چارلس ڊارون

ارتقا جو نظريو پيش ڪندڙ انگريز سائنسدان

چارلس ڊاروِن (Charles Darwin) سـائـنـسدان پهريون ڀيرو انساني ارتقا جو نظريو پيش ڪندڙ سائنسدان هو. هيءُ 12 فبروري 1809ع تي انگلينڊ جي شهر شروس بريءَ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو رابرٽ ڊاروِن هو ۽ سندس ڏاڏو فلاسافر ۽ شاعر هو، جنهن جو چارلس تي وڏو اثر رهيو. چارلس نَوَن سالن جو هو تہ اسڪول ۾ داخـل ٿيـو. شـروع ۾ چارلـس حياتيات جي علم ۾ دلچسپي رکندي، قدرتي نظارن، وڻن، ٻوٽن ۽ جانورن کي مشاهداتي اک سان پرکڻ جي ڪوشش ڪئي. سورهن سالن جي عمر ۾ کيس ميڊيڪل پڙهڻ لاءِ ايڊنبرگ موڪليو ويو، پر هن کي اهو شعبو پسند نہ آيو، بعد ۾ کيس علم ڪيميا پڙهڻ لاءِ ڪئمبرج يونيورسٽي موڪليو ويو، جتي ڊارون هڪ استاد کي ڪافي متاثر ڪيو، جنهن کيس هڪ فطرت پرست جي حيثيت سان سامونڊي سفر ذريعي کوجنا لاءِ روانو ڪيو.

زميني سفر

سنواريو

هن ’HMS بيگل‘ نالي جهاز تي ڏکڻ آمريڪا سان گڏ ٻين ملڪن ۽ ٻيٽن جو سفر ڪيو. 1831ع ۾ سفر دوران هن ڪيترائي ٻيٽ، سمنڊَ ۽ ٻيون عجيب ۽ غريب شيون ڏٺيون. هن ڪيترن ئي قديم قبيلن جي ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون، هن ڪيترا پراڻا آثار دريافت ڪيا. ان کان سواءِ هن جانورن ۽ ٻوٽن جي ڪيترين ئي جنسن جو مشاهدو ڪيو.

چـارلـس ڊاروِن حـياتيـات جـو مـاهر بہ ليکيو وڃي ٿو. هن پـنهـنجـي ’ارتـقـا واري نـظـريـي‘ (Theory of Evolution) جو بنياد ٽن مفروضن يا اصولن تي رکيو: (1) بقا جو مسئلو، (2) فطري چونڊ، (3) گھڻائيءَ جي بقا جو مسئلو.

  • بقا وارو اصول (Survival of the Fittest): 1838ع ۾ جيئن تہ ڊارون پنهنجي نظريي جي وضاحت لاءِ حالتن جو مطالعو ڪري رهيو هو، ان وقت ’مالٿس‘ (Malthus) جو آباديءَ جي اصول تي مضمون ’اصول آبادي‘ ڊارون جي نظر مان گذريو، جنهن ۾ مالٿس اهو نظريو پيش ڪيو تہ جاندارن جي آباديءَ تي پابندي هڻڻ ضروري آهي، جيڪڏهن پابندي لاڳو نہ ڪئي ويندي تہ آبادي ’ٻيڻ‘ جي تناسب سان وڌڻ لڳندي ۽ 25 سالن ۾ ٻيڻي ٿي ويندي. جڏهن تہ غذائي پيداوار ساڳئي تناسب سان ڪانہ وڌندي ۽ خاص طور تي غريب طبقن کي انهيءَ مان خطرناڪ نتيجا حاصل ٿيندا. انڪري ڊاروِن جو خيال هو تہ جيڪڏهن انهيءَ اصول کي ٻوٽن ۽ حيوانن تي لاڳو ڪيو وڃي تہ وڌندڙ آبادي روڪي سگھجي ٿي.
  • فطري چونڊ وارو اصول: ڊارون جي نظريي موجب جيڪي انواع (ساهوارا، وڻ، ٻوٽا، جيت وغيره) جياپي جي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿين ٿا، سي قدرتي طرح جياپي لاءِ چونڊجي وڃن ٿا. ڊارون جي هن نظريي جي ويلس بہ تائيد ڪئي ۽ چيائين تہ هر ٻوٽي ۽ هر ساهواري جي واڌ ويجھ تڪڙي هجي يا سست، پنهنجيءَ آباديءَ لاءِ ذميوار آهي. وڏي عرصي کان پوءِ هڪ اهڙو بہ وقت ايندو، جڏهن پيداوار سڀني جو پورائو نہ ڪندي، ان وقت غذا ۽ واپرائيندڙن درميان ڪشمڪش شروع ٿي ويندي، نتيجي طور ڪمزور نسل (Species) ختم ٿي ويندا.
  • ارتقا پذيري وارو اصول: بقا لاءِ جدوجهد جي نتيجي ۾ فقط اهي فرد وڃي بچندا آهن، جيڪي زندگيءَ جي نين حالتن لاءِ موزون هوندا آهن، پر جيڪي ناموزون هوندا آهن، سي تباھ ٿي ويندا. ان مان ظاهر ٿئي ٿو تہ جياپي لاءِ فطري چونڊ دراصل ارتقا پذير معاشري ڏانهن هڪ قدم آهي.

چارلس ڊاروِن رڳو ارتقا جي مطالعي تائين محدود نہ هو، پر هن ٻين بہ ڪيترن فطري مظهرن جي کوجنا ڪئي. هن کوپيدار سنهڙن جيتن جي درجابندي، سمنڊ کي گهيرو ڪري بيٺل مرجاني ٽَڪرين جو ٺهڻ، خط استوا تي ڦٽل ٻوٽن جو روشنيءَ تي وڌڻ ويجهڻ ۽ زميني ڪيڙن جو زمين کي زرخيز بنائڻ جهڙن پيچيده موضوعن جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو. ان کان سواءِ هن ٻوٽن ۽ گهريلو کاڌ خوراڪ کانپوءِ جانورن جو هڪ ٻئي کان جدا رهڻ ۽ انسان جي اصليت تي تحقيق ۽ مطالعو ڪيو.

چارلس ڊاروِن تجربن سان گڏ انهن جا نتيجا بہ لکندو رهندو هو، تہ جيئن اهي ڪتابي صورت ۾ محفوظ ٿين. سندس پهريون ڪتاب ’اوريجن آف اسپيشيز‘ (Origin of Species-1859ع) ۾ شايع ٿيو. هن ارتقائي نظريي سان گڏ نباتاتي علم ۽ تحقيق بابت بہ ڪتاب لکيا.

چارلس ڊاروِن، 19 اپريل 1882ع تي وفات ڪئي.[1]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012