/zwgk/system/2018/02/27/010295833.shtml. حاصل ڪيل 2018-06-22.  line feed character in |trans-title= at position 24 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)
  4. "Sub-national HDI – Subnational HDI – Global Data Lab". globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2020-04-17. 
  5. (2nd ed.). Beijing: China Maps Press. 1995. p. 309. ISBN 7-5031-1718-4. 
  6. The Times Atlas of World History. (Maplewood, New Jersey: Hammond, 1989) p. 175
  7. Louis M. J. Schram (2006). The Monguors of the Kansu-Tibetan Frontier: Their Origin, History, and Social Organization. Kessinger Publishing. p. 17. ISBN 1-4286-5932-3. https://books.google.com/books?id=sy2FOZy0kTsC&pg=PA57. Retrieved 2010-06-28. 
  8. Graham Hutchings (2003). Modern China: a guide to a century of change (illustrated, reprint ed.). Harvard University Press. p. 351. ISBN 0-674-01240-2. https://books.google.com/books?id=qhe6vP66jN0C&pg=PA351. Retrieved 2010-06-28. 
  9. M.C. Goldstein (1994). Barnett and Akiner. ed. Change, Conflict and Continuity among a community of nomadic pastoralists—A Case Study from western Tibet, 1950–1990., Resistance and Reform in Tibet. London: Hurst & Co.. 
  10. Henry George Wandesforde Woodhead, Henry Thurburn Montague Bell (1969). The China year book, Part 2. North China Daily News & Herald. p. 841. https://books.google.com/books?id=Tb8ZAAAAIAAJ&q=+kokonor+officer+executive. Retrieved 2011-06-05. 
  11. John Roderick (1993). Covering China: the story of an American reporter from revolutionary days to the Deng era. Imprint Publications. p. 104. ISBN 1-879176-17-3. https://books.google.com/books?id=nDgbAQAAIAAJ&q=ma+bufang+taiwan. Retrieved 2010-06-28. 
  12. Felix Smith (1995). China pilot: flying for Chiang and Chennault. Brassey's. p. 140. ISBN 1-57488-051-9. https://books.google.com/books?id=PRbvAAAAMAAJ&q=Ma-Hung-kwei. Retrieved 2010-06-28. 
  13. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Goodman
  14. Werner Draguhn; David S. G. Goodman (2002). China's communist revolutions: fifty years of the People's Republic of China. Psychology Press. p. 38. ISBN 0-7007-1630-0. https://books.google.com/books?id=0Caknr1VAqMC&pg=PA38. Retrieved 2011-04-09. 
  15. Blondeau, Anne-Marie; Buffetrille, Katia (2008). Authenticating Tibet: Answers to China's 100 Questions. University of California Press. pp. 203–205. "It is often assumed that this current policy [of not politically uniting all ethnically Tibetan areas] reflects the PRC leadership's intention to divide and rule Tibet, but this assumption is not wholly accurate.... The PRC cemented the [historical] status quo by keeping Amdo/Qinghai as a separate, multinational province... China does not reverse perceived territorial acquisitions. Hence, all territories that escaped the domination of Lhasa in recent history remained attached to the neighboring Chinese constituencies they tended to be under the influence of."