ڄاڱري ٻير جابلو ٻير جو هڪ قسم آهي، جنهن کي ’ڇاپرو ٻير‘ به چوندا آهن، ڇو ته سنڌيءَ ۾ جبل کي ڇپر به چوندا آهن ۽ ڇپر جي نسبت سان هن ٻير کي ڇاپرو به سڏبو آهي. هن ٻير ۾ تمام گهڻا ڪنڊا ٿيندا آهن، جيڪي ننڍڙا ۽ ڪُنڍڙا ٿين ٿا، جنهنڪري ٻير پَٽيندڙن کي خيال ڪرڻو پوندو آهي، ڇو ته اُهي هٿن ۽ آڱرين ۾ چُڀي پوندا آهن ۽ سخت سُور ڪندا آهن. هنن ڪنڊن کان ٻيرَ پَٽيندڙ ڪپڙا به بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هن ٻير جا ٻير عام ٻيرن کان ننڍا ٿيندا آهن ۽ انهن جو رنگ گهَرو ناسي (maroon) ۽ چهچ ڳاڙهو به ٿيندو آهي. هن ٻير جو قد عام ٻيرين کان ننڍو ٿيندو آهي. ڄاڱري ٻير ٿر ۾ به ٿيندي آهي ۽ اُتي جبل واري ٻير کان وڌيڪ گهاٽي ٿيندي آهي. ٻيرن جي مُند ۾ عام ماڻهو ٻيرن جون ڇَٻيون ڀري، شهرن ۾ کَپائڻ ايندا آهن. ڄاڱرا ٻير ڏاڍا مِٺا ۽ سوادي ٿيندا آهن.[1]