چاڪليٽ جو اصطلاح کاڌي پيتي جي ڪيترين اهڙين شين لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جن جا جزا (Coca) ٻجن واري وڻ مان مختلف مقدار ۾ حاصل ڪيا ويندا آهن. سڄيءَ دنيا ۾ مختلف وڻن جي ٻجن مان چاڪليٽي مٺائي، آئيس ڪريم، ڪيڪ ۽ ٻيا ڪيترائي مشروبات استعمال ٿين ٿا.

چاڪليٽ جون ڏيٺيون

شناخت سنواريو

چاڪليٽ ٺاهڻ وارن وڻن جي سڀ کان پهرين شناخت ڏکڻ آمريڪا جي مايه (Maya) ۽ ايزٽڪ (Aztec) تهذيب جي ماڻهن ڪئي. اهي انهن وڻن جي ٻجن کي گهڻو ڪري مشروبات طور استعمال ڪندا هئا. اڄڪلهه چاڪليٽ سڄي دنيا ۾ Coca نالي وڻ جي ٻجن کي پيهي حاصل ڪيو وڃي ٿو. هنيئر گهڻيون چاڪليٽي شيون، ان ميوي جي نڪتل گوري ۾ کير، کنڊ ۽ ٻيون مختلف قسمن جون خوشبوئون وجهي تيار ڪيون وڃن ٿيون. ڪوڪا ٻجن مان چاڪليٽ جي جدا ڪرڻ ۽ استعمال ٿيڻ تائين ڪيترائي مرحلا طئي ڪرڻا پوندا آهن.

ٺاهڻ جو طريقو سنواريو

چاڪليٽ ٺاهڻ لاءِ Coca جي ٻجن کي پيهڻ کانپوءِ ان کي ملائم شڪل ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي. اهڙي نموني ڪاري چاڪليٽ، سفيد چاڪليٽ، سادي چاڪليٽ ۽ ملڪ چاڪليٽ کي مختلف جزن سان ترتيب ڏيئي ذائقيدار بڻايو ويندو آهي. چاڪليٽ سڄي دنيا ۾ شوق سان کاڌا ويندا آهن.[1]

حوالو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012