پيرپور رپورٽ
پيرپور رپورٽ(انگريزي: Pirpur Report ) آل انڊيا مسلم ليگ جي ڪائونسل 10 مارچ 1938ع تي، هڪ ڪاميٽي يونائيٽيڊ پراونسز جي مغل اشرافيه جي خاندان جي ھڪ وارث راجا سيد محمد مھدي آف پيرپور جي صدارت هيٺ مقرر ڪئي، جنهن جي حوالي اهو ڪم لڳايو ويو تہ هو انهن ھندو مسلم فساد وارن واقعن جي تحقيق ڪري، جيڪي ڪانگريس وزارتن جي دور ۾ رونما ٿيا آهن. ان ڪاميٽيءَ جي رپورٽ پيرپور رپورٽ جي نالي سان پڌري ٿي. اھا مسلم ڪيس جي چٽن دليلن واري ھڪ بھترين لکت آھي[1]. ان ۾ اتر اولھ سرحدي صوبي کي ڇڏي ڪري ڪانگريس جي حڪومت وارن باقي سمورن صوبن جي واقعن جا مختصرن تفصيل بيان ڪيل آهن جيڪي ڪاميٽي ذاتي انڪوائريون ڪري ڪٺا ڪيا ھئا. رپورٽ ڪانگريس جي بند دروازي واري پاليسي کي نروار ڪري ٿي ۽ ثابت ڪري ٿي تہ برطانوي طرز واري پارلياماني حڪومت انڊيا ۾ ھلڻ جھڙي ناھي[1][2]. پيرپور رپورٽ کان پوءِ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڪوپ لينڊ جي رپورٽ پڌري ٿي، جنهن ڪانگريس حڪومتن لاءِ هيٺين رپورٽ درج ڪئي آهي: آڪٽوبر 1937ع جي شروعات کان وٺي، سيپٽمبر 1939ع جي آخر تائين، ڪانگريسي صوبن ۾، 57 زبردست فساد ٿيا. انهن مان بهار ۾ 15، يو پي ۾ 14، سي پيءَ ۾ 11، مدراس ۾ 8، بمبئيءَ ۾ 7، اوڙيسيا ۾ 1 ۽ اتر اولھ سرحد صوبي ۾ 1، انهن فسادن ۾ قتل ٿيلن جو اندازو 17000 هزار هو.“ اهو فسادن جو سلسلو هلندو رهيو. 1944ع ۾ محمد علي جناح، علي ڳڙه ۾ هڪ تقرير ڪئي جنھن ۾ ۽ پشاور ۾ 27 نومبر 1945ع تي وڌيڪ ان جي وضاحت ڪندي فرمايو: ”اسان ٻنهي قومن ۾، صرف مذهب جو فرق ناهي؛ اسان جو ڪلچر، هڪ ٻئي کان جدا آهي؛ اسان جو دين، اسان کي هڪ جداگانه قانون حيات ٿو ڏئي، جو زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اسان جي رهنمائيءَ لاءِ ڪافي آهي. اسان ان نصب العين تي زندگي گذارڻ گهرون ٿا.“ [3] جون 1945ع ۾، فرنٽيئر مسلم اسٽوڊنٽس جي نالي پنهنجي پيغام ۾ محمد علي جناح فرمايو: ”پاڪستان مان اسان جو مطلب اهو ناهي تہ اسان غير ملڪي حڪومت کان آزادي ٿا گهرون، پر ان مان اها مراد آهي تہ اسان جو ’اسلامي نطريه حيات‘ هجي، جنهن جي حفاظت ضروري آهي. اسان کي رڳو پنهنجي آزادي حاصل ڪرڻي ناهي، پر قابل بہ ٿيڻو آهي، جيئن اسان ان جي حفاظت بہ ڪري سگهون ۽ اسلامي تصورن ۽ اصولن تي زندگي بہ گذاري سگهون.“ ان حوالي سان، جواهر لال نهرو اعلان ڪيو تہ: ”هندوستان ۾ رڳو ٻه قوتون آهن، هڪ انگريز ٻي ڪانگريس!“ جنهن جي جواب ۾ جناح چيو تہ ”بيشڪ! ٽين قوت بہ آهي، جيڪا آهي مسلمان!" 1946ع ۾، برطانيه مان هڪ وزارتي مشن آيو، جنهن هندو مسلم مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ، مختلف سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. پر مسلمانن ان کي رد ڪري ڇڏيو. ان جي رد عمل طور بمبئيءَ ۾ مسلم ڪائونسل ’راست اقدام‘ جو اعلان ڪيو. 16 آگسٽ 1946ع تي ڪلڪتي ۾ وڏا فساد ٿيا، جنهن ۾ شهري ماريا ويا، ڪروڙن جي جائداد ساڙي وئي. محمد علي جناح اعلان ڪيو تہ: ”پاڪستان هاڻي مسلمانن لاءِ زندگيءَ جو هڪ لازمي شرط بنجي چڪو آهي، ان کي دنيا جي ڪا بہ طاقت ٽاري نه ٿي سگهي!“ [4]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 [Understanding Partition: India Sundered, Muslims Fragmented By Yuvraj Krishan-Published by Bharatiya Vidya -1st edition 2002-page no 113,114]
- ↑ https://books.google.com.pk/books?id=TA0nMrYpWioC&pg=PA111&lpg=PA111&dq=pirpur+report&source=bl&ots=yYjKxaqbl3&sig=ACfU3U185MfgNt3CGtbpfa6rAEZBD3hKqw&hl=en&sa=X&ved=2ahUKEwixp9-DnOrtAhUUXMAKHSTFDWAQ6AEwEnoECAwQAQ#v=onepage&q=pirpur%20report&f=false. Missing or empty
|title=
(مدد){ } - ↑ 27 تقرير: نومبر 1945ع، ايڊورڊز ڪاليج پشاور
- ↑ Sindhi Adabi Board Online Library (Specialized)