سنڪيانگ يا شنجيانگ (انگريزي: Xinjiang ) عوامي جمهوريه چين جي ھڪ خودمختيار علائقو جو نالو آهي جيڪا چين جي اتر اولھ ۾ واقع آهي۔ ان کي شنجيانگ ايغور آٽونامس ريجن (انگريزي: Xinjiang Uyghur Autonomous Region ) پڻ سڏين ٿا۔ [9]۔ ان جي گادي جو هنڌ ارومچي آھي۔ اھو پکيڙ ۾ چين جي سڀ کان وڏي انتظامي ورهاست آھي جنھن جي پکيڙ 1.6 ملين ڪلوميٽرزچورس (620٬000 sq mi) آھي ۽ آبادي 2020ع ۾ اڍائي ڪروڙ ھئس[1][10]۔ ھن خطي جي تاريخ اڍائي ھزار سالن جي آھي۔ ارڙهين صديءَ ۾ سنڪيانگ چنگ گھراڻي جي چيني ايمپائر جو حصو بڻيو ۽ ھن وقت اھو عوامي جمهوريه چين جو حصو آهي۔ 1955ع ۾ ان جي صوبائي حيثيت ختم ڪري ان کي چيني خودمختيار ريجن جو درجو ڏنو ويو۔ سنڪيانگ جو حدون 8 ملڪن سان ملن ٿيون جن ۾ روس، منگوليا، قزاخستان، ڪرغزستان، تاجڪستان، افغانستان، پاڪستان ۽ ڀارت شامل آهن۔ سنڪيانگ جي سرحدي پاسن ۾ ۽ ان جي اولھندي ۽ ڏاکڻي حصن ۾ پڻ تيان (Tian جبلن جون قطارون واقع آهن۔ ھن ريجن جو علائقو اقصائي چن چين جي اختيار ۾ آھي پر ان جو ڀارت دعويدار آھي۔ سنڪيانگ جون حدون تبت جي خودمختيار ريجن، گينسو ۽ چنگھاء سان پڻ ملن ٿيون۔ مشھور شاھراھ ريشم جو دڳ پڻ ھن ريجن مان ان جي اوڀر واري سرحد کان اتر اولھ واري سرحد طرف گذري ٿو۔ ھن خودمختيار ريجن ۾ رھندڙ نسلي گروهن ۾ [[ترڪ ماڻھو|ترڪ]]، ايغور، قراخ، ڪرغز، تبتي، ھئي، تاجڪ، منگول، روسي ۽ سيب شامل آهن۔ [11]. ھن ريجن کي چيني ترڪستان[12][13] ۽ اوڀر ترڪستان[14] [15] پڻ سڏيو ويندو هو۔

سنڪيانگ
شنجيانگ خودمختيار ريجن
Xinjiang Autonomous Region
چيني خودمختيار ريجن
شنجيانگ ايغور آٽونامس ريجن
Map showing the location of Xinjiang Uygur Autonomous Region
نقشي ۾ سنڪيانگ خودمختيار ريجن نمايان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 41°N 85°E / 41°N 85°E / 41; 85مڪانيت: 41°N 85°E / 41°N 85°E / 41; 85
ملڪ عوامي جمهوريه چين
نالو پيو
  • , xīn ("نئين")
  • , jiāng ("سرحدي سرزمين")
گادي جو هنڌ
(۽ سڀ کان وڏو شھر)
اُرومچي
انتظامي ورهاست
حڪومت
 • قسم چين جي خودمختيار ريجن
 • مجلس پيپلز ڪانگريس
 • ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري چين چئانگئو
 • ريجنل پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين شوڪت امين
 • چيئرمين گورنمينٽ شھرت ذاڪر
 • پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين نورلن ابيلمانجين
پکيڙ[1]
 • ڪل 1,664,897 ڪ.م2 (642,820 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو سڀ کان وڏو صوبو
بلند ترین  پیمائش (ڪي ٽو جبل) 8,611 ميل (28,251 ft)
گھٽ ترین  پیمائش (Lake Ayding[2]) −154 ميل (−505 ft)
آبادي (2010 Census)[3]
 • ڪل 21,815,815
 •  ڪاٿو

  2019

[4]
25,230,000
جونگاريه طاس (ڳاڙهو رنگ) ۽ تاريم طاس يا التشھر (نيرو رنگ)

سنڪيانگ جي ريجن ٻن طاسن ۾ ورھايل آهي جن مان ھڪڙو اتر ۾ جونگاريه طاس ۽ ٻيو ڏکڻ ۾ جبلن جي قطار سان لڳ تاريم طاس آهي۔ سنڪيانگ جي زمين مان رڳو 9.7 سيڪڙو زمين انساني رھائش لاء سازگار آھي۔[16] چين ۾ سڀ کان گھڻي قدرتي گيس جي پيداوار ھن ريجن ۾ ٿئي ٿي۔ ان کان سواءِ ھتي وڏي تعداد ۾ تيل جا ۽ ٻيا معدنياتي ذخيرا پڻ آھن۔ 1990 واري ڏھاڪي کان ھتي اوڀر ترڪستان جي آزادي جي تحريڪ جي شروعات ٿي ۽ اسلامي شدت پسندي ۾ پڻ اضافو آيو۔ [17][18] ھن ريجن جا مشهور شهر ارومچي، تورپان، ڪاشغر، ڪارامي، ڪورلا، اڪسو ۽ ھوتان آهن۔ سنڪيانگ ريجن جي 2020 ۾ جي ڊي پي 1380 ارب يوئان آھي۔

ارومچي شھر جو منظر۔ ھي شھر سنڪيانگ جو صنعتي مرڪز آھي

نالا سنواريو

سنڪيانگ جو عام علائقو اڳئين زماني ۾ مقامي ٻولين ۽ ٻين ٻولين ۾، ڪيترن ئي مختلف نالن سان سڃاتي ويو آهي۔ انهن نالن ۾ التیشهر Altishahr ، تاريخي اويغور جو نالو شامل آهي جيڪو علائقي جي ڏاکڻي حصي جو "ڇهه شهرن" ڏانهن اشارو ڪري ٿو، ان سان گڏوگڏ

ختن، ختائي، تارتاري، چغتائي (چغتائي خانات )، مغلستان ("منگولن جي سرزمين")، ڪاشغريا، ننڍو بخارا، سرنديا (هندستاني ثقافتي اثر سبب) [19] ۽ چيني زبان ۾ Xiyu (西域) )، معنيٰ ” مغربي علائقا “. [20]


ٻي صدي قبل مسيح ۽ ٻي صدي عيسويءَ جي وچ ۾ هان سلطنت، سلڪ روڊ جي منافعي واري رستن کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ۾، مغربي خطن جي حفاظت Xiyu Protectorate (西域都護府 )) قائم ڪئي۔ [21] تانگ دور ۾ مغربي علائقا قوزیي (qixi ۔ (磧西) جی نالی سان سجانی ویندا ھا۔ قی (Qi) گوبي ريگستان ڏانهن اشارو ڪري ٿو جڏهن ته زی Xi اولهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو. تانگ سلطنت 640 ۾ علائقي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء،اولهه يا اينسي پروٽيڪٽوريٽ (安西都護府 ) امن ڏيڻ لاءِ پروٽيڪٽوريٽ جنرل قائم ڪيو هو۔

چنگ خاندان جي دور ۾، شنجيانگ جو اتر وارو حصو، زنگريا، زنبو ("準部 " Dzungar region") جي نالي سان مشهور هو، ۽ ڏاکڻي ترم طاس هوجيانگ (回疆 "مسلم فرنٽيئر") جي نالي سان مشهور هو۔ ٻئي علائقا 1759 ۾ چنگ خاندان جي الٽيشهر خوجا جي بغاوت کي دٻائڻ کان پوءِ ضم ٿي ويا ۽ "زيو شنجيانگ" (西域新疆 لفظي طور تي "مغربي علائقن جي نئين سرحد") جو علائقو بڻجي ويو۔ (بعد ۾ "Sinjiang" (新疆 طور آسان ڪيو ويو ؛ اڳ ۾ "Sinkiang" جي نالي سان رومن ڪيو ويو ). سرڪاري نالو 1878 ۾ گوانگ سو شهنشاهه جي دور ۾ ڏنو ويو [22] چيني سياستدان زو زونگ تانگ جي گوانگ سو شهنشاهه ڪي رپورٽ موجب، سن جيانگ جو مطلب آهي "پراڻي زمين نئين طور تي واپس" (故土新歸 ) يا ”نئين پراڻي زمين“۔ [24] اهو پڻ ترجمو ڪري سگهجي ٿو "نئين سرحد" يا "نئون علائقو"۔ حقيقت ۾، "سنجيانگ" جی اصطلاح ڪيترن ئي ٻين هنڌن تي فتح ڪيل علائقن لاء استعمال ڪيو ويو ، پر ڪڏهن به چيني سلطنتن جي سڌي طرح حڪمراني نه ڪئي وئي، جيستائين تدريجي طور تي گیتو گویلوGaitu Guiliu انتظامي اصلاحات، جن ۾ ڏکڻ چين جا علائقا شامل آهن. [25] مثال طور، سيچوان ۾ اڄوڪي جن چوان ڪائونٽي کي ان وقت ”جنچوان شنجيانگ“ سڏيو ويندو هو، ینان صوبی ۾ زائوتونگ Zhaotong کي سڌو سنئون ”زنجيانگ“، Qiandongnan علائقو، انشونAnshun ۽ زیننگ Zhenning جو نالو لیانگیو شنجيانگ ”Liangyou Xinjiang“ وغيره رکیو ویو۔ [26]

1955ع ۾ سنجيانگ صوبي جو نالو بدلائي ”سنجيانگ يوگور خودمختيار علائقو“ رکيو ويو. اهو نالو جيڪو اصل ۾ تجويز ڪيو ويو هو صرف "سنجيانگ خودمختيار علائقو" هو، ڇاڪاڻ ته اهو امپیریل علائقي جو نالو هو۔ هن تجويز کي ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ اويغورن طرفان چڱيءَ طرح قبول نه ڪيو ويو، جن کي اھو نالو فطرت ۾ نوآبادياتي لگیو، ڇاڪاڻ ته ان جو مطلب آهي ”نئون علائقو“۔ سيف الدين عزيزي ، سن جيانگ جي پهرين چيئرمين، مائو زيڊونگ جي تجويز ڪيل نالي تي پنهنجا سخت اعتراض درج ڪيا، دليل ڏنو ته "خودمختاري جبلن ۽ دريائن کي نه ڏني وئي آهي"۔ اهو خاص قوميتن کي ڏنو ويو آهي." ڪجهه اويغور ڪميونسٽن ان جي بدران ” تيان شان يوغور خودمختيار علائقو“ جو نالو تجويز ڪيو۔ مرڪزي حڪومت ۾ "هان نسل" جا ڪميونسٽن سنڪيانگ نالي کي نوآبادياتي طور تي رد ڪيو ۽ انڪار ڪيو ته مرڪزي حڪومت ٻنهي نوآبادياتي ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته اهي ڪميونسٽ هئا ۽ ڇاڪاڻ ته چين نوآبادياتيزم جو شڪار هو۔ جڏهن ته، اويغور جي شڪايتن جي ڪري، انتظامي علائقي جو نالو "سنجيانگ يوگور خودمختيار علائقو" رکيو ويو۔[27]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 (ٻولي ۾ Chinese). Statistics Bureau of Xinjiang https://web.archive.org/web/20151222152943/http://www.xjtj.gov.cn/sjcx/tjnj_3415/2014xjtjnj/zyhj_2014/201506/t20150630_472020.html. وقت 22 December 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 19 December 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Missing or empty |title= (مدد)
  2. Mackerras, Colin; Yorke, Amanda (1991). The Cambridge handbook of contemporary China. Cambridge University Press. p. 192. ISBN 978-0-521-38755-2. https://books.google.com/books?id=yiq_f71uXboC&q=+Aydingkol&pg=PA192. Retrieved 4 June 2008. 
  3. Susan M. Walcott; Corey Johnson (1 November 2013). "Where Inner Asia Meets Outer China: The Xinjiang Uyghur Autonomous Region of China". Eurasian Corridors of Interconnection: From the South China to the Caspian Sea. Routledge. pp. 64–65. 
  4. "National Data". وقت 15 April 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 April 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  5. "Spatial Results of the 2010 Census in Xinjiang". 
  6. "China". Ethnologue. وقت 26 December 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 3 June 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  7. "新疆维吾尔自治区2019年国民经济和社会发展统计公报" (ٻولي ۾ Chinese). حاصل ڪيل 12 March 2021.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  8. United Nations Development Program (2013). China Human Development Report 2013: Sustainable and Liveable Cities: Toward Ecological Urbanisation. Beijing: Translation and Publishing Corporation. ISBN 978-7-5001-3754-2. http://www.cn.undp.org/content/dam/china/docs/Publications/UNDP-CH-HD-Publication-NHDR_2013_EN_final.pdf. Retrieved 14 May 2014. 
  9. "新疆维吾尔自治区政府网(英文)". The Government of Xinjiang Uygur Autonomous Region of China. حاصل ڪيل August 18, 2020. 
  10. "National Data". وقت 15 April 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 September 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  11. "Regions and territories: Xinjiang". BBC News. وقت 20 May 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  12. "Turkestan". Catholic Encyclopedia. New York: Robert Appleton Company. وقت April 20, 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل November 26, 2008.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  13. "EXCAVATIONS iv. In Chinese Turkestan". Encyclopædia Iranica. حاصل ڪيل 24 September 2020. In contemporary geographic terminology, Chinese Turkestan refers to Xinjiang (Sinkiang), the Uighur Autonomous Region of the People’s Republic of China. 
  14. Sheila Hollihan-Elliot (2006). Muslims in China. Mason Crest Publishers. p. 55. ISBN 1-59084-880-2. https://archive.org/details/muslimsinchina0000holl/. "For most of their history, the Uyghurs lived as tribes in a loosely affiliated nation on the northern Chinese border (sometimes called East Turkestan)." 
  15. William Samolin (1964). East Turkistan to the Twelfth Century. The Hague: Mouton & Co. p. 9. https://archive.org/details/eastturkistantot0000unse/. "The general boundaries of East Turkistan are the Altai range on the northeast, Mongolia on the east, the Kansu corridor or the Su-lo-ho basin on the southeast, the K'un-lun system on the south, the Sarygol and Muztay-ata on the west, the main range of the T'ien-shan system on the north to the approximate longitude of Aqsu (80 deg. E), then generally northeast to the Altai system which the boundary joins in the vicinity of the Khrebët Nalinsk and Khrebët Sailjuginsk." 
  16. (zh ۾). http://scitech.people.com.cn/n/2015/0803/c1007-27399378.html. 
  17. Tiezzi, Shannonb. "China's 'Protracted War' in Xinjiang". The Diplomat. وقت October 24, 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل October 29, 2016.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  18. "East Turkestan: Chinese Authorities Confiscate Passports Amid Security Crackdown". Unrepresented Nations and Peoples Organization (UNPO). وقت October 30, 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل October 29, 2016.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  19. Tyler (2004).
  20. Hill (2009).
  21. Whitfield, Susan (2004). The Silk Road: trade, travel, war and faith. Serindia Publications. p. 27. ISBN 9781932476118. https://archive.org/details/aurelsteinonsilk0000whit. 
  22. "The Lost Frontier – Treaty Maps that Changed Qing's Northwestern Boundaries". National Palace Museum. وقت 29 January 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 29 January 2020. The Qianlong emperor (1736–1796) named the region Xinjiang, for New Territory. "The Lost Frontier – Treaty Maps that Changed Qing's Northwestern Boundaries".
  23. Weinstein (2013), p. 4.سانچو:Full citation needed
  24. The imperial-era Chinese word gui is not descriptive, but normative: It is a term which seeks to justify new conquests by presenting them as a naturally appropriate "return". It does not indicate that the territory already had been conquered earlier.[23]
  25. "贵州通志 (四库全书本)/全览1". wikisource (ٻولي ۾ Chinese). حاصل ڪيل 2021-10-31. 
  26. 任, 可澄; 杨, 恩元 (1948). 贵州通志·前事志. 
  27. Bovingdon (2010), p. 199.