پريوگ
پريوڳ__(Piryog):
پريوڳ سنسڪرت لفظ آھي، جنھن جي لغوي معنيٰ آھي ”ميلاپ“ . علم صرف و نحو جي زبان ۾ ٻين لفظن (فعل ۽ فاعل يا فاعل ۽ مفعول) جي ڳانڍاپي (ميلاپ) کي ”پريوگ “ چئبو اھي. ڪڏھن ڪڏھن فعل ٻنھي کان بلڪل علحده بہ ھوندو آھي. گرامر موجب ”پريوگ“ جا ٽي قسم آهن: پريوڳ ڪرتري، پريوڳ ڪرمڻي ۽پريوڳ ڀاوي.پريوگ ڪرتري: جڏهن فعل جو تعلق فاعل سان هجي. پريوگ ڪرمڻي: جڏهن فعل جو تعلق مفعول سان هجي. پريوگ ڀاوي: فعل نه فاعل سان نه ئي مفعول سان ڦري ته اهو ڀاوي پريوگ سڏبو.[1] وياڪرڻ جي ڄڻ ماهرن موجب پريوڳ اصل ۾ سنڌي ٻوليء جو لفظ آهي جيڪو سنسڪرت ۾ پريوگ طور مُروج آهي جيئن سنڌي ۾ آڪاس ۽ سنسڪرت ۾ آڪاش. اهڙا کوڙ مثال آهن. اصل ۾ 1600 ق. م کان 1100 ق. م ۽ ڪن محققن موجب 900 ق. م تائين ڄاڻائيل ويدڪ دور ۾ ۽ ان کان پوءِ بہ سنڌي ۽ سنسڪرت ٻوليون ٻہ الڳ پُور وڇوٽ ۽ نج نبار ٻوليون رهيون آهن. فرق اهو رهيو تہ سنسڪرت صرف سرڪاري ۽ درٻاري ٻولي رهي جنهن جي ڪا قوم يا ڪو قبيلو نہ هو پر سنڌي عوامي ٻولي آهي جنهن جو قبيلو تہ ڇا قوم صدين کان اڄ تائين آهي. اسان جي سنڌي ٻوليء جي ماهرن اڪثر سنڌي ٻوليء جي اصلي لفظن جو ڌاتو سنسڪرت مان ڄاڻايو آهي, شايد ان ڪري تہ سنڌي ٻولي عربي فارسي ٻولين جي اثر هيٺ رهي آھي. اُھي اصل سنڌي جا لفظ عام واهپي ۾ نه رهيا ۽ جهڙو ڪر متروڪ ٿي ويا جنهڪري سنڌي ٻوليء جي ماهرن اصل سنڌي ٻوليء جي لفظ جو ڌاتو سنسڪرت مان ورتل ڄاڻايو.پريوڳ لفظ جي لغوي معنيٰ آھي ”ميلاپ“، "تعلق", "لاڳاپو يا "ڳانڍاپو". علم صرف و نحو يا وِياڪَرڻ يعني گرامر موجب پريوڳ جو عدد يا جنس جي نسبت سان فاعل يا مفعول سان لاڳاپو هوندو آهي. ٻوليء جي لحاظ کان فعل جو فاعل يا مفعول جي عدد يا جنس جي ڳانڍاپي کي ”پريوگ“ چئبو آھي. ڪٿي ڪٿي فعل ٻنھي کان بلڪل الڳ ٿلڳ پڻ ھوندو آھي.[2]
پريوڳ جا قسم
سنواريوسنڌي ٻوليء جي وِياڪرڻ يعني گرامر موجب ”پريوگ“ جا ٽي قسم ٿين ٿا.
1، پريوڳ ڪَرتَري
2، پريوڳ ڪَرمَڻِي
3, پريوڳ ڀاوِِي
- پريوگ ڪرتري:
ڪرتري معئي فاعل يا ڪم جو ڪندڙ، يعني فعل جو فاعل سان لاڳاپو. اهڙو پريوڳ جنهن موجب فعل جو تعلق فاعل سان هجي. ايئن کڻي واضح ڪجي تہ فعل ۽ فاعل جو اهڙو تعلق جنهن ۾ فعل فاعل جي عدد يا جنس جي نسبت سان تبديل ٿئي تہ فعل بہ عدد يا جنس جي نسبت سان تبڊيل ٿئي. انڪري اهو پريوڳ ڪرتري سڏبو آهي
مثال طور:
ڳيرو اُڏامي ٿو
ڳيرا اُڏامن ٿا
ڳيرِي اڏامي ٿي
ڳيرِيون اُڏامن ٿيون
يا
گهوڙو ڊوڙي ٿو.
گهوڙا ڊوڙن ٿا.
گهوڙِي ڊوڙي ٿي.
گهوڙيون ڊوڙن ٿيون.
ڄاڻايل جملن ۾ فاعل واحد مان جمع يا جنس مطابق تبديل ٿيڻ ٿا تہ فعل بہ عدد يعني واحد ۽ جمع يا جنس مطابق تبديل ٿئي ٿو.
- پريوگ ڪرمڻي:
ڪرمڻي معني مفعول يا جنهن تي ڪم ٿئي يعني فعل جو مفعول سان ڳانڍاپو. جڏهن فعل جو تعلق مفعول سان هجي ۽ مفعول عدد يا جنس مطابق تبديل ٿئي تہ فعل بہ تبديل ٿئي ٿو تہ اهڙو پريوڳ ڪرمڻي سڏبو آهي.
مثال طور:
اعجاز ڳيرو ڪُٺِو.
اعجاز ڳيرا ڪُٺا
اعجاز ڳيري ڪٺي
اعجاز ڳيريون ڪٺيون
ڄاڻايل جملن ۾ مفعول ڳيرو يا ڳيرِي آهي جنهن جي واحد جمع يا جنس مطابق تبديلي سبب فعل ۾ بہ عدد ۽ جنس موجب تبديلي اچي ٿي.
- پريوگ ڀاوي:[3]
ڀاوِي معني نيارو، الڳ ٿلڳ يا علحده يعني جنهن جو فاعل يا مفعول سان ڪو تعلق نه هوندو آهي. فعل نہ فاعل سان نه ئي مفعول سان عدد ۽ جنس موجب ڦري يا تبديل ٿئي ته اهڙو پريوڳ ڀاوي سڏبو آهي.
مثال طور:
ڇوڪري ڪتي کي ماريو
ڇوڪرن ڪُتن کي ماريو
ڇوڪريءَ ڪتي کي ماريو
ڇوڪريُن ڪُتن کي ماريو
يا هُن ڪتي کي ماريو
انهن ڪتن کي ماريو
چاڻايل جملن ۾ فاعل يا مفعول جي عدد يا جنس ۾ تبديلي سان فعل ماريو ۾ ڪا بہ تبديلي نہ ٿي اچي.
حوالا
سنواريو- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2022-11-02.
- ↑ "ڀاوي پريوڳ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-11-02.