ڄڀ

وات جو ھڪ عضوو جيڪو چکڻ ۽ ڳالھائڻ ۾ مدد ڪري ٿو

ڄڀ (👅)(انگريزي: Tongue) بنيادي طرح ڄڀ ماڻهو جو اهڙو عضوو آهي، جنهن سان ماڻهوءَ کي هر ڪنهن قسم جي ذائقي پرکڻ جي خبر پئي ٿي، تنهن کان سواءِ ڄڀ (زبان) جا مختلف رنگ گھڻين بيمارين جي نشاندهي ڪن ٿا. هر صحتمند ماڻهو جي زبان آلي هوندي آهي ۽ ان جو رنگ گلابي هوندو آهي.

ڄڀ جو عڪس

ڄڀ جي بناوت

سنواريو
Structure of Tongue

ڄڀ وات جي تري ۾ ڏندن جي اندران ۽ تارونءَ جي هيٺان (يعني وات جي وچ ۾ ٿئي) ٿي، جڏهن ته زبان جي پاڙ ڪنڌ جي هڏي جي هيٺان نڙيءَ جي مٿان ۽ زبان جي پاڙ جي هڏي (Hyoid Bone) وٽان شروع ٿئي ٿي. (ياد رهي ته هن هڏي جي شڪل هوبهو گھوڙي جي سُنب/ نعل (Horseshoe) جي شڪل جھڙي ٿئي ٿي. زبان، لعابي پردن (Mucus Membranes)، جن کي فرنيولم (Frenulum) چئبو آهي، جي ڪري وات جي تري سان ڳنڍيل آهي. زبــان نــرم هـئـڻ جـي باوجود، زبان جو مٿاڇرو گھـڻن کـهـرن اسـتـرن (پردن) سان ڍڪيل آهي. جنهن تي هيٺيان ۽ مٿان ٽن قسمن جون اڀار نما نــنـڍڙيون ڳـوڙهـيــون (Papillae) ٿين ٿيون، جـن ۾ ذائـقــي جـــي پـرکـڻ واريــن ڳــوڙهـيـن (Test Buds) جو مرڪز ٿئي ٿو. زبان ۾ گھڻن قسمن جون مشڪون ۽ تمام وڏو ۽ اهم تنتي سرشتو (Nerve System) ۽ رت جون ناڙيون (Blood Vessels) ٿين ٿيون. جيڪي هيٺينءَ ريت آهن:

  • اڀارنما ننڍڙيون ڳوڙهيون (Papillae)
  • ذائقي پرکڻ واريون ڳوڙهيون (Test Buds)
  • مشڪون (Muscles)
  • تنتي سرشتو (Nerve System)
  • رت جون ناڙيون (Blood Vessels)

اُڀار نما ننڍڙيون ڳوڙهيون

سنواريو

ڄڀ ۾ ٽن قسمن جون هيٺيون اُڀار نما ننڍڙيون ڳوڙهيون ٿين ٿيون.

  • i. Circumvallate Papillae: هن قسم جون ڳوڙهيون تعداد ۾ لڳ ڀڳ اٺن کان ٻارهن ٿين ٿيون، جيڪي زبان جي هيٺان ٿين ٿيون. هر هڪ ڳوڙهي انگريزيءَ جي اکر ’ر‘ جي شڪل جي ٿئي ٿي ۽ هر هڪ ڳوڙهيءَ جي پاڙ ۾ چگهه جهڙي کڏ (Depression) هوندي آهي. هي ڳوڙهيون ايتريون ته وڏيون هونديون آهن، جو آسانيءَ سان زبان جي هيٺان ڏسي سگھبيون آهن.
  • ii. Fungiform Papillae: هن قسم جون ڳوڙهيون تمام گھڻيون ننڍڙيون سنهي ٻوار وانگي ٿين ٿيون، جيڪي زبان جي چوٽيءَ تي ۽ پاسن کان ٿين ٿيون. هي ڳوڙهيون کنڀيءَ جي شڪل وانگي ٿين ٿيون ۽ ڳاڻاٽي ۾ مٿين ڳوڙهين کان گھڻو وڌيڪ ٿين ٿيون.
  • iii. Filiform Pappilae: هن قسم جون ڳوڙهيون ڳاڻاٽي ۾ سڀني قسم جي ڳوڙهين کان وڌيڪ ٿين ٿيون، ۽ ڄڀ جي مٿاڇري تي اڳئين اڌ حصي ۾ ٿين ٿيون. هنن ڳوڙهين جو واسطو ڇهڻ (Touch) جي حس سان آهي.

ذائقي پرکڻ واريون ڳوڙهيون

سنواريو

ذائقي پرکڻ واريون ڳوڙهيون پهرين مٿين ٻن اُڀار نما ڳوڙهين سان سلهاڙيل ٿين ٿيون. ذائقي پرکڻ واريون ڳوڙهيون ڳاڻاٽي ۾ تمام گھڻيون ٿين ٿيون. هنن ڳوڙهين جي ڪري مٺي، ڪوڙي، کٽي ۽ چهري ذائقي جي خبر پوندي آهي.

زبان مجموعي طرح پاڻمرادو ڪم ڪندڙ مشڪن (Voluntary Muscels) جي هيٺين ٻن قسمن ۾ ورهايل آهي.

  • i. Intrinsic Muscles: زبان جي پنهنجي وجود ۾ هن قسم جون اندريون مشڪون ڪم ڪندڙ آهن، جنهن جي ڪري زبان هلڪو ڦلڪو چري پري سگھندي آهي. هن قسم جي مشڪن جي ڪري زبان رڳو کاڌي يا پاڻي وغيره کي ڳيت ڏيڻ جي سگھه رکندي آهي.
  • ii. Extrinsic Muscles: هن قسم جون مشڪون زبان جون گھڻيون طاقتور مشڪون آهن، جن مشڪن جي ڪري زبان کي چرپر ڪرڻ جي ڀرپور سگهه هوندي آهي. هنن مشڪن جي مدد سان زبان وات کان ٻاهر نڪري سگھندي آهي، کاڌي کي تارون ۽ ڏندن جي وچ ۾ زور ڏيئي اٿلائي پٿلائي سگھندي آهي، کاڌي کي چٻاڙي سنهو ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي. کاڌي يا پاڻيٺ وارين شين کي ڳيت ڏيئي نڙيءَ کان هيٺ معدي ڏي لاهي ڇڏيندي آهي.

تنتي سرشتو

سنواريو

زبان جو تنتي سرشتو دماغ جي ٻارهن تنتي نظامن (Twelve Cranial Nerves) سان جڙيل آهي. اهو ئي سبب آهي، جو زبان جو تنتي سرشتو هر وقت دماغ سان جڙيل رهي ٿو. زبان جي تنتي سرشتي ۾ زبان جي چرپر، سواد جي ڄاڻ ۽ ڇهڻ جي حواس کان وٺي زبان جي فعل تائين دماغ جون ڪيتريون ئي تنتتون حصو وٺن ٿيون. جن دماغ جي تنتن جو پيرائتي نموني بيان هيٺ ڪجي ٿو.

  • i. منهن جي ٽِه تهي تنت (Trigeminal Nerve): هيءَ دماغ جي تنتي سرشتي جي پنجين تنت آهي. هن تنت جي هڪ شاخ ڄڀ واري تنت (Dingual Nerve) آهـي، جنهن جي وسيـلي زبان گھربل اچار ڪڍي سگھندي آهي؛ تـنهـن کان سواءِ ٻيا حس جهڙوڪ: سرد، گرم ۽ سور محسوس ٿيڻ پڻ هن تنت جي ذمي آهي.
  • ii. منهن واري تنت (Facial Nerve): هيءَ دماغ جي تنتي سرشتي جي پنجين تنت آهي. هن تنت جي هڪ شاخ ڄڀ واري تنت (Dingual Nerve) آهي. هن تنت جي خابرو حصي (Sensory Branch) جي مدد سان زبان کي شين جي سواد جي خبر پوندي آهي.
  • iii. زبان ۽ ڳلي جي تنت (Glassopharyngeal Nerve): هيءَ دماغ جي تنتي سرشتي جي نائين تنت آهي. هنن تنتن وسيلي زبان جي چرپر، فعل ۽ گھڻين شين جي حس جي ڄاڻ ممڪن ٿيندي آهي. هيءَ ڄڀ جي مرڪزي ۽ بنيادي تنت آهي.
  • iv. زبان جي هيٺان واري تنت (Hypoglossal Nerve): هيءَ دماغ جي تنتي سرشتي جي ٻارهين تنت آهي. هن تنت جي ڪري زبان جي ڇهڻ وارو حس ممڪن ٿئي ٿو. هن حس جي ڪري زبان اهو اندازو لڳائيندي آهي ته ڪا شيءِ نرم آهي؛ سخت آهي؛ هلڪي آهي؛ ڳوري آهي يا ڪيتري ماپ جي آهي؛ هن شيءِ کي چٻاڙي سگھجي ٿو يا نه؟ ڪنهن شيءِ کي ڳيت ڏيئي سگھجي ٿي يا نه؟ وغيره.

زبان جي انهيءَ تنتي سرشتي ۽ ان جي فعل مان اهو آسانيءَ سان اندازو هڻي سگھجي ٿو ته زبان جي تنتي سرشتي جو نظام دماغ جي 5، 7، 9 ۽ 12 تنت سان جڙيل آهي. تنهن ڪري زبان جو سمورو تنتي سرشتو دماغ جي اثر هيٺ هلي ٿو.

جنسي ڳوڙهيون

سنواريو

جديد تحقيق مطابق زبان جي چوٽيءَ تي هڪ انچ اندر جنسي ڳوڙهين جو مرڪز آهي. اهي ڳوڙهيون Filiform Papillae سان سلهاڙيل ٿين ٿيون. تنهن ڪري هي ڳوڙهيون Filiform Papillae وانگي ڇهڻ واري حس سان تعلق رکن ٿيون. هنن ڳوڙهين ۾ جنبش تڏهن ايندي آهي. جڏهن مخالف جنس جي زبان، ٻيءَ زبان کي ڇهي. اهي ڳوڙهيون مردن جي مقابلي ۾ عورتن ۾ وڌيڪ ٿين ٿيون.

زبان جو فعل

سنواريو
(Function of Tongue)
  • 1. ماڻهو جيڪو کاڌو کائي ٿو، انهيءَ کي چٻاڙڻ (Mastication)، يعني ڏندن ۽ تارونءَ جي وچ ۾ اُٿل پٿل ڪرڻ، سواد محسوس ڪرائڻ ۽ زور ڏيڻ. گھربل پِڪَ سان ملائڻ زبان جو ڪم آهي.
  • 2. چٻاڙيل کاڌي، پٽڙي شيءِ يا پاڻيءَ وغيره کي ڳيت ڏيئي، نڙيءَ کان هيٺ لاهڻ.
  • 3. آواز ڪڍڻ ته آواز جي توتارين (Vocal Cords) جو ڪم آهي، پر انهن کي لفظ ڏيڻ (اُچار ڏيڻ) زبان جو ڪم آهي. جڏهن زبان جو فالج ٿيندو آهي، ته مريض جو آواز بند ڪونه ٿيندو آهي، پر يا ته ڳالهائڻ چچرجي نڪرندو آهي يا ڳالهائڻ بند ٿيندو آهي.
  • 4. زبان جو وڏو بنيادي ڪم اهو آهي ته ڪنهن به کاڌي پيتي جي شيءِ جو سواد معلوم ڪرڻ هوندو آهي ته شيءِ مٺي آ هي، ڪوڙي آهي، کٽي آهي يا لوڻاٺيل (چهري) آهي.[1]
  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012