ڄام بابينو ٻيون(انگريزي: Jam Babina second) جنهن کي فيروز شاهه تغلق دهليءَ ڏانهن وٺي ويو هو، تنهن سلطان فيروز شاهه کي اهڙو راضي ڪيو، جو ان سنڌ جي حڪومت جو پروانو ڏيئي کيس سنڌ ڏي موڪليو. سنڌ ۾ وري اچڻ کان پوءِ ساموئيءَ ۾ اچي، هن حڪومت جو نئين سر بندوبست ڪيو. ’تحفة الڪرام‘ (جلد-3، ص-182/183) ۾ لکيل آهي ته هن 15 ورهيه حڪومت ڪئي ۽ ساموئيءَ جي شهر کي وري نئين سر تعمير ڪرايو هئائين.[1]

ڄام بابينو ٻيون[1]
سنڌ جو سلطان[1]
پيشرو ڄام خيرالدين[1]
جانشين ڄام تماچي ٻيونجنت السنڌ مطابق:[1]
پورو نالو
ڄام بابينو پٽ خيرالدين سمو
گهراڻو سمو
شاھي گھراڻو سمن جي بادشاهي
پيءُ خيرالدين [1]
مذھب اسلام

تحفته الڪرام جو بيان سنواريو

خير الدين کان پوءِ هن جو پٽ ”ڄام ٻانڀڻيو“ (ٻيو) گاديءَ تي ويٺو. ]هن جي ڏينهن ۾ سلطان فيروز شاهه هڪ دفعو اچي موٽي ويو، ۽ ٻئي دفعي کيس قيد ڪري وٺي ويو . ٿوري وقت کان پوءِ سندس حسن خدمتون (چڱيون نوڪريون) ڏسي، کيس ڇٽ عنايت ڪري، سنڌ جي حڪومت تي موڪليائين. هو پندرنهن سال حڪومت ڪري گذاري ويو. ”ساموئي“ جو شهر هن ٻڌايو هو. ڪي چون ٿا، ته ٻڌايل ڀنڀي بن انڙ جو آهي، پر هن انهيءَ کي وڌايو هو[2].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تحفة الڪرام :مصنف؛ مير علي شير قانع ٺٽوي : مرتب؛ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: مترجم؛ مخدوم امير احمد: ايڊيشن؛ پهريون 1975، ٻيو 1978ع، ٽيون 1989ع، چوٿون 1994ع، پنجون 2004ع: ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو