ڄاڙي، مٿي جي کوپڙيءَ جي هڏي سان لاڳاپيل مُنهن جي سامهون وارن هڏن جي ٻن پڙن تي ٻڌل هڪ هڏائون عضوو آهي. هڪ مٿيون پڙ، جنهن کي مٿين ڄاڙي (maxilla) چئبو آهي. جڏهن ته ڄاڙيءَ جي هيٺينءَ پُڙ کي هيٺين ڄاڙي (mandible) چئبو آهي. جڏهن ٻار اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ ڪچو (foetus) هوندو آهي ته ان وقت قدرتي طور هي ٻئي پُڙ الڳ ٺهڻ شروع ٿيندا آهن.

هيٺين ڄاڙي

ڄاڙيءَ جي بناوٽ سنواريو

  • مٿين ڄاڙي (Maxilla): ڄاڙيءَ جي هن حصي ۾ وات جو سامهون وارو حصو، تارون، اکين جي کوپن جو پويون حصو، نڪ جي سوراخن جو پويون حصو، منهن جي سوراخن جا هوادان (Frontal Sinus)، جيڪي لعابي پردن جي ذريعي نڪ جي سوراخن سان ڳنڍيل هوندا آهن، شامل هوندا آهن. ان کان سواءِ ڏندن جي مٿين ٻٽيهيءَ جا لڳ ڀڳ سورنهن ڏند ۽ مٿيون مهارون به اُن ۾ اچي وڃن ٿيون.
  • هيٺين ڄاڙي Mandible: کوپريءَ جي سڀني هڏن ۾ هيٺين ڄاڙي هڪ واحد هڏو آهي، جيڪو هيڏي هوڏي ۽ هيٺ مٿي چري پري (هلي) سگھي ٿو. هيٺين ڄاڙي وري ٻن هڏن جو ڳانڍاپو آهي؛ يا کڻي ايئن چئجي ته ٻن هڏن ۾ ورهايل آهي. هڪ سڌو هڏو جيڪو کاڏيءَ کان وري ٻئي پاسي وري يا هليو/ وڌي وڃي ٿو، جنهن ۾کاڏي، هيٺين ٻٽيهي جا پڻ لڳ ڀڳ سورنهن ڏند ۽ هيٺيون مهارون اچي وڃن ٿيون. ڄاڙي هيٺين ڄاڙيءَ جو ٻيو اڀو هڏو، جيڪو هيٺين ڄاڙيءَ جي ڪنڊ کان اڀري مٿي مٿين ڄاڙيءَ ڏي ڪن جي پاڙ تائين وڃي ٿو.

هيٺين ڄاڙيءَ جو اڀو هڏو اڳتي هلي مٿي (پڇڙيءَ) چوٽيءَ وٽ ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. هڪ حصي کي Candy lar Process چئجي ٿو ۽ ٻئي حصي کي Coronoid Process چئجي ٿو. ياد رهي ته ڄاڙي جي اڀي هڏي جو هيءُ حصو Coronoid Process ڄاڙيءَ مشڪن، رت ناڙين ۽ ٻنڌڻن سان واڳيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو مشڪن ۽ ٻنڌڻن جي ڪري هيٺين ڄاڙي هيڏي هوڏي يا هيٺ مٿي چري پري (هلي) سگھندي آهي.

ڄاڙيءَ جو ڪم سنواريو

مٿين ڄاڙي (Maxilla) منهن جي ٻين عضون جي مددگار آهي؛ تنهن ڪري مٿين ڄاڙي ٻين عضون جو مددي ڪم ڏيئي ٿي. هيٺين ڄاڙي، ڄاڙيءَ جو اهو (حصو) پڙ آهي، جيڪو پنهنجي اڀي هڏي جي هڪ حصي (Coronoid Process) جي مشڪن ۽ ٻنڌڻن (Ligaments) سان لاڳاپيل هئڻ ڪري هيڏي هوڏي يا هيٺ مٿي چري پري سگھندو آهي، تنهن ڪري هيٺين ڄاڙي وات کولڻ ۽ بند ڪرڻ، کاڌي چٻاڙڻ جو ڪم ڏيئي ٿي.[1]

حوالو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012