چنگچي رڪشو
چنگچي رڪشو جنهن کي پاڪستان ۾ مختصر طور تي "چنگچي" سڏيو ويندو آهي، سواري جو ھڪ قسم آھي جنھنجو استعمال ڏکڻ ايشيا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ٿئي ٿو. هن کي پروپيل ڪرڻ لاء چين جي آٽوموبائيل ڪمپني، جنان چنگچي جي 125 سي سي جي موٽر سائيڪل استعمال ٿئي ٿي، هنڪري هن کي چنگچي رڪشو سڏيو ويندو آهي. ھي سواري عام طور تي مختصر سفر لاءِ استعمال ڪئي ويندي آھي.