هندو مسلم ٽڪراءُ

1857ع جي جدوجهد جي ناڪاميابيءَ کان پوءِ هندو مسلم ٽڪراءُ (Hindu-Muslim Conflict) جو سلسلو گهڻو وڌي ويو.

گڻپتي جلوس جي واقعي کان پوءِ فسادن جي شروعات

سنواريو

گنپتي جلوس، جنهن کان فسادن جي شروعات ٿي. رولٽ ڪميٽيءَ جي رپورٽ جي شروعات هنن لفظن سان ٿئي ٿي، ته اولهه هندوستان ۾، فسادن جي تحريڪ جا آثار، شروعات ۾ ٻن ساليانا ميلن ۾ ٿيا، جن مان هڪ هندو ديوتا گنپتي جي اعزاز ۾ ٿيو ۽ ٻيو مرهٽي شيواجيءَ جي اعزاز ۾ ٿيو، ’گڻپتي‘ جي ميلي جي شروعات 1893ع وارن بمبئيءَ جي فسادن سان گڏ ٿي.

فسادن جو لڳاتار سلسلو

سنواريو

’فساد‘گڻپتي جلوس کان شروع ٿيا، پر آر. سي. موجمدار، پنهنجي ڪتاب ”History of the freedom movement in India“ ۾ هندو مسلم فسادن جي سلسلي ۾، ٻڌايو آهي ته فساد ان کان به اڳ شروع ٿيا هئا. انگريز جي عملداريءَ ۾ سڀ کان پهريون هندو مسلم جهييڙو 1804ع ۾، بنارس ۾ ٿيو. پر 1839ع ۾ گنپتي جي جلوس نڪڙن دوران پڻ فساد ٿيا. آر. سي. موجمدار جي مطابق 19 صديءَ جي شروعات ۾ بنارس ۾ هڪ وڏو فساد ٿيو.

  • 1809ع ۾ فسادين، اورنگزيب جي شاهي مسجد تي حملو ڪيو، ان کان پوءِ سڄي شهر ۾ فساد پکڙجي ويا.
  • 1877ع ۾ نواب جنجيره جي رياست ۾ هندو مسلمان فساد ٿيا.
  • 1885ع ۽ 1893ع جي وچ ڌاري، فسادن ۾ واڌارو آيو.
  • 1885ع ۾ لاهور ۾ فسادَ ٿيا.
  • 1886ع ۾ دهليءَ ۾ فساد ٿيو. اتي به قتل ۽ غارت جي بازار گرم رهي.
  • 1889ع ۾ هوشيارپور، لڌياڻا ۽ انبالا ۽ ديري غازي خان ۾ هندو مسلم فساد ٿيا.
  • 1893ع ۾ يو- پيءَ جي اعظم ڳڙهه ۾ فساد ٿيو.
  • 1894ع ۾ بمبئيءَ ۾ هندو مسلم فساد ٿيا، جيڪي ڇهن ڏينهن تائين هلندا رهيا.
  • 1894ع ۾ عيسا خيل (ضلع ميانوالي) ۾ هندو مسلمان فساد ٿيو.
  • 1894ع ۾ بهار ۾ هندو مسلمان فساد ٿيا.
  • 1897ع ۾ ڪلڪتي ۾ هندو مسلمان فساد ٿيا.
  • 30 سيپٽمبر 1917ع تي انهن هندو مسلم فسادن سبب ڳوٺ ابراهيم پور سڙي خاڪ ٿي ويو. ان ڪري ڀرسان وارن ننڍن ڳوٺن ۾ هٿو هٿ (دست بدست) جنگ ٿيندي رهي.
  • 2 آڪٽوبر 1917ع تي اهڙو فساد ٿيو، جيڪو ست ڏينهن هلندو رهيو هو. انهن فسادن ۾، ضلع ’گيا‘ ۾ ٽيهه ڳوٺ ساڙيا ويا. فسادين کي ڊفينس آف انڊيا ايڪٽ ۾ سزائون پڻ مليون.

1918ع ۾ هردوار کان 6 ميل پري، ڪٽارپور ۾ فساد ٿيو، ۽ گهر ساڙيا ويا ۽ 300 مسلمان قتل ڪيا ويا ۽ 600 مسلمان زخمي ڪيا ويا، جن ۾ عورتون پڻ هيون. [1]