پريم چند

انڊيا کان هندي ليکڪ

ڌنپت راءِ سِريواستَو، (pronounced [mʊnʃiː preːm t͡ʃənd̪] (About this sound ٻڌو), (پيدائش 31 جولاءِ 1880ع، وفات 08 آڪٽوبر 1936ع)، مُنشي پريم چند جي قلمي نالي سان ڄاتو ويندڙ[2][3]، جديد ادب لکڻ جي حوالي سان مشھور ھندستاني ليکڪ ھو. انڊين ننڍي کنڊ جي سڀني کان وڌيڪ مشھور ليکڪن مان ھڪ ھي بہ آھي ۽ ويھين صديءَ جي شروعاتي سڀني کان وڌيڪ ممتاز ليکڪن منجھ کيس ڳڻيو وڃي ٿو. سندس پنجن ڪھاڻين جو پھريون مجموعو "سوزِ وطن" جي نالي سان 1907ع ۾ ڇپيو.

پريم چند Premchand
پيدائش ڌنپت راءِ سِريواستَو Dhanpat Rai Srivastava
31 جُولاءِ 1880(1880-07-31)
لمهي, بنارس رياست, برٽش هندستان
وفات 8 آڪٽوبر 1936 (عمر 56 سال)
واراناسي, بنارس رياست, برٽش هندستان
قلمي نالو منشي پريم چند، نواب راءِ
ڌنڌو ناول نگار، مختصر ڪهاڻيڪار
ٻولي هندي, اردو
قوميت انڊين
مُکيه ڪم گئودان, بازارِ حُسن, ڪرم ڀومي, "شطرنج جا رانديگر", گبان, مانسرور, "عيدگاه"
Years active 1920–1936
جيون ساٿي پهرين زال (m. 1895; ڌار ٿيل) شيوراني ديوي (ش. 1906; died 1936)[1]
اولاد امرت راءِ

دستخط
مُنشي پريم چند

ھن "نواب راءِ" جي قلمي نالي سان لکڻ شروع ڪيو پر پوءِ تبديل ڪري "پريم چند" رکيائين. اڳتي ھلي اعزازي طور "مُنشي" جو لقب مليس. ناول لکندڙ، ڪھاڻيڪار ۽ ڊراما نگار. ليکڪ کيس "اُپَنياس سَمرت" ترجمو "ناول نگارن جو شھنشاھ" جي نالي سان ياد ڪندا آھن. سندس ڪم درجن کان مٿي ناولن، 300 جي لڳ ڀڳ ڪھاڻين، ڪيترائي مضمون ۽ ٻاھرين ادب جي ھنديءَ ۾ ڳڻپ جوڳن ترجمن تي مُشتمل آھي.

جيون ڪٿا سنواريو

شروعاتي زندگي سنواريو

ڌنپت راءِ 31 جولاءِ 1880ع ۾ ورناسي (بنارس) جي ويجھو ڳوٺ لامھي ۾ پيدا ٿيو. ھن جا وڏا ڪائيسٿ خاندان سان تعلق رکندڙ ھُيا. سندس ڏاڏو گُرو صاحب راءِ تپيدار ھُيو ۽ سندس پيءُ عجائب لعل ٽپال کاتي ۾ مُنشي ھُيو. سندس ماءُ آنندي ديوي ڪاراني ڳوٺ جي ھُئي، جيڪا امڪاني طور تي سندس ڪَھاڻي "بڙي گھر ڪي بيٽي" ترجمو "وڏي گھر جي نُنھن" جي لاءِ اُتساھہ جو ڪارڻ ھُئي[4]. عجائب لعل ۽ آنندي جي ٻارن مان ھي چوٿين نمبر تي ھُيو، پھريان ٻہ ڇوڪريون کير پياڪي ۾ ئي فوت ٿي ويون ھُيون ۽ ٽئين نمبر تي سوگي نالي ڇوڪري ھُئي[5]. سندس چاچو مھابير جيڪو ھڪ وڏو جاگيردار ھُيو، تنھن کيس "نواب جو لقب ڏنو. "نواب راءِ"سندس چونڊيل پھريون قلمي نالو ھُيو.[6]

ستن سالن جي عُمر ۾ ھن لامھي جي ويجھو موجود لالپور جي مدرسي ۾ پڙهائي شروع ڪئي[7]. اردو ۽ فارسي مدرسي جي مولوي کان سکيائين. اٺن سالن جي عُمر ۾ سندس ماءُ ڊگھو عرصو بيمار رھڻ بعد فوت ٿي وئي. سندس ڏاڏي جنھن ھن جي پرگھور لھڻ جي ذميواري کنئي ھُئي، سا بہ سُتت ئي گُذاري وئي[8]. اُن کانپوءِ ھي بلڪل اڪيلو ٿي ويو، ڇاڪاڻ تہ سندس وڏي ڀيڻ سوگيءَ جي اڳ ۾ شادي ٿي وئي ھُئي ۽ سندس پيءُ سدائين پنھنجي ڪم ۾ لڳو رھندو ھو. سندس والد جي پوءِ گورکپور ۾ بدلي ٿي وئي جتي ھُن ٻي شادي ڪري ورتي پر پريمچند کي اُن ويڳي ماءُ جو ڌيان گھٽ حاصل ٿي سگھيو، جنھن جو اثر سندس ڪم ۾ بار بار ظاهر ٿيندو رھيو.[9]

حوالا سنواريو

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو

سانچو:Premchand