چلم ٺڪر مان ٺهيل تماڪ ڇڪڻ جي هڪ خاص ٿانو کي چيو ويندو آهي. هيءَ حقي وانگر ٺڪر جي ٺهيل هوندي آهي، جنهن کي ڪنڀار مختلف سائيزن ۽ نمونن ۾ ٺاهيندا آهن. ڪن هنڌن تي چلم لفظ حُقي ۽ سُلفيءَ جي معنيٰ ۾ به استعمال ٿئي ٿو، پر خاص شڪل ۽ وڏ ننڍائيءَ جي حوالي سان چلم، انهن ٻنهي کان الڳ آهي. چلم ۾ تماڪ واپرايو ويندو آهي ۽ ايامن کان ٻهراڙين ۾ اوطاق ڪچهرين ۾ هن جو تمام گهڻو استعمال ٿيندو آهي.

بناوت جي لحاظ کان چلم جي مٿئين حصي کي ’ٽوپي‘ يا ’ڦل‘ سڏبو آهي. جنهن ۾ ٽانڊا وجهبا آهن، تماڪ کي باهه ڏيڻ سان چلم جي ٺڪر ٽڙڪڻ جي خطري کان اِن مٿئين حصي کي لوهه جي پٽن ۽ ڪنار کي لوهه جي پٽيءَ سان جڙيو ويندو آهي. ٻي هڪ شيءِ ٺڪر جي هوندي آهي، جنهن کي ’چغل‘ چوندا آهن. چغل گولائي مائل انچ کن قطر جو ڳوڙهو هوندو آهي، جيڪو ٽوپيءَ جي وچئين سوراخ جي مٿان وجهبو آهي. ان کان سواءِ ٻه نليون پوري ڪانيءَ جون هوندون آهن. وڏي نلي 4 کان 5 فوٽ ڊگهي هوندي آهي، جنهن کي ’نڙ‘ چئبو آهي ۽ ٻي ننڍي نلي اٽڪل ٻه اڍائي فوٽ ڊگهي هوندي آهي، تنهن کي ’گوءِ‘ چوندا آهن. اهي چار شيون چلم جا مستقل حصا آهن. باقي ٽي شيون يعني: پاڻي، تماڪ ۽ ٽانڊا استعمال موجب روزانو هڪ کان وڌيڪ دفعا بدلائي سگهبا آهن. ان جو مدار ڇڪڻ وارن جي تعداد تي هوندو آهي.

چلم جي بناوتي حصن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:

چلم جو بوتو

سنواريو

چلم جو بوتو ٺڪر جو ٺهيل هوندو آهي، جيڪو ٻه فوٽ اوچو، ٽوپيءَ سوڌو ٽن فوٽن جو ٿئي ٿو. ڏسڻ ۾ هن جا چار مکيه حصا آهن. مٿان پنج انچ کن قطر سان ڦاڏي ڪنار، ان کان هيٺ مُني فوٽ جيتري سنهي ڳچي، تنهن جي هيٺان چلم جو مکيه حصو ڍڍر، جنهن جي چوڌاري ڏيڍ فوٽ کن قطر سان ٻاهر تي وڌيل گهاگهري هوندي آهي، جنهن جي آخر ۾ هيٺيان ڇهه ست انچ قطر سان لڪوترو هوندو آهي. چلم جو سڄو بوتو مٿينءَ ڪنار کان ڍڍر تائين پورو ٿيندو آهي. هن ۾ ڳچيءَ ۽ ڍڍر جي وچ تي هڪ سوراخ هوندو آهي، جنهن ۾ نڙ جي پوئين ڇيڙي جو ڏٽو ڦٻائبو آهي.

ٽوپي يا ڦُل

سنواريو

هي حصو مُنو فوٽ کن ڊگهو (اوچائي) ۽ اڌ فوٽ قطر سان ڏياٽيءَ جي شڪل جهڙو، ٺڪر جو ٺهيل هوندو آهي. هن جا ٻه مکيه حصا ٿين. هڪ مٿيون ويڪرو حصو، جنهن ۾ تماڪ کي ساڙڻ لاءِ تيز ٽانڊا وجهبا آهن ۽ ٻيو سوڙهو هيٺيون حصو، جنهن هيٺان ’چغل‘ وجهبو آهي ۽ پوءِ ان جي مٿان تماڪ جي ڳوٽي ڀربي آهي. هي چلم جو اهم حصو آهي، جنهن مان نشي آور دونهون چغل جي وٿين مان وهي نڪرندو آهي.

هي اٽڪل چار فوٽ ڊگهو ڪانو هوندو آهي، جيڪو گهڻو ڪري گهڻي پاڻيءَ واري هنڌن تي پيدا ٿيندو آهي. هن گاهه جا ٻه قسم ٿين ٿا، جن مان هڪ کي ڪُوڙو يا سادو ۽ ٻئي کي سچو يا سٺو سڏين ٿا. چلم ۾ استعمال ٿيندڙ نڙ سٺي قسم مان حاصل ڪبو آهي، جنهن کي ’اينچي‘ به چوندا آهن. سڄي نڙ تي اڳڙي ويڙهيل هوندي آهي ۽ ٻئي ڇيڙي وٽ اڳڙيءَ جو ڏٽو هوندو آهي، جيڪو ڇڪڻ مهل چلم جي وچ واري سوراخ ۾ ڦٻائي وجهبو آهي ته جيئن سُوٽ ڏيڻ مهل هوا ٻاهر نه نڪري. نڙ مٿان ويڙهيل اڳڙيءَ کي ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ پاڻيءَ سان آلو ڪبو رهبو آهي، جنهن لاءِ عام طرح چئبو آهي ته: ”نڙ کي سائو ڪر“.

هي اينچيءَ جو اٽڪل ٻه فوٽ ڊگهو ٽڪرو هوندو آهي. جنهن جو مٿيون ڇيڙو ڏٽي سان ٽوپيءَ جي سوراخ ۾ وجهبو آهي. باقي حصو هڪ ٻئي ڏٽي وسيلي چلم جي ڳچيءَ ۾ جيڪو مٿان سوراخ آهي. ان ۾ ڦٻائي وجهبو آهي. گوءِ جو هيٺيون ڇيڙو چلم جي ڍڍر ۾ ڀريل پاڻيءَ ۾ ٻڏي بيهندو آهي. انڪري ٽوپيءَ مان آيل نشي آور دونهون چلم جي پاڻيءَ مان گذري، پوءِ نڙ مان ڏنل سُوٽ وسيلي ڇيڪوءَ تائين پهچندو آهي. چلم جو استعمال صحت لاءِ هاڃيڪار آهي، پر ماڻهو علت سبب ان جو خيال نه ڪندا آهن. آڳاٽي وقت ۾ حيدرآباد ۽ چمبڙ جي چلم سنڌ ۾ مشهور هئي، جيڪا ٽن يا چئن طبقن ۾ ٽُڪ سان جوڙي ويندي هئي.[1]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012