ڌاتورو چريو:(انگريزي: Jimsonweed ) جنھن جو عربي نالو جوزالماثل، فارسي ۾ توتاره، ھندي ۽ اردو ۾ دهتوره، ڪورهثل، مرقد، اقرص الملڪ ۽ ان مت چوندا آهن. ان جو نباتاتي نالو داتورا اسٽريمونيم (انگريزي: Datura Stramonium ) آهي. هن جا پن هيرڻ جي پنن وانگر ٿين ٿا، قد جو پورو پنو، هن جا ڏينا گول ليمي جيڏا ٻج سان ڀريل ٿين ٿا، هن جو ٻج ڀوري رنگ تي ٿئي ٿو، جو سخت نشي وارو آهي.

چريو ڌاتورو
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): داتورا
جنس: Template:Taxonomy/داتورا{. اسٽريمونيم
حياتياتي نالو
داتورا اسٽريمونيم
ڪارل لينيوئس
ڌاتوري جي ٻج جو پڪل (کاٻو) ۽ ڪچو (ساڄو) کول

طب سنواريو

طبي لحاظ کان ان جو اثر سرد ۽ خشڪ آھي. اھو کائڻ سان جنون پيدا ڪري ٿو. ظاهر ۽ باطني حواسن کي سست ڪري ٿو، هن جي ٻج کي ناريل ۾ وجهي پچائي، ٻين دوائن سان گڏي استعمال ڪرائجي، ته کنگهه ۽ مٿي جي سور ۾ فائدو ڪري، قوت باهه وڌائي ٿو ۽ منيءَ ۽ امساڪ پيدا ڪري ٿو. سيني ۽ دماغ جي رطوبت کي سڪائي ٿو، آنڊن ۽ معدي جي ڪيڙن کي ماري ڪڍي ٿو. هن جا پن گهوٽي سخت سور ۽ سوڄ کي لپري ڪري رکڻ سان آرام اچي ٿو. هن جا پن ۽ پاڙون ترن جي تيل ۾ تري، فالـج، لقوي، عضون جي استرخاءِ ۽ سنڌن جي سور تي مالش ڪرائجي ته فائدو ٿيندو، هن جون پاڙون دمڪشيءَ لاءِ مجرب آهن..[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو