ڄام تماچي ٻيون(انگريزي: Jam Tamachi second) جنت السنڌ مطابق: ڄام بابينه ثانيءَ کان پوءِ، سندس ڀاءُ ڄام تماچي سمن جو حاڪم ٿيو. اڳ دهليءَ ۾ نظربند هو. شيخ حماد جمالي جنهن جي خانقاه مڪليءَ هيٺان آهي، تنهن جي دعا سان تماچي ۽ سندس پٽ ڄام صلاح الدين سنڌ ڏانهن موٽي آيا. ٻنهي ڄڻن کي ڄام جوناهه خان خفيه طور دهلي روانو ڪيو هو.[1] ٺٽي تعلقي ۾ ڪينجهر جي ڍنڍ اڄ تائين موجود آهي. انهيءَ ڍنڍ جي ڪناري تي گنڌرا (مهاڻا) رهندا هئا، جي ڪينجهر جي آس پاس جي ڍنڍن جي مڇيءَ پيدائش وغيره جا اجاره دار هئا. وٽن هڪڙي خوبصورت ڇوڪري ’نوري‘ نالي هوندي هئي. چون ٿا ته هوءَ دراصل ڪا وڏ گهراڻي ڇوڪري هئي، پر ننڍي هوندي ڪنهن طرح مهاڻن سان گڏجي ويئي هئي، جنهن پنهنجو ڪري نپايو هوس. ڄام تماچي ڪينجهر ۾ شڪار ڪندي مهاڻن وٽ ڇوڪري ڏٺي، سو دل ديواني ٿي پيس ۽ مهاڻن کان سندس سڱ گهريائين. مهاڻن ان کي پنهنجي خوش نصيبي سمجهي، نوريءَ سان سندس نڪاح قبول ڪيو. ڄام نوريءَ لاءِ ڪينجهر جي ڪپ تي شاهي محلات ٺهرايو. مهاڻن کي ڍنڍ جو اجارو معاف ڪيو ۽ ٻيون به ڪئين بخششون ساڻن ٿيون. ڄام تماچي اڪثر وقت گنڌرن توڙي پنهنجي ٻئي پورهيت عوام سان گذاريندو هو. تماچي ۽ نوريءَ جون قبرون شيخ حماد اولياءَ جي مقبري هيٺان گڏوگڏ آهن. هي قصو به سنڌ جو هڪ لاثاني رومانوي داستان شمار ڪيو ويندو آهي.[1]

ڄام تماچي ٻيون[1]
سنڌ جو سلطان
پيشرو جنت السنڌ مطابق: ڄام بابينو ٻيون[1]
جانشين جنت السنڌ مطابق:[1]ڄام صلاح الدين
پورو نالو
ڄام تماچي پٽ خيرالدين سمو
گهراڻو سمو
شاھي گھراڻو سمن جي بادشاهي
پيءُ خيرالدين [1]
مذھب اسلام
  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي