ڄيٺي سپاھيملاڻي

سنڌي سياستدان

ڪماري ڄيٺي تلسي داس سپاھيملاڻي (10 فيبروري 1906ع - 21 مئي 1978ع) سنڌي سياستدان ۽ سنڌ قانون ساز اسيمبلي جي پھرين عورت ڊپٽي اسپيڪر ھئي.[1]

ڄيٺي تلسيداس سپاھيملاڻي
ڪماري
ڊپٽي اسپيڪر، سنڌ اسيمبلي
1938 کان 6 سيپٽمبر 1946 تائين
ذاتي تفصيل
پيدائش 10 فيبروري 1906
حيدرآباد، سنڌ
وفات 21 مئي 1978
انڊيا ۾
سياسي جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس

ابتدائي زندگي سنواريو

سپاھيملاڻي 10 فيبروري 1906ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائي. ھن شروعاتي تعليم ڪندن مل گرلز ھاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ انڊين گرلز اسڪول ڪراچي کان حاصل ڪئي. ھن ديا آشرم ۾ پرنسيپال طور خدمتون پڻ سرانجام ڏنيون.[2]هيءَ 10 فيبروري سنه 1906ع تي، حيدرآباد ۾ سپاهيملاڻي ديوانن جي فيملي ۾ مسٽر تلسيداس جي گهر ۾ پيدا ٿي، جو ملٽري سروس ۾ پهريون سينئر هيڊ ڪلارڪ هو، جتان پوءِ آرمي ۾ ليفٽيننٽ ٿي رٽائر ڪيائين. کيس ٻه ڀائر (1) مسٽر ليکراج، ۽ (2) مسٽر اڌارام ۽ ٻه ڀيڻيون هيون. هن پهرين ڪندنمل گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ تعليم ورتي. سنه 1920ع ۾، هي جڏهن ڪراچي لڏي ويا، ته انڊين هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪري، ڊي جي. سنڌ ڪاليج مان. بي. اي. پاس ڪيائين. اسڪول توڙي ڪاليج ۾ شاگردن جي جماعتن ۾ مکيه پارٽ ورتائين. کاڌي تحريڪ وقت وديشي ڪپڙا ساڙي، کاڌي پائڻ شروع ڪيائين. سائمن ڪميشن اچڻ وقت شاگردن کان ڪارا جهنڊا کڻائي، "سائمن گو بئڪ" جا نعرا هڻايائين[3]

سياسي زندگي سنواريو

ھن 1930ع تي نوڪري ڇڏي ھندوستان مٿان برطانوي قبضي خلاف جاري تحريڪ ۾ حصو ورتو. لوڻ مارچ ۽ ھندوستان ڇڏي وڃو تحريڪ ۾ حصو وٺڻ سبب 1932ع کان 1942ع تائين ڪيترا ئي دفعا جيل پڻ وئي.[4] سپاھيملاڻي ٻہ دفعا عام سيٽن تي ڪاميابي ماڻي سنڌ قانون ساز اسيمبلي جي رڪن مقرر ٿي ۽ 1937ع تي سنڌ اسيمبلي جي پھرين عورت ڊپٽي اسپيڪر چونڊي وئي.[1][4]سائين جي ايم سيد لکي ٿو تہ:سنه 1929ع ۾، هن تعليم ڇڏي ملڪ جي شيوا ڪرڻ شروع ڪئي. لاهور جي آل انڊيا ڪانگريس اجلاس ۾ سنه 1929ع ۾ شرڪت ڪيائين. آزاديءَ جي جدوجهد جي سلسلي ۾، هيءَ 31- 1930ع ۾ ٿوري وقت لاءِ جيل ۾ ويئي، وري سنه 1932ع ۾ ڇهن مهينن لاءِ سابرمتي جيل ۾ ويئي. سنه 1942ع ۾ "ڪئٽ انڊيا" تحريڪ وقت ٻن سالن لاءِ سيڪيوٽي ايڪٽ هيٺ جيل ۾ رهي. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي يوٿ لاج جي پريزيڊنٽ به رهي چڪي هئي. سنه 1930ع ۾ هيءَ ڪراچي ميونسپل اسڪول بورڊ تي ميمبر چونڊجي آئي، جتي سنه 1935ع تائين رهي. ان وقت آچاريه آسودومل گدواڻي ميونسپل اسڪول بورڊ جو ائڊمنسٽريٽو آفيسر هو. هو وڏو عالم، مخلص قومي ڪارڪن، آدرشي انسان هو، ان سان گڏجي، هن ڪراچي شهر جي زناني تعليم لاءِ گهڻو ڪجهه ڪم ڪيو.[3]. هوءَ آل انڊيا وومينس ڪانفرنس سنڌ جي پريزيڊنٽ رهي چڪي آهي. ڪشور ٻائي گانڌي ميموريل فنڊ سنڌ جي پريزيڊنٽ هئي. نرسن ۽ مڊوائيفن جي ڪائونسل جي پڻ پريزيڊنٽ رهي آهي. سنه 1934 ۾، ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن تي مردن جي مقابلي ۾ بيهي، ڪامياب ٿي. مارچ 1931ع جي آخر ۾ آل انڊيا ڪانگريس جو ساليانه اجلاس سردار ولڀ ڀائي پٽيل جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ ڪٺو ٿيو. ان موقعي تي مسٽر سنتداس عيدنمل وڪيل والنٽيئرن جو ڪئپٽن مقرر ٿيو. زالن والنٽيئرن جي مهندار پارپتي گدواڻي هئي. انهن سان گڏجي هن ڪم ڪيو. ان وقت 27 مارچ تي، آل انڊيا ٻالڪن جي باريءَ جو اجلاس مسز ڪملا ڇتو، ٻڌيا جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو. انهيءَ وقت صوبي سنڌ جي ٻالڪن جي ٻاريءَ جي هيءَ پريزيڊنٽ هئي ۽ ستي آڏواڻي سيڪريٽري هئي. ان کانپوءِ، ڪانگريس جي پروگرام موجب، شراب جي بهشڪار، کاڌيءَ جي پرچار، اڇوتن جي اڌار لاءِ سارو وقت ڪم ڪندي رهي. ميونسپل اسڪول بورڊ جي ميمبري، وقت ڪافي مشهوري حاصل ڪري ويئي هئي، ان ڪري جڏهن سنڌ جدا ٿيڻ بعد سنڌ اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون، ته هيءَ جنرل تڪ مان زالن طرفان ڪانگريس ٽڪيٽ تي اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آئي، جتي کيس ڪجهه وقت بعد 1938ع ۾، ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو، جنهن عهدن تي 6 سيپٽمبر 1946ع تائين رهي.[3].هيءَ پاڪستان بنجڻ کان پوءِ به پاڪستان ۾ رهي پيئي هئي، پر 6 جنوري 1948ع تي، ڪراچيءَ ۾ وڳوڙن ٿيڻ بعد، هندن جو پاڪستان ۾ رهڻ مشڪل سمجهي، هوءَ لڏي بمبئي ويئي، جتي سنه 1952ع کان سنه 1962ع تائين پهريائين بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۽ پوءِ مهاراشٽرا ڪائونسل جي ڊيپوٽي چيئرمين ٿي رهي. سنه 1958ع ۾، بمبئي ليجسليٽو طرفان انگلينڊ ۾ ڪامن ويلٿ پارليامينٽري ايسوسيئيشن جي ميٽنگ لاءِ کيس موڪليو ويو. هيءَ بمبئيءَ جي نو جيون ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيءَ جي چيئرمين پڻ رھي. ان ذريعي ٽن اسڪيمن ۾ هڪ هزار گهر اڏائي چڪي ھئي، جن ۾ ماڻهو ويٺا آهن. چوٿين اسڪيم ۾ 700 گهر تعمير ڪرايائين. اها هندستان ۾ وڏي ۾ وڏي ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي سڏي ويندي هئي.[3]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "Shehla sets new record by retaining office" (en ۾). ڊان. 31 May 2013. https://www.dawn.com/news/1015020. Retrieved 19 December 2018. 
  2. "Jethi Sipahimalani: Biography: Sindhi Woman: Freedom Fighter: Sindhi Politics". دي سنڌو ورلڊ. حاصل ڪيل 19 December 2018. 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005
  4. 4.0 4.1 "Sindhi Personalities - Kumari Jethi Tulsidas Sipahimalani". سنڌلاجي. حاصل ڪيل 21 December 2018.