چاڪو جنگيون

بوليويا ۽ پيراگوئي جي وچ ۾ جنگ

چاڪو جنگيون يا چاڪو وارس (Chaco Wars) ڏکڻ آمريڪي ملڪن بوليويا ۽ پيراگوئي جي وچ تي موجود هن ويران پر تيل سان ٽُٻ ٿيل چاڪو نالي تڪراري ٻيلي تي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ 35-1932ع تائين ڪيتريون ئي جنگيون وڙهيون ويون. 1935ع ۾ ان ٻيلي تان لڳل جنگ کانپوءِ ان جو 000، 30 چورس ڪلو ميٽر علائقو بوليويا ۽ 000، 70 ڪلوميٽر حصو پيراگوئي کي ڏنو ويو. اِن جنگ ۾ بوليويا جا 50 هزار ۽ پيراگوئي جا 35 هزار جوان ماريا ويا. انهن لڙائين کي ڏکڻ آمريڪا جون 20 صديءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ رتو ڇاڻ واريون جنگيون چيو وڃي ٿو.[1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد